Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 15:2 - Sindhi Bible

2 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو مون کي چوندا تہ اسين ڪيڏي هليا وڃون؟ تڏهن تون هنن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي موت جي لاءِ آهن سي موت ڏي وڃن؛ ۽ جيڪي ترار جي لاءِ آهن سي ترار ڏي؛ ۽ جيڪي ڏڪار جي لاءِ آهن سي ڏڪار ڏي؛ ۽ جيڪي قيد جي لاءِ آهن سي قيد ڏي وڃن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 جيڪڏهن هو تو کان پڇن تہ ’اسين ڪيڏانهن وڃون؟‘ تہ پوءِ تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’جن جي مقدر ۾ وبا لکيل آهي، سي انهيءَ موتمار بيماريءَ سان وڃي مرن، جن جي مقدر ۾ تلوار لکيل آهي، سي جنگ ۾ وڃي مرن، جن جي مقدر ۾ ڏڪار لکيل آهي، سي اڃ ۽ بک ۾ وڃي مرن، ۽ جن جي مقدر ۾ قيد لکيل آهي، سي ڌارين ملڪن ۾ قيد ٿي وڃن.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 15:2
18 Iomraidhean Croise  

هو رڳو قيدين هيٺان ڪنڌ جهڪائيندا ۽ قتل ٿيلن هيٺان ڪرندا. ايتري هوندي بہ هن جي ڪاوڙ لهي نہ وئي آهي، پر هن جو هٿ اڃا ڊگهيريل آهي.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو ڊپ جي آواز کان ڀڄندو سو پاتال ۾ پوندو؛ ۽ جيڪو پاتال منجهان نڪري ٻاهر ايندو سو ڦندي ۾ ڦاسايو ويندو: ڇالاءِ جو مٿان جون دريون کليون آهن، ۽ زمين جا بنياد لڏن ٿا.


جڏهن هو روزو رکندا تڏهن آءٌ هنن جي دانهن نہ ٻڌندس؛ ۽ جڏهن هو سوختني قرباني چاڙهيندا ۽ نذرانا پيش ڪندا، تڏهن آءٌ اُهي قبول نہ ڪندس: پر آءٌ انهن کي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ وبا سان ماري کپائي ڇڏيندس.


۽ جن ماڻهن وٽ هو نبوت ڪن ٿا سي ڏڪار ۽ ترار جي ڪري يروشلم جي گهٽين ۾ اُڇلايا ويندا، ۽ ڪوبہ انهن کي پورڻ وارو ڪونہ هوندو، نہ انهن کي نہ انهنجي زالن کي، نہ انهن جي پٽن، نہ انهن جي ڌيئن کي: ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي شرارت مٿن اوتي وجهندس.


تہ هو خوفناڪ موت مرندا، هنن تي رئڻ پٽڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هوندو، ۽ نہ هنن کي ڪو دفن ڪندو، ۽ هو زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا رهندا: ۽ هو ترار ۽ ڏڪار سان ماري کپايا ويندا؛ ۽ هنن جا مڙهہ آسمان جي پکين ۽ زمين جي مرن جو قوت ٿيندا.


۽ آءٌ هن هنڌ يهوداہ ۽ يروشلم جي صلاح مصلحت باطل ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن کي سندن دشمنن جي اڳيان ترار سان ۽ جيڪي سندن ساهہ جا ڳولائو آهن تن جي هٿان مارائي وجهندس: ۽ هنن جا مڙهہ آءٌ هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جو قوت ڪري ڇڏيندس.


۽ هو ايندو ۽ مصر جي زمين کي ماريندو؛ جيڪي موت جي لاءِ آهن سي قتل ڪيا ويندا، ۽ جيڪي قيد جي لاءِ آهن سي قيد ڪيا ويندا، ۽ جيڪي ترار جي لاءِ آهن، سي ترار جي حوالي ڪيا ويندا،


تون چئُہ تہ آءٌ اوهان جي لاءِ نشان آهيان: جيئن مون ڪيو آهي، تيئن هنن سان بہ ڪيو ويندو: هنن کي شهر نيڪالي ملندي، ۽ هو قيد ٿي ويندا.


تڏهن خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڪيترو نہ وڌيڪ اهو حال ٿيندو جڏهن آءٌ پنهنجون چار آفتون يروشلم تي موڪليندس، يعني ترار، ۽ ڏڪار، ۽ نقصان ڪندڙ جانور، ۽ مري، انهي لاءِ تہ انهن مان انسان ۽ حيوان کي وڍي ڇڏيان؟


تون هنن کي هيئن چئو تہ خداوند خدا فرمائي ٿو، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيڪي ويران جاين تي رهن ٿا، سي ضرور ترار سان ڪِرندا، ۽ جيڪو کليل ميدان تي آهي، تنهن کي آءٌ جانورن جي حوالي ڪندس، تہ اُهي هن کي ڳڙڪائي وڃن، ۽ جيڪي مضبوط قلعن ۽ غارن ۾ هوندا، سي مريءَ جي سبب مرندا.


تنهنجو ٽيون حصو مريءَ سان مرندو ۽ اُهي تنهنجي وچ ۾ ڏڪار ڪري مري چٽ ٿي ويندا؛ ۽ ٽيون حصو تنهنجي چوڌاري ترار سان مارجي ويندو؛ ۽ ٽيون حصو آءٌ سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس ۽ انهي جي پٺيان ترار ڪڍندس.


انهي جون ٽيون حصو، گهيري جي ڏينهن پوري ٿيڻ کانپوءِ شهر جي وچ ۾ باهہ سان ساڙ؛ ۽ ٽيون حصو کڻي انهي کي ترار سان هيڏي هوڏي ڌڪ هڻ؛ ۽ ٽيون حصو هوا ۾ پکيڙي ڇڏ، ۽ آءٌ انهن جي پٺيان ترار ڪڍندس.


۽ اسان جي برخلاف ۽ اسان جي عدالت ڪندڙ قاضين جي برخلاف جيڪي هن فرمايو هو سڀ ثابت ڪيو اٿس، جو هڪڙي وڏي آفت اسان تي آندي اٿس: ڇالاءِ جو جيڪو ڪم يروشلم ۾ ڪيو ويو آهي، سو ٻيو ڪٿي بہ آسمان هيٺ نہ ڪيو ويو آهي.


جيئن ڪو ماڻهو شينهن کان ڀڳو ۽ رڇ منهن ۾ مليس؛ يا گهر ۾ ويو ۽ ڀت تي هٿ رکي ٽيڪ ڏيئي بيٺو ۽ نانگ ڏنگي ويس.


تڏهن مون چيو تہ هاڻي آءٌ اوهان کي چارو ڪين ڏيندس. جيڪو مري ٿو، تنهن کي مرڻ ڏيو؛ ۽ جيڪو چٽ ٿو ٿئي، تنهن کي چٽ ٿيڻ ڏيو؛ ۽ جيڪي باقي بچيل آهن، سي هڪ ٻئي جو گوشت کائين.


جيڪڏهن ڪو قيد لاءِ آهي تہ اُهو قيد ۾ ويندو. جيڪڏهن ڪو ترار سان قتل ڪندو، تہ اهو ترار سان قتل ڪيو ويندو. پاڪ ٿيلن جو صبر ۽ ايمان اهو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan