Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 17:4 - Sindhi Bible

4 ۽ تون پاڻ، جيڪا ميراث مون توکي ڏني هئي، تنهن کان ڌار ٿيندين: ۽ جنهن زمين جو تون واقف ناهين، تنهن ۾ آءٌ توکان تنهنجي دشمنن جي خدمت چاڪري ڪرائيندس: ڇالاءِ جو اوهان منهنجي ڪاوڙ جي باهہ ٻاري آهي، جا هميشہ پئي ٻرندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 اوهين پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ جي ڪري اهو ملڪ وڃائي ويهندا، جيڪو مون اوهان کي ڏنو آهي. آءٌ اوهان کي هڪ اهڙي ملڪ ۾ اوهان جي دشمنن جو غلام بڻائيندس جنهن بابت اوهان کي ڪابہ ڄاڻ ڪانهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان منهنجي ڪاوڙ کي ڀڙڪايو آهي، جيڪا هميشہ ڀڙڪندي رهندي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 17:4
34 Iomraidhean Croise  

تہ آءٌ اسرائيل کي اُنهيءَ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس جو مون هنن کي ڏنو آهي؛ ۽ هيءُ گهر، جنهن کي مون پنهنجي نالي لاءِ پاڪ ڪيو آهي، سو پنهنجي نظر مان ڪڍي ڇڏيندس؛ ۽ اسرائيل سڀني قومن ۾ هڪڙو مثل ۽ پهاڪو ٿي ويندو:


۽ بابل جي بادشاهہ حمات جي ملڪ ۾ ربلہ منجهہ هنن کي قتل ڪرايو. انهيءَ طرح يهوداہ قيد ٿي پنهنجي ملڪ مان کڄي ويو.


پر جڏهن هنن کي آرام آيو، تڏهن وري بہ هو تنهنجي اڳيان بڇڙائي ڪرڻ لڳا: تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمن جي هٿن ۾ ڇڏي ڏنو، جي مٿن غالب ٿيا: انهيءَ هوندي بہ جڏهن هو موٽيا، ۽ تو وٽ دانهون ڪيائون، تڏهن تو اُهي آسمان مان ٻڌيون؛ ۽ ڪيترائي دفعا تو پنهنجي گهڻي رحم سان هنن کي ڇڏايو؛


۽ اُنهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ خداوند توکي تنهنجي ڏک، ۽ تنهنجي تڪليف، ۽ جنهن سخت پورهئي ۾ تون پيو هئين تنهن کان آرام ڏيندو،


ڇالاءِ جو قديم زماني کان توفت تيار ڪيل آهي؛ هائو، اهو بادشاهہ جي لاءِ تيار ڪيل آهي؛ هن انهي کي اونهو ۽ وڏو ڪيو آهي: انهي ۾ باهہ ۽ گهڻين ڪاٺين جو ڍير آهي؛ خداوند جو دم گندرف جي نهر وانگي انهي کي ٻاري ٿو.


تنهن ڪري خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي ڀڙڪي آهي، ۽ هن پنهنجو هٿ انهن تي کنيو آهي ۽ انهن کي ماريو اٿس، ۽ انهن جا مڙهہ گهٽين جي وچ ۾ ڪچري وانگر هئا، ۽ ٽڪر ڏڪي ويا، ڇالاءِ جو هن جي ڪاوڙ ڦري نہ ويئي آهي پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


ڏسو، اوهين سڀ جي باهہ ٻاريو ٿا، ۽ اُماڙيون چيلهہ سان ٻڌو ٿا: سي پنهنجي باهہ جي شعلي ۾، ۽ جيڪي اُماڙيون ٻاريون اٿوَ تن منجهہ هلو. اهو ئي منهنجي هٿان اوهان کي ملندو ۽ اوهين ڏک ۾ ليٽي رهندا.


۽ اهي ٻاهر نڪري انهن ماڻهن جا لاش ڏسندا جن منهنجو گناهہ ڪيو آهي: ڇالاءِ جو انهن جو ڪينئون نہ مرندو، ۽ نڪي انهن جي باهہ وسامندي؛ ۽ اُهي سڀني ماڻهن اڳيان ڪراهت جهڙي شيءِ ٿيندا.


مون پنهنجو گهر ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجو ورثو اُڇلائي ڇڏيو اٿم؛ مون پنهنجي دل جي پياري محبوبہ کي سندس دشمنن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو آهي.


۽ آءٌ انهن کي تنهنجي دشمنن وٽ انهي ملڪ ۾ موڪليندس، جنهن جي توکي خبر ڪانهي؛ ڇالاءِ جو منهنجي ڪاوڙ جي باهہ اوهان تي ٻري آهي.


تنهن ڪري آءٌ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي اُنهيءَ ملڪ ۾ اُڇلائيندس، جنهن جي اوهان کي خبر ئي ڪانهي، نڪي اوهان کي، نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي؛ ۽ اُتي اوهين ڏينهن رات ٻين معبودن جي عبادت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي ڪابہ مهرباني ڪانہ ڏيکاريندس.


هائو، اي خداوند، توکي خبر آهي تہ هنن منهنجي قتل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي صلاح ڪئي آهي؛ هنن جي بدڪاري معاف نہ ڪر، نڪي هنن جو گناهہ پنهنجي نظر کان لڪائي ڇڏ: بلڪ هنن کي پنهنجي اڳيان اونڌو ڪري ڪيراءِ، پنهنجي ڪاوڙ جي وقت هنن سان جوڳي هلت ڪر.


اسرائيل ڪو ٻانهو آهي ڇا؟ هو ڪو گهر ڄاول غلام آهي ڇا؟ ڇالاءِ هو لٽجي ڦرجي ٿو؟


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اي دائود جا گهراڻا صبح جي وقت عدالت ڪريو، ۽ جن تي ظلم ٿيو آهي تن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو، متان منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي نڪري، ۽ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري اهڙي ٻرڻ لڳي جو ڪوبہ وسائي نہ سگهيس.


اهو ماڻهو ڪونياہ نفرت جهڙو ڀڳل ٿانو آهي ڇا؟ هو اهڙو ٿانو آهي ڇا جو پسند ڪرڻ جهڙو ناهي؟ ڇالاءِ هو ۽ ان جو اولاد ٻاهر ڪڍيا ويا آهن ۽ انهي ملڪ ۾ ڦٽا ڪيا ويا آهن، جن جي هنن کي خبر ئي ڪانهي؟


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين چوندا تہ خداوند اسان جي خدا ڇالاءِ اسان سان هي سڀ جُٺيون ڪيون آهن؟ تڏهن انهن کي چئج، تہ جيئن اوهان مون کي ڇڏي پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين معبودن جي عبادت پئي ڪئي آهي، تيئن اوهين بہ، جو ملڪ اوهان جو ناهي تنهن ۾ ڌارين جي ٻانهپ ڪندا.


خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڳالهين ڪري آءٌ سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو منهنجو غصو ۽ منهنجو غضب هن هنڌ تي آهي؛ ماڻهوءَ توڙي جانور، جهنگ جي وڻن توڙي زمين جي ڦر تي اُهو اوتيو ويندو، ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجهامندو ئي ڪين.


اڙي اوهين سڀ، جي هتان لنگهو ٿا، تن جي لاءِ هي ڪجهہ بہ نہ آهي ڇا؟ نظر ڪريو ۽ ڏسو تہ جيڪو ڏک مون کي رسايو ويو آهي، تنهن جهڙو ڪو ٻيو ڏک آهي ڇا؟ جو ڏک خداوند پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ جي ڏينهن مون کي رسايو آهي.


اسان جو ورثو ڦيرائي ڌارين کي ڏنو ويو آهي، ۽ اسان جا گهر بيگانن کي.


۽ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس؛ آءٌ پنهنجي غضب جي باهہ توتي ڦوڪي وجهندس: ۽ آءٌ توکي جهنگلي ماڻهن جي هٿ ۾ ڏيندس، جي ماري چٽ ڪرڻ ۾ هوشيار آهن.


تنهنڪري آءٌ غير قومن مان تمام خراب ماڻهو آڻيندس، ۽ اُهي هنن جي گهرن جا مالڪ ٿيندا: آءٌ زور وارن جو فخر بہ ڀڃي ڇڏيندس، ۽ هنن جون پاڪ جايون ناپاڪ ڪيون وينديون.


خداوند توکي تنهنجن دشمنن جي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: تون هڪڙي رستي کان انهن تي ڪاهي ويندين، ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان ڀڄي ويندين: تون دنيا جي سڀني بادشاهتن ۾ رلندو وتندين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan