Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 16:5 - Sindhi Bible

5 ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ تون ماتم ڪندڙ جي گهر ۾ نہ گِهڙ؛ نہ ماتم ڪرڻ لاءِ وڃ، ۽ نہ هنن جي لاءِ ڪو افسوس ڪر: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هن قوم تان خير سلامتي، بلڪ محبت جهڙي مهرباني ۽ مروت کڻي ورتي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 آءٌ خداوند تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ تون ڪنهن بہ اهڙي گھر ۾ داخل نہ ٿيءُ جتي ڪو مري ويو هجي. تون اتي افسوس ڪرڻ ۽ همدردي ڏيکارڻ لاءِ نہ وڃ، ڇاڪاڻ تہ مون هن قوم تان سلامتي، شفقت ۽ رحمت کڻي ورتي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 16:5
13 Iomraidhean Croise  

اي خداوند، پنهنجن رحمتن ۽ مهربانين کي ياد ڪر؛ ڇو جو اهي ازل کان آهن.


جڏهن هن جا ڏار ڪومائبا، تڏهن اهي ڀڃي ڇڏيا ويندا، ۽ زالون اچي انهن کي باهہ ڏينديون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ قوم کي سمجهہ ڪانهي، تنهن ڪري سندن خالق کي مٿن رحم نہ ايندو، ۽ سندن جوڙيندڙ مٿن مهرباني ڪانہ ڏيکاريندو.


بيابان ۾ سڀني اُگهاڙين ٽڪرين تي ڦرلٽ ڪرڻ وارا اچي نڪتا آهن: ڇالاءِ جو خداوند جي ترار هڪڙي ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏي ٿي: ڪنهن بہ ماڻهوءَ لاءِ سلامتي ڪانهي.


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن مان هڪڙن کي ٻين تي اُڇلي هڻندس، يعني پيئن ۽ پٽن کي گڏ: آءٌ ڪو بہ قياس ڪونہ ڪندس، نڪي ڇڏي ڏيندس نڪي رحم ڪندس، تہ ناس نہ ڪريان.


تنهن ڪري آءٌ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي اُنهيءَ ملڪ ۾ اُڇلائيندس، جنهن جي اوهان کي خبر ئي ڪانهي، نڪي اوهان کي، نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي؛ ۽ اُتي اوهين ڏينهن رات ٻين معبودن جي عبادت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي ڪابہ مهرباني ڪانہ ڏيکاريندس.


۽ تو منهنجو روح خير سلامتيءَ کان پري ڪري ڇڏيو آهي؛ مون سک وساري ڇڏيو آهي.


ڇالاءِ جو انهن ڏينهن کان اڳ، نہ انسان جي لاءِ مزوري هئي، ۽ نہ جانورن لاءِ ڀاڙو؛ نڪا ايندڙ ويندڙ لاءِ دشمنن جي ڪري سلامتي هئي: ڇالاءِ جو مون هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس پاڙيسريءَ جي برخلاف ڪيو هو.


تڏهن انهي ڏينهن مون کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي ڏيندس، ۽ پنهنجو منهن انهن کان لڪائي ڇڏيندس، ۽ اهي کاڄ ٿي ويندا، ۽ گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون مٿن اينديون؛ جنهن ڪري انهي ڏينهن اهي چوندا، تہ هي خرابيون اسان تي انهي ڪري نہ آيون آهن ڇا جو اسان جو خدا اسان منجهہ ڪونهي.


۽ ٻيو گهوڙو نڪتو، جو ڳاڙهو هو: ۽ جيڪو مٿس سوار هو، تنهن کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ سندس ڪري زمين تان صلح ويندو رهي ۽ ماڻهو هڪٻئي کي قتل ڪن: ۽ کيس هڪڙي وڏي ترار ڏني ويئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan