يرمياہ 16:4 - Sindhi Bible4 تہ هو خوفناڪ موت مرندا، هنن تي رئڻ پٽڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هوندو، ۽ نہ هنن کي ڪو دفن ڪندو، ۽ هو زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا رهندا: ۽ هو ترار ۽ ڏڪار سان ماري کپايا ويندا؛ ۽ هنن جا مڙهہ آسمان جي پکين ۽ زمين جي مرن جو قوت ٿيندا. Faic an caibideilMuslim Sindhi Bible4 اهي موتمار بيمارين وگھي مرندا. هنن تي نہ تہ ڪو روئڻ پٽڻ وارو هوندو ۽ نہ وري کين ڪو دفن ڪرڻ وارو هوندو، بلڪ اهي زمين تي گند ڪچري وانگر پيا هوندا. هو جنگ ۽ ڏڪار سان ناس ٿي ويندا ۽ سندن لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ بڻبا. Faic an caibideil |
تنهن ڪري خداوند، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجو حڪم نہ ٻڌو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پڌري طرح آزاد ڪري نہ ڇڏيو آهي: ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي ترار جي، ۽ مرض جي، ۽ ڏڪار جي آزاديءَ جي خبر ٿو ڏيان؛ ۽ آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هيڏي هوڏي رلائيندس:
۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ رهڻ لاءِ اوڏي وڃڻ واسطي تيار ٿيا آهن، تن کي آءٌ پڪڙيندس ۽ اُهي سڀ ناس ڪيا ويندا؛ مصر جي ئي ملڪ ۾ اُهي ڪرندا؛ اُهي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا؛ تمام ننڍي کان وٺي تمام وڏي تائين، هو ترار سان، ۽ ڏڪار سان مرندا: ۽ اُهي نفرت، ۽ حيرت، ۽ لعنت، ۽ ملامت جو سبب ٿيندا.