Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 16:3 - Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو جيڪي پٽ ۽ ڌيئون هن هنڌ ڄايون آهن، ۽ جن زالن انهن کي ڄڻيو آهي، ۽ جن مان اُهي پيدا ٿيا آهن، تن جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 ڇاڪاڻ تہ هن ملڪ ۾ ڄاول پٽن ۽ ڌيئرن ۽ انهن جي پيئرن ۽ مائرن بابت آءٌ خداوند ٻڌايان ٿو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 16:3
6 Iomraidhean Croise  

هنن جون بيوہ زالون منهنجي اڳيان سمنڊن جي واريءَ کان بہ وڌيڪ آهن: مون ٻنپهرن جي وقت جوان ماڻهن جي ماءُ تي ڦرلٽ ڪرڻ وارو آندو آهي: مون انهن تي اوچتو مصيبت ۽ خوف آڻي نازل ڪيو آهي.


تون پنهنجي لاءِ ڪا زال نہ ڪج ۽ نڪي هن هنڌ توکي ڌيئون ۽ پٽ ٿين.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ تون ماتم ڪندڙ جي گهر ۾ نہ گِهڙ؛ نہ ماتم ڪرڻ لاءِ وڃ، ۽ نہ هنن جي لاءِ ڪو افسوس ڪر: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هن قوم تان خير سلامتي، بلڪ محبت جهڙي مهرباني ۽ مروت کڻي ورتي آهي.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ تنهنجن اکين آڏو ۽ تنهنجن ڏينهن ۾ هن هنڌ تان خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز بند ڪرائي ڇڏيندس.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، تہ آءٌ هن قوم جي اڳيان آٿڙائيندڙ شيون رکندس؛ ۽ انهن تي پيءُ ۽ پٽ گڏ آٿڙندا؛ پاڙيسري ۽ ان جو دوست گڏ چٽ ٿيندا.


اسرائيل جي گهراڻي کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجو پاڪ مڪان، جو اوهان جي طاقت جو فخر آهي، ۽ اوهان جي اکين جي خواهش آهي، ۽ جنهن تي اوهان جو هانءُ ٿو ڪُرڪي، تنهن کي آءٌ ناپاڪ ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئرون، جي اوهين پٺيان ڇڏي آيا آهيو، سي ترار سان ڪِرندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan