Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 19:1 - Sindhi Bible

1 خداوند هيئن فرمايو تہ وڃي ڪنڀر جي جوڙيل هڪڙي مٽيءَ جي صراحي خريد ڪر، ۽ قوم جي بزرگن، ۽ ڪاهنن جي بزرگن مان ڪن کي پاڻ سان وٺ؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 خداوند مون يرمياہ کي چيو تہ ”وڃ ۽ ڪنڀر وٽان ٺڪر جي هڪڙي گھُگھي خريد ڪر. قوم جي اڳواڻن ۽ وڏن ڪاهنن مان بہ ڪن کي تون پاڻ سان وٺي وڃ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 19:1
20 Iomraidhean Croise  

۽ الياقيم، گهر جي ڪم ڪار سنڀالڻ واري کي، ۽ شبناہ محرر ۽ ڪاهنن جي بزرگن کي کٿا ڍڪائي، آموص جي پٽ يسعياہ نبيءَ وٽ موڪليائين.


هو انهي کي ڪنڀار جي ٿانوَ وانگر ڀڃندو، ۽ انهي کي ڪين ڇڏيندو، پر ڀڃي پرزا پرزا ڪندو؛ ايتري قدر جو انهن ٽڪرن ۾ اهڙو ٺڪر ڪونہ لڀندو، جنهن ۾ چلهہ مان ٽانڊو کڻجي، يا جنهن سان حوض مان پاڻي ڪڍجي.


خداوند مون کي هيئن فرمايو، تہ وڃي پنهنجي لاءِ سڻيءَ جو هڪڙو ڪمربند خريد ڪر، ۽ چيلهہ سان ٻڌ، ۽ اُهو پاڻيءَ ۾ نہ وجهہ،


تڏهن ملڪ جي بزرگن مان ڪي اُٿي قوم جي سڄي جماعت کي مخاطب ٿي چوڻ لڳا، تہ


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هي ٻئي دستاويز وٺ، هي جو مهر ڪيل آهي ۽ هي دستاويز جو کليل آهي، ۽ انهن کي هڪڙي ٺڪر جي ٿانوَ ۾ وجهہ؛ تہ گهڻن ڏينهن تائين قائم رهن.


صيون جا سڪيلڌا پٽ، جي عمدي سون سان مقابلي ڪرڻ جهڙا آهن، سي ڪيئن نہ ٺڪر جي ٿانوَن وانگر، جي ڪنڀار جي هٿن جا جڙيل آهن، سمجهيا ٿا وڃن!


اي آدمزاد، تون هڪڙي سر کڻ ۽ اُها پنهنجي اڳيان رک، ۽ انهي تي هڪڙي شهر جو نقشو ڪڍ، يعني يروشلم جو:


۽ اي آدمزاد، تون هڪڙي تکي ترار کڻ ۽ حجام جي پاڪيءَ وانگي اُها پنهنجي مٿي تي ۽ ڏاڙهيءَ تي گهماءِ: پوءِ تورڻ لاءِ هڪڙي ساهمي آڻ، ۽ انهن وارن جا حصا ڪر.


ٻڍي توڙي جوان، ڪنواري توڙي ننڍن ٻارن ۽ زالن کي اصل قتل ڪري ڇڏيو: پر جنهن ماڻهوءَ تي نشان هجي، انهي کي ويجهو نہ اچجو؛ ۽ منهنجي پاڪ مڪان کان شروع ڪريو. تڏهن هنن بزرگن کان شروع ڪيو، جي گهر جي اڳيان هئا.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ بني اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا، جن کي تون اُمت جا بزرگ ۽ اُنهن جا حاڪم ڄاڻين، تن کي منهنجي لاءِ گڏ ڪر، ۽ کين جماعت واري تنبوءَ ۾ وٺي اچ تہ توسان گڏ بيهن.


تڏهن سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جا بزرگ قائفا نالي سردار ڪاهن جي ايوان ۾ اچي گڏ ٿيا؛


هاڻي جڏهن صبح ٿيو، تڏهن سڀني سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جي بزرگن يسوع کي ماري وجهڻ لاءِ سندس برخلاف صلاح مشورت ڪئي:


۽ اسان وٽ اچي، پولس جو ڪمربند کڻي، پنهنجا هٿ پير ٻَڌي چوڻ لڳو، تہ پاڪ روح هيئن ٿو چوي، تہ جنهن شخص جو هي ڪمربند آهي، تنهن کي يهودي يروشلم ۾ هن طرح ٻَڌندا، ۽ غير قومن جي حوالي ڪري ڇڏيندا.


پر اهو خزانو اسان وٽ مٽيءَ جي ٿانوَن ۾ رکيل آهي، انهي لاءِ تہ معلوم ٿئي تہ اها وڏي قدرت خدا جي آهي، نہ اسان جي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan