Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 12:9 - Sindhi Bible

9 منهنجي ميراث منهنجي لاءِ اهڙي آهي ڇا جهڙو ڪو چٽڪمرو شڪاري پکي؟ شڪاري پکي چوڌاري هن تي ڪاهي آيا آهن ڇا؟ اوهين وڃو، جهنگ جا سڀ جانور گڏ ڪري وٺي اچو تہ ڳڙڪائي وڃن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 هاڻ منهنجي چونڊيل قوم جو ملڪ ڄڻ تہ گدڙن جي جُوءِ بڻجي ويو آهي، جنهن جي چوڌاري مردار خور پکي لامارا ڏيندا ٿا وتن. سو وڃ، وڃي جھنگ جي سڀني جانورن کي سڏي اچ، تہ اهي اچي هنن گدڙن جو شڪار کائي چٽ ڪري ڇڏين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 12:9
15 Iomraidhean Croise  

۽ خداوند ڪسدين جون، ۽ ارامين، ۽ موآبين، ۽ بني عمون جون ٽوليون يهوداہ تي موڪليون، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام، جو هن پنهنجن ٻانهن نبين جي معرفت فرمايو هو. تنهن موجب انهيءَ کي چٽ ڪري.


انسان جي مٿانهين نظر هيٺ آندي ويندي، ۽ ماڻهن جي وڏائي هيٺ جهڪائي ويندي، ۽ رڳو خداوند ئي انهيءَ ڏينهن مٿانهون ٿيندو.


ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو هڪڙو ڏينهن ايندو، ۽ جيڪو بہ مغرور ۽ وڏائيءَ وارو آهي، ۽ جيڪي بہ مٿي کنيل آهي اُهو هيٺ ڪيو ويندو:


اي جهنگ جا سڀ جانورو، ۽ ٻيلي جا سڀ حيوانو، اوهين اچي کائو.


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن جي لاءِ چئن قسمن جون آفتون نازل ڪندس: ترار ڪهڻ جي لاءِ، ۽ ڪتا ڦاڙڻ جي لاءِ، آسمان جا پکي ۽ زمين جا جانور کائڻ ۽ ناس ڪرڻ جي لاءِ.


جوان شينهن اُنهي تي گوڙ ڪيو آهي، ۽ اُهي گجيا آهن: ۽ انهن هن جي زمين سڃي ڪري ڇڏي آهي؛ هن جا شهر سڙي ويا آهن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونهي.


اُنهن کي آءٌ سندن دشمنن، ۽ سندن جان جي ڳوليندڙن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس: ۽ انهن جا مڙهہ هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جي قوت ٿيندا.


۽ انهي قوم جا مڙهہ، هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جو قوت ٿيندا؛ ۽ ڪوبہ انهن کي هڪالي نہ ڪڍندو.


صيون پنهنجا هٿ ڊگهيري ٿو؛ ڪوبہ ان کي دلاسي ڏيڻ وارو ڪونهي؛ خداوند يعقوب جي نسبت ۾ حڪم ڪيو آهي، تہ جيڪي ان جي آس پاس آهن سي سندس دشمن ٿين: انهن ۾ يروشلم ناپاڪ شيءِ جهڙو آهي.


۽ هو ٽڙي پکڙي ويون، ڇالاءِ جو ڌنار ڪونہ هو: ۽ هو جهنگ جي سڀني جانورن جو قوت ٿيون ۽ ٽڙي پکڙي ويون.


۽ جي ڏهہ سڱ تو ڏٺا سي، ۽ اهو جانور، انهيءَ ڪسبياڻيءَ کي ڌڪاريندا ۽ کيس برباد ۽ اُگهاڙو ڪندا، ۽ سندس گوشت کائي ويندا، ۽ کيس پوريءَ طرح باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan