يرمياہ 12:12 - Sindhi Bible12 بيابان ۾ سڀني اُگهاڙين ٽڪرين تي ڦرلٽ ڪرڻ وارا اچي نڪتا آهن: ڇالاءِ جو خداوند جي ترار هڪڙي ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏي ٿي: ڪنهن بہ ماڻهوءَ لاءِ سلامتي ڪانهي. Faic an caibideilMuslim Sindhi Bible12 تباهي مچائڻ وارا حملي ڪرڻ لاءِ بيابان ۾ کُليل ٽڪرين تي اچي پهتا آهن. اهي مون خداوند جي موتمار تلوار بڻجي هڪڙيءَ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏيندا، ۽ ملڪ ۾ ڪوبہ سلامت نہ رهندو. Faic an caibideil |
تنهن ڪري خداوند، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجو حڪم نہ ٻڌو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پڌري طرح آزاد ڪري نہ ڇڏيو آهي: ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي ترار جي، ۽ مرض جي، ۽ ڏڪار جي آزاديءَ جي خبر ٿو ڏيان؛ ۽ آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هيڏي هوڏي رلائيندس: