Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 12:8 - Sindhi Bible

8 منهنجي ميراث منهنجي لاءِ اهڙي ٿي آهي جهڙو ٻيلي ۾ شينهن: هن مون تي وڏي آواز سان گوڙ ڪيو آهي؛ تنهن ڪري مون هن کي ڌڪاريو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

8 منهنجي چونڊيل قوم منهنجي خلاف ٿي پيئي آهي، اها ٻيلي جي شينهن جيان مون تي گجگوڙ ٿي ڪري. تنهنڪري مون کي ساڻس نفرت ٿي پيئي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 12:8
8 Iomraidhean Croise  

جو اسان قصور ڪيو آهي، ۽ خداوند جا منڪر ٿيا آهيون، ۽ پنهنجي خدا جي پيرويءَ کان پاسو ڪيو اٿئون، ۽ ظلم ۽ فساد جون ڳالهيون ٿا ڪريون، ۽ ڪوڙيون ڳالهيون دل ۾ ٿا رٿيون ۽ زبان سان ظاهر ٿا ڪريون.


جوان شينهن اُنهي تي گوڙ ڪيو آهي، ۽ اُهي گجيا آهن: ۽ انهن هن جي زمين سڃي ڪري ڇڏي آهي؛ هن جا شهر سڙي ويا آهن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونهي.


هو جوان شينهن وانگي گڏجي گوڙ ڪندا؛ هو شينهن جي ٻچن وانگي گرجندا.


انهي طرح هن پنهنجون زناڪاريون ۽ پنهنجي اوگهڙ ظاهر ڪئي: تڏهن منهنجو روح هن کان ڇڄي ڌار ٿيو. جيئن منهنجو روح هن جي ڀيڻ کان ڇڄي ڌار ٿيو هو.


هنن جي سڄي شرارت جلجال ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اُتي مون هنن کي ڌڪاريو: هنن جي ڪمن جي شرارت ڪري، آءٌ هنن کي پنهنجي گهر مان هڪالي ڪڍي ڇڏيندس: آءٌ وري هنن کي پيار نہ ڪندس؛ هنن جا سڀ امير باغي آهن.


خداوند خدا پنهنجو قسم کنيو آهي، ۽ خداوند لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يعقوب جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ هن جي محلاتن کان مون کي نفرت ٿي اچي؛ تنهنڪري آءٌ اُهو شهر ۽ جيڪي منجهس آهي، تنهن کي رد ڪندس.


پر هنن ڏينهن ۾ منهنجي قوم منهنجي دشمن ٿي اُٿي آهي، اوهين راهہ مسافر ۽ صلح پسند ماڻهوءَ جو چوغو لاهي ٿا رکو.


۽ مون هڪڙي مهيني ۾ ٽن ريڍارن کي ماريو؛ ڇالاءِ جو منهنجي جان انهن کان بيزار هئي، ۽ هنن جي روح ۾ منهنجي لاءِ ڌڪار هئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan