Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 12:2 - Sindhi Bible

2 تون انهن کي پوکيو آهي، هائو هو پاڙ هڻي ويا آهن؛ هو وڌن ٿا، هائو هو ڦر ٿا ڪڍن: تون هنن جي وات کي ويجهو آهين، پر هنن جون دليون پري آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 تو هنن کي وڻ وانگر پوکيو آهي ۽ هاڻي هو پاڙ هڻي ويا آهن. هو وڌن ويجھن ٿا ۽ ڦر جھلين ٿا. تون هنن جي چپن تي تہ آهين، پر سندن دلين کان دور آهين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 12:2
15 Iomraidhean Croise  

آباد شهر مان ماڻهو دانهون ڪن ٿا، ۽ ڦٽيلن جو روح رڙيون ڪري ٿو: تنهن هوندي بہ خدا انهيءَ بي عقليءَ کي خيال ۾ نٿو آڻي.


مون بي عقل ماڻهوءَ کي پاڙ هڻندو ڏٺو آهي: پر اوچتو مون هن جي رهڻ جي جاءِ کي لعنت ڪئي.


مون بدڪار کي ڏاڍو زور وٺندو ڏٺو، جهڙو ڀليءَ زمين ۾ لڳل سائو وڻ؛


۽ خداوند فرمايو تہ هيءَ اُمت منهنجي ويجهو ٿي اچي، ۽ پنهنجي وات سان، ۽ پنهنجن چپن سان منهنجي تعظيم ٿي ڪري؛ پر پنهنجي دل مون کان پري ڪئي اٿس، ۽ منهنجو ڊپ رڳو ماڻهن جي حڪم ڪري اٿس، جو کين سيکاريو ويو آهي.


ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، جنهن توکي زمين ۾ لڳايو، تنهن توتي خرابيءَ جو حڪم جاري ڪيو آهي، ۽ انهي جو سبب اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداہ جي گهراڻي جي اُها بڇڙائي آهي جا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل جي اڳيان لوبان ساڙي مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.


۽ انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ هن جي بي وفا ڀيڻ يهوداهہ پنهنجي سالم دل سان مون ڏي موٽي نہ آئي آهي، پر ڍونگ ڪري موٽي آهي.


تون هن کي هيئن چئج، خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي مون اڏيو آهي سو آءٌ ڀڃي ڊاهي ڇڏيندس، ۽ جيڪي مون پوکيو آهي سو آءٌ پٽي ڇڏيندس؛ ۽ سڄي ملڪ ۾ ائين ڪندس.


هو تو وٽ ائين اچن ٿا جيئن اُمت جا ماڻهو ايندا آهن، ۽ منهنجي قوم وانگر تنهنجي اڳيان ويهن ٿا ۽ تنهنجون ڳالهيون ٻُڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجي وات سان محبت ڏيکارين ٿا، پر سندن دل سندن نفعي جي پٺيان ٿي وڃي.


هنن پنهنجي دل سان مون کي نہ سڏيو آهي پر هنن پنهنجن بسترن تي پئي رُنو آهي: هو اَن ۽ شراب لاءِ گڏ ٿيا آهن، هو منهنجي برخلاف فساد ٿا ڪن.


تنهنجون اکيون اهڙيون پاڪ آهن جو بڇڙائيءَ کي ڏسي نٿو سگهين، ۽ شرارت ڏي نهاري نٿو سگهين، سو ڪهڙي سبب هنن تي نظر ٿو ڪرين جي دغابازيءَ جي هلت ٿا ڪن؛ ۽ جڏهن شرير، پاڻ کان وڌيڪ سچي ماڻهو کي ڳهي وڃي ٿو، تڏهن ڇو ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؛


”هيءَ اُمت پنهنجن چپن سان مون کي مانُ ٿي ڏئي، پر هنن جي دل مون کان پري آهي.


هن چيو تہ اوهان رياڪارن بابت يسعياہ نبيءَ ڪهڙي نہ پوري پيشنگوئي ڪري ويو آهي، جو لکيل آهي تہ ”هيءَ اُمت پنهنجن چپن سان مون کي مانُ ٿي ڏئي، پر هنن جي دل مون کان پري آهي.


هو چون ٿا تہ اسان کي خدا جي پروڙ آهي؛ پر پنهنجن ڪمن سان هو انهي جو انڪار ٿا ڪن، جو هو نفرتي ۽ نافرمان آهن، ۽ ڪنهن بہ نيڪ ڪم ڪرڻ جا لائق نہ آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan