يرمياہ 11:8 - Sindhi Bible8 انهي هوندي بہ هنن نہ مڃيو ۽ نڪي پنهنجو ڪن ڏنائون، بلڪ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب دل جي نٺرائي موجب هليو: تنهن ڪري مون انهن تي هن عهد اقرار جون سڀ ڳالهيون آنديون، جن جي تعميل ڪرڻ لاءِ مون انهن کي حڪم ڪيو، پر هنن تعميل نہ ڪئي. Faic an caibideilMuslim Sindhi Bible8 پر هنن ڪو ڌيان ڪونہ ڏنو، اٽلندو هو پنهنجين بڇڙين دلين جي هوڏ تي قائم رهيا. تنهنڪري مون مٿن انهيءَ عهد جون سڀ لعنتون آنديون جنهن عهد جي تعميل ڪرڻ لاءِ مون کين حڪم ڪيو هو، پر هنن تعميل نہ ڪئي.‘“ Faic an caibideil |
مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن، بلڪ صبح جو سوير اُٿي موڪليا اٿم، ۽ چيو اٿم تہ هاڻي اوهين سڀ پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچو، ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت نہ ڪريو، تہ جيڪا زمين مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، تنهن ۾ رهندا اچو: پر اوهان ڪن ڪونہ ڏنو ۽ منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي.
پر جيڪو بہ لفظ اسان جي واتان نڪتو آهي سو ضرور اسين پورو ڪنداسين، يعني آسمان جي راڻي لاءِ لوبان ساڙينداسين ۽ انهي جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارينداسين، جيئن اسان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جن بادشاهن ۽ اسان جن اميرن يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ پي ڪيو آهي: ڇالاءِ جو انهي وقت اسان وٽ گهڻو کاڌو موجود هو، ۽ چڱي حال ۾ هئاسين، ۽ ڪابہ خرابي ڪانہ ڏٺيسين.