Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 17:1 - Sindhi Bible

1 يهوداہ جو گناهہ لوهہ جي قلم سان، ۽ هيري جي نوڪ سان لکيو ويو آهي: اهو سندن دل جي تختيءَ تي ۽ سندن قربانگاهن جي سڱن تي اُڪريو ويو آهي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! اوهان جو گناهہ مِٽجي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي دلين تي ائين اُڪريو ويو آهي جيئن لوهہ جي قلم سان پٿر جي تختيءَ تي. هائو، اوهان جي قربان‌گاهن جي ڪُنڊن وارن سڱن تي اوهان جي ڪفاري بدران ڄڻ تہ اهو گناهہ هيري جي نوڪ سان اُڪريو ويو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 17:1
15 Iomraidhean Croise  

ائين نہ ڪر تہ رحم ۽ سچ توکي ڇڏي وڃن: انهن کي پنهنجي ڳچيءَ سان ٻڌي ڇڏ: انهن کي پنهنجي دل جي تختي تي لکي ڇڏ:


انهن کي پنهنجين آڱرين تي ٻڌي ڇڏ؛ انهن کي پنهنجي دل جي تختيءَ تي لکي ڇڏ.


ڏس، مون توکي پنهنجي هٿن جي ترين تي اُڪري ڇڏيو آهي؛ تنهنجي شهرِ پناهہ هميشہ منهنجي سامهون آهي.


ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن؛ ۽ جيتريون يروشلم جون گهٽيون آهن اوتريون اوهان انهيءَ شرم جهڙي شيءِ جي لاءِ قربانگاهون ٺاهيون آهن، يعني بعل جي لاءِ لوبان ساڙڻ واسطي قربانگاهون.


هاڻي جي تون کڻي پاڻ کي ڪيترو بہ کار سان ڌوئين، ۽ گهڻو صابڻ ڪم آڻين، تہ بہ تنهنجي بدڪاري منهنجي اڳيان ظاهر آهي؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.


پر خداوند ٿو فرمائي تہ هي اُهو عهد اقرار آهي جو آءٌ انهن ڏينهن کان پوءِ اسرائيل جي گهراڻي سان ڪندس؛ آءٌ پنهنجي شريعت هنن جي اندر ۾ رکندس ۽ هنن جي دل ۾ لکندس؛ ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا:


اي يروشلم، پنهنجي دل شرارت کان ڌوئي صاف ڪر تہ ڇوٽڪارو لهين. ڪيستائين تنهنجا خراب خيال تو منجهہ رهندا.


يقيناً جلعاد ۾ بدڪاري آهي: اُهي نسوري بيهودگي آهن؛ هو جلجال ۾ ڍڳا قرباني ٿا ڪن: هائو، هنن جون قربانگاهون اهڙيون آهن جهڙا ٻنين جي کيڙين ۾ ڍڳ.


هو پنهنجين دلين ۾ ايترو ويچار نٿا ڪن تہ آءٌ سندن سڀ شرارت ياد ڪريان ٿو: هاڻي هنن جي بڇڙن ڪمن کين چوڌاري آڻي وڪوڙيو آهي؛ هو منهنجي منهن اڳيان آهن.


ڇالاءِ جو افرائيم گناهہ لاءِ قربانگاهہ وڌايا آهن، قربانگاهہ هنن جي لاءِ گناهہ جو سبب ٿيا آهن.


۽ ڪاهن انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ جي رت مان، ڪجهہ پنهنجي آڱر سان کڻي، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ انهي جو باقي رت سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


هائو، هنن پنهنجون دليون پٿر جهڙيون سخت ڪيون، تہ شريعت ۽ انهيءَ ڪلام کي نہ ٻُڌن، جو لشڪرن جي خداوند اڳي نبين تي پنهنجي روح جي معرفت نازل ڪيو هو: انهيءَ ڪري لشڪرن جي خداوند وٽان وڏو غضب نازل ٿيو.


۽ اها ڳالهہ پڌري ٿي آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جو اسان خدمت بجا آڻي لکيو، نہ مس سان، پر جيئري خدا جي روح سان، نہ پهڻ جي تختين تي، پر گوشت جي يعني دلين جي تختين تي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan