Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 15:3 - Sindhi Bible

3 ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن جي لاءِ چئن قسمن جون آفتون نازل ڪندس: ترار ڪهڻ جي لاءِ، ۽ ڪتا ڦاڙڻ جي لاءِ، آسمان جا پکي ۽ زمين جا جانور کائڻ ۽ ناس ڪرڻ جي لاءِ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 آءٌ خداوند کين چئن مختلف قسمن جون سزائون ڏيندس. هو جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، سندن لاشن کي ڪتا چيريندا ڦاڙيندا، سندن ماس ڳجھون پيون کائينديون ۽ سندن هڏا جھنگلي جانور چٻاڙي ناس ڪري ڇڏيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 15:3
21 Iomraidhean Croise  

تان تہ تون پنهنجو پير رت ۾ ٻوڙين، ۽ تنهنجا دشمن ڪتن جي لاءِ قوت ٿين.


جبلن جي شڪاري پکين ۽ زمين جي مرن لاءِ ڇڏيون وينديون: ۽ اهي شڪاري پکي اونهارو انهن تي گذاريندا ۽ زمين جا مرون سيارو انهن تي گذاريندو.


منهنجي ميراث منهنجي لاءِ اهڙي آهي ڇا جهڙو ڪو چٽڪمرو شڪاري پکي؟ شڪاري پکي چوڌاري هن تي ڪاهي آيا آهن ڇا؟ اوهين وڃو، جهنگ جا سڀ جانور گڏ ڪري وٺي اچو تہ ڳڙڪائي وڃن.


جڏهن هو روزو رکندا تڏهن آءٌ هنن جي دانهن نہ ٻڌندس؛ ۽ جڏهن هو سوختني قرباني چاڙهيندا ۽ نذرانا پيش ڪندا، تڏهن آءٌ اُهي قبول نہ ڪندس: پر آءٌ انهن کي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ وبا سان ماري کپائي ڇڏيندس.


۽ جن ماڻهن وٽ هو نبوت ڪن ٿا سي ڏڪار ۽ ترار جي ڪري يروشلم جي گهٽين ۾ اُڇلايا ويندا، ۽ ڪوبہ انهن کي پورڻ وارو ڪونہ هوندو، نہ انهن کي نہ انهنجي زالن کي، نہ انهن جي پٽن، نہ انهن جي ڌيئن کي: ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي شرارت مٿن اوتي وجهندس.


تہ هو خوفناڪ موت مرندا، هنن تي رئڻ پٽڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هوندو، ۽ نہ هنن کي ڪو دفن ڪندو، ۽ هو زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا رهندا: ۽ هو ترار ۽ ڏڪار سان ماري کپايا ويندا؛ ۽ هنن جا مڙهہ آسمان جي پکين ۽ زمين جي مرن جو قوت ٿيندا.


۽ انهي قوم جا مڙهہ، هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جو قوت ٿيندا؛ ۽ ڪوبہ انهن کي هڪالي نہ ڪڍندو.


هن منهنجا رستا پاسيرا ڪري ڇڏيا آهن، ۽ مون کي ڇني ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو اٿس؛ هن مون کي سڃو ڪري ڇڏيو آهي.


تڏهن خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڪيترو نہ وڌيڪ اهو حال ٿيندو جڏهن آءٌ پنهنجون چار آفتون يروشلم تي موڪليندس، يعني ترار، ۽ ڏڪار، ۽ نقصان ڪندڙ جانور، ۽ مري، انهي لاءِ تہ انهن مان انسان ۽ حيوان کي وڍي ڇڏيان؟


تون هنن کي هيئن چئو تہ خداوند خدا فرمائي ٿو، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيڪي ويران جاين تي رهن ٿا، سي ضرور ترار سان ڪِرندا، ۽ جيڪو کليل ميدان تي آهي، تنهن کي آءٌ جانورن جي حوالي ڪندس، تہ اُهي هن کي ڳڙڪائي وڃن، ۽ جيڪي مضبوط قلعن ۽ غارن ۾ هوندا، سي مريءَ جي سبب مرندا.


تہ آءٌ بہ اوهان سان ائين ئي ڪندس؛ آءٌ اوهان تي خوف نازل ڪندس، يعني سلهہ ۽ تپ، جو اوهانجون اکيون چٽ ڪري ڇڏيندو، ۽ اوهان جي جان کي ڳاري ڇڏيندو: ۽ اوهان جو ٻج ڇٽڻ اجايو ٿيندو، ڇالاءِ جو اهو اوهان جا دشمن کائيندا.


۽ آءٌ اوهان منجهہ جهنگ جا مرون موڪليندس، جي اوهان جا ٻار کڻي ويندا، ۽ اوهان جي چوپائي مال کي چٽ ڪري ڇڏيندا، ۽ اوهان جو شمار گهٽائي ٿورو ڪندا؛ ۽ اوهانجون واٽون سڃيون ٿي پونديون.


آءٌ اوهان جي مٿان ترار آڻيندس، جا ڪيل عهد جو بدلو وٺندي؛ ۽ جڏهن اوهين پنهنجن شهرن ۾ گڏ ڪيا ويندا، تڏهن آءٌ اوهان ۾ وبا موڪليندس؛ ۽ اوهين پنهنجي دشمنن جي حوالي ڪيا ويندا.


جيئن ڪو ماڻهو شينهن کان ڀڳو ۽ رڇ منهن ۾ مليس؛ يا گهر ۾ ويو ۽ ڀت تي هٿ رکي ٽيڪ ڏيئي بيٺو ۽ نانگ ڏنگي ويس.


تنهنجو لاشو آسمان جي پکين، ۽ زمين جي مرن جو کاڄ ٿيندو، ۽ ڪو انهن کي هڪالڻ وارو بہ ڪونہ هوندو.


اهي بک سان ڳري ويندا، ۽ سخت گرميءَ سان ڀسم ٿي ويندا؛ آءٌ انهن تي جهنگلي جانورن جا ڏند، ۽ زمين تي سرندڙ جيتن جو زهر موڪليندس.


۽ مون نهاريو تہ هڪڙو ڦڪي رنگ جو گهوڙو ڏٺم؛ ۽ جيڪو مٿس سوار هو تنهن جو نالو موت هو؛ ۽ مُئلن جو عالم سندس پٺيان هو؛ ۽ انهن کي زمين جي چوٿين حصي تي اهو اختيار ڏنو ويو تہ ترار، ۽ ڏڪار، ۽ مريءَ سان، ۽ زمين جي جهنگلي جانورن سان ماڻهو مارين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan