Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 13:10 - Sindhi Bible

10 اها خراب قوم، جا منهنجن ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ٿي ڪري، ۽ جا پنهنجي دل جي نٺرائي سان هلي ٿي، ۽ ٻين معبودن جي بندگي ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ٿي وڃي، ۽ اُنهن کي سجدو ٿي ڪري، سا بہ انهي ڪمربند جهڙي ٿيندي، جو ڪنهن بہ ڪم جو ناهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 هيءَ خراب قوم، جيڪا منهنجي ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ٿي ڪري ۽ پنهنجي دل جي هوڏ سببان غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا ٿي ڪري، سا بہ انهيءَ پوتڙي جهڙي ٿيندي، جيڪو ڪنهن بہ ڪم جو ناهي رهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 13:10
32 Iomraidhean Croise  

۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جهڙا ضدي فسادي نسل نہ ٿين: جن پنهنجي دل کي برابر نہ ڪيو ۽ جن جو روح خدا جي حضور وفادار نہ رهيو.


اي جوان، پنهنجي جوانيءَ ۾ خوش رهہ؛ ۽ ڀلي تہ جوانيءَ جي ڏينهن ۾ تنهنجي دل توکي خوش رکي، ۽ تون پنهنجي دل جي مرضيءَ تي هل، ۽ پنهنجي اکين جي نظر تي هل: پر تون ڄاڻ تہ انهن سڀني ڳالهين لاءِ خدا توکي عدالت ۾ آڻيندو.


۽ هيئن ٿيندو تہ خوشبودار مصالحن جي عيوض گندگي ٿيندي؛ ۽ ڪمر بند جي عيوض رسو ٿيندو؛ ۽ سينگاريل وارن جي عيوض گنجائي؛ ۽ سينہ بند جي عيوض کٿو ٿيندا: سونهن جي عيوض ڏنڀ.


هو پنهنجي ابن ڏاڏن جي گناهن ڏي ڦري ويا آهن، جن منهنجن ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ڪيو؛ ۽ هو ٻين معبودن جي عبادت ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ويا آهن: اسرائيل جي گهراڻي، ۽ يهوداہ جي گهراڻي، منهنجو اهو عهد جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، ڀڳو آهي.


۽ خداوند انهي جي مون کي خبر ڏني ۽ مون سمجهيو. تڏهن تو مون کي هنن جا ڪم ڏيکاريا.


تڏهن آءٌ فرات ڏي ويس ۽ جتي اهو ڪمربند لڪايو هوم اُتان کوٽي ڪڍيم: ۽ ڏسان تہ ڪمربند اهڙو خراب ٿي پيو هو جو ڪنهن بہ ڪم جو ڪين هو.


۽ اوهان پنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ خرابي ڪئي آهي؛ ڇالاءِ جو ڏسو، اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي دل جي نٺرائي موجب ٿو هلي، جنهن ڪري اوهين منهنجي نٿا ٻڌو:


تہ هو خوفناڪ موت مرندا، هنن تي رئڻ پٽڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هوندو، ۽ نہ هنن کي ڪو دفن ڪندو، ۽ هو زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا رهندا: ۽ هو ترار ۽ ڏڪار سان ماري کپايا ويندا؛ ۽ هنن جا مڙهہ آسمان جي پکين ۽ زمين جي مرن جو قوت ٿيندا.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ توکي تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي سڀني دوستن جي لاءِ خوف جو سبب ڪندس: ۽ اُهي پنهنجن دشمنن جي ترار سان مرندا ۽ تنهنجون اکيون اهو ڏسنديون: ۽ آءٌ يهوداہ کي بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس، ۽ هو انهن کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي ويندو ۽ کين ترار سان قتل ڪري ڇڏيندو.


تنهنجي سک جي وقت مون تو سان ڳالهايو پر تو چيو تہ آءٌ ڪين ٻڌندس، ننڍي هوندي کان اها تنهنجي عادت ٿي رهي آهي تہ تون منهنجو آواز نٿو مڃين.


جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا تن کي هو هميشہ پيا چون تہ خداوند فرمايو آهي تہ اوهان وٽ خير سلامتي هوندي؛ ۽ جيڪي پنهنجي دل جي نٺرائي پٺيان ٿا هلن تن مان هر هڪ کي هو چون ٿا تہ اوهان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.


انهي وقت هو يروشلم کي خداوند جو تخت سڏيندا؛ ۽ سڀ قومون اُن وٽ خداوند جي نالي سان يروشلم ۾ گڏ ٿينديون: نڪي وري اڳتي هو پنهنجي خراب دل جي نٺرائي پٺيان هلندا.


مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن، بلڪ صبح جو سوير اُٿي موڪليا اٿم، ۽ چيو اٿم تہ هاڻي اوهين سڀ پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچو، ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت نہ ڪريو، تہ جيڪا زمين مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، تنهن ۾ رهندا اچو: پر اوهان ڪن ڪونہ ڏنو ۽ منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي.


جيڪو ڪلام تو اسان کي خداوند جي نالي سان ٻڌايو آهي، سو تنهنجي واتان نہ ٻڌنداسين.


پر هنن نہ ٻڌو ۽ نہ ڪن ڏيئي پنهنجي شرارت کان باز آيا، ۽ نہ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙڻ ڇڏيائون.


پر هن قوم جي دل فسادي ۽ سرڪش آهي؛ هنن فساد ڪيو ۽ هليا ويا.


۽ هاڻي خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان هي سڀ ڪم ڪيا آهن، ۽ مون اوهان سان سوير اُٿي ڳالهايو پر اوهان نہ ٻڌو: ۽ مون اوهان کي سڏيو پر اوهان جواب ڪونہ ڏنو:


جيڪڏهن اوهين مسافر ۽ يتيم ۽ بيوہ زالن تي ظلم نہ ڪندا، ۽ هن جاءِ تي بي ڏوهين جو رت نہ وهائيندا، نڪي ٻين معبودن جي پٺيان لڳي پاڻ کي نقصان پهچائيندا:


تڏهن ڇو هي يروشلم جا ماڻهو هميشہ جي برائيءَ لاءِ پٺ تي هٽي ويا آهن؟ هو ٺڳيءَ سان چهٽيل آهن، ۽ موٽڻ کان انڪار ٿا ڪن.


۽ خداوند فرمائي ٿو تہ ڇالاءِ جيڪا شريعت مون هنن جي اڳيان رکي سا هنن ڇڏي ڏني آهي، ۽ منهنجو فرمان نہ مڃيو اٿن، ۽ جيڪي هنن جي ابن ڏاڏن هنن کي سيکاريو انهيءَ تي نہ هليا آهن،


بلڪ پنهنجي دل جي نٺرائي موجب هو بعليم جي پٺيان هليا آهن، جيئن سندن ابن ڏاڏن کين سيکاريو.


تنهنجي رهڻ جي جاءِ ٺڳيءَ جي وچ ۾ آهي؛ خداوند ٿو فرمائي تہ ٺڳيءَ جي ڪري هو مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ٿا ڪن.


۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڪيستائين هي ماڻهو منهنجي تحقير ڪندا؟ ۽ جيڪي هيتريون نشانيون مون هنن کي ڏيکاريون آهن، تن جي هوندي بہ ڪيستائين مون تي ايمان نہ آڻيندا؟


اوهين جي ضدي، ۽ دل ۽ ڪَنن جا نامختون آهيو، سي هميشہ پاڪ روح جو مقابلو ٿا ڪريو، جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن اوهين بہ ٿا ڪريو.


خبردار متان اُنهي کان انڪار ڪريو جو ڳالهائي ٿو. ڇالاءِ جو جڏهن اُهي ماڻهو جن زمين تي هدايت ڪرڻ وارن کان انڪار ڪيو، سي بچي نہ سگهيا، تڏهن اسين آسمان مان هدايت ڪرڻ واري کان منهن موڙي ڪيئن بچي سگهنداسين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan