Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 16:9 - Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ تنهنجن اکين آڏو ۽ تنهنجن ڏينهن ۾ هن هنڌ تان خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز بند ڪرائي ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 تون يهوداہ وارن کي خبردار ڪري ڇڏ تہ آءٌ قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا هن ملڪ مان شادين مرادين بلڪ خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي هر طرح جي محفلن جو خاتمو آڻي ڇڏيندس. اهو سڀ هي ماڻهو پنهنجي اکين سان ڏسندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 16:9
8 Iomraidhean Croise  

انهن جي جوانن کي باهہ کائي ويئي؛ ۽ سندن ڪنوارين لاءِ شاديءَ جا گيت ڪونہ ڳايا ويا.


تنهن کان سواءِ آءٌ هنن مان سرهائي جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، جنڊن جو آواز، ۽ ڏيئي جو سوجهرو ڪڍي ڇڏيندس.


تڏهن آءٌ يهوداہ جي شهرن مان ۽ يروشلم جي گهٽين مان خوشيءَ جو آواز، ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز، ۽ ڪنوار جو آواز، بند ڪرائي ڇڏيندس: ڇالاءِ جو زمين ويران ٿي ويندي.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان؛ آءٌ ڳالهائيندس ۽ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو پورو ٿيندو؛ انهي ۾ وري دير نہ لڳندي؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي باغي گهراڻا، اوهان جي ڏينهن ۾ آءٌ ڪلام ڪندس ۽ اُهو عمل ۾ آڻيندس.


۽ آءٌ تنهنجي راڳن جو هُل بند ڪرائي ڇڏيندس؛ ۽ تنهنجن بربطن جو آواز وري اڳتي ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.


آءٌ هن جي سڀ خوشي، هن جون عيدون، هن جا نوان چنڊ، ۽ هن جا سبت، ۽ هن جون سڀ سڳوريون مجلسون بند ڪري ڇڏيندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan