۽ لوط ٻاهر وڃي پنهنجي ناٺين، جن سان سندس ڌيئرن جي شادي ٿيڻي هئي، تن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪئي، ۽ چيائين تہ اُٿو هن هنڌان نڪري وڃو؛ ڇالاءِ جو خداوند هي شهر برباد ڪندو. پر سندس ناٺين سمجهيو تہ هو چرچا ٿو ڪري.
تو سڀ ڪنهن پاسي منهنجا خوف سڏي گڏ ڪيا، جيئن عيد جي ڏينهن ماڻهو گڏ ٿيندا آهن، ۽ ڪوبہ خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن ڀڄي نہ ڇٽو ۽ نہ بچيو: جن کي مون ڪڏايو ۽ پالي وڏو ڪيو، تن کي منهنجي دشمن ماري کپائي ڇڏيو.
افسوس آهي اُنهن لاءِ، جي اُنهن ڏينهن ۾ پيٽ سان هونديون، ۽ اُنهن لاءِ، جن کي ٻار ٿڻن تي هوندا! ڇالاءِ تہ زمين تي وڏي آفت ايندي، ۽ هن اُمت تي غضب اچي پوندو.