Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 11:7 - Sindhi Bible

7 ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، صبح جو سوير اُٿي ڏاڍيءَ تاڪيد سان نصيحت ڪري پئي چيو اٿم تہ منهنجي ڪلام جي فرمانبرداري ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

7 جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين آءٌ کين بار بار تنبيهہ ڪندو رهيس تہ هو منهنجي فرمانبرداري ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 11:7
29 Iomraidhean Croise  

انهيءَ هوندي بہ خداوند سڀ ڪنهن نبيءَ ۽ سڀ ڪنهن غيب دان جي وسيلي اسرائيل ۽ يهوداہ کي تاڪيد ڪري فرمايو، تہ اوهين پنهنجن بڇڙن رستن کان باز اچو، ۽ منهنجن حڪمن تي ۽ منهنجن قانونن تي انهيءَ ساريءَ شريعت موجب هلو، جا مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، جا مون پنهنجن ٻانهن نبين جي هٿان موڪلي.


۽ خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا پنهنجن پيغمبرن جي معرفت بروقت پيغام موڪليا؛ ڇالاءِ جو هن کي پنهنجي قوم تي، ۽ پنهنجي رهڻ جي جاءِ تي رحم آيو:


۽ چيائين تہ جيڪڏهن تون دل ڏيئي خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي سندس نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندين، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي هلندين، تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ توتي ڪين موڪليندس؛ ڇالاءِ جو آءٌ اهو خداوند آهيان، جو توکي شفا ٿو ڏيان.


هن بابت مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي انهي ڏينهن حڪم ڏنو جنهن ڏينهن مون هنن کي مصر جي ملڪ مان، ۽ لوهہ جي کوري مان ٻاهر ڪڍيو، ۽ چيو مان تہ منهنجي ڪلام جي فرمانبرداري ڪريو، ۽ جيڪو بہ حڪم آءٌ ڏيان اُن موجب تعميل ڪريو: انهي ڪري اوهين منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس:


يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن آمون جي تيرهين سال کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي ٽيويهہ ورهيہ گذريا آهن، تن ۾ خداوند جو ڪلام مون وٽ آيو آهي ۽ مون صبح جو سوير اُٿي اوهان کي ٻڌايو آهي؛ پر اوهان نہ ٻڌو.


۽ خداوند اوهان ڏي صبح جو سوير اٿي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن؛ پر اوهان نہ ٻڌو آهي نہ ٻڌڻ لاءِ اوهان پنهنجو ڪن ڏنو؛


خداوند ٿو فرمائي، تہ نہ انهي عهد اقرار موجب جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان انهي ڏينهن ڪيو هو جڏهن هنن جو هٿ وٺي هنن کي مصر جي زمين مان ڪڍي آيس؛ جو عهد اقرار هنن ڀڳو، جيتوڻيڪ آءٌ هنن جي لاءِ مڙس جي بجاءِ هوس.


۽ هنن اچي اُها هٿ ڪئي؛ پر هنن تنهنجو حڪم نہ مڃيو، نڪي هو تنهنجي شريعت تي هليا؛ جيڪي حڪم تو هنن کي ڏنا تن مان ڪوبہ هنن بجا نہ آندو: تنهن ڪري تو هيءَ سڀ خرابي هنن تي آندي آهي:


ستن ورهين کان پوءِ اوهان جو ڀاءُ عبراني جو اوهان وٽ وڪڻيو ويو هجي، ۽ جنهن ڇهہ ورهيہ اوهان وٽ خدمت چاڪري ڪئي هجي، تن کي اوهان مان هرڪو آزاد ڪري ڇڏي: پر اوهان جي ابن ڏاڏن منهنجي نہ ٻڌي ۽ نہ ڪن ڏنائون.


يوناداب بن ريڪاب جن ڳالهين جو حڪم پنهنجن پٽن کي ڏنو تہ شراب نہ پيئجو تن تي هو تعميل ڪندا اچن، ۽ اڄ ڏينهن تائين هو شراب نٿا پيئن، ڇالاءِ جو هو پنهنجي پيءُ جي حڪم جا تابع آهن: پر مون صبح جو سوير اُٿي اوهان سان ڳالهايو آهي؛ ۽ اوهان منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي آهي.


مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن، بلڪ صبح جو سوير اُٿي موڪليا اٿم، ۽ چيو اٿم تہ هاڻي اوهين سڀ پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچو، ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت نہ ڪريو، تہ جيڪا زمين مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، تنهن ۾ رهندا اچو: پر اوهان ڪن ڪونہ ڏنو ۽ منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي.


۽ هاڻي خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان هي سڀ ڪم ڪيا آهن، ۽ مون اوهان سان سوير اُٿي ڳالهايو پر اوهان نہ ٻڌو: ۽ مون اوهان کي سڏيو پر اوهان جواب ڪونہ ڏنو:


اي بني اسرائيل، خداوند جو ڪلام ٻڌو: ڇالاءِ جو خداوند جو هن زمين جي رهاڪن سان هڪڙو تڪرار آهي، ڇالاءِ جو هن ملڪ ۾ نہ سچ آهي، نہ رحم، نہ خدا جي سڃاڻپ.


اي ڪاهن اوهين ٻڌو، ۽ اي اسرائيل جا گهراڻا اوهين ڌيان ڏيو، ۽ اي بادشاهہ جا گهراڻا اوهين ڪن ڏيو؛ ڇالاءِ جو فتويٰ اوهان جي نسبت ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اوهين مصفاہ ۾ هڪڙو دام ٿيا آهيو، ۽ تبور تي هڪڙو پکڙيل ڄار ٿيا آهيو:


اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جهڙا نہ ٿيو، جن وٽ اڳين نبين پڪاري ٿي چيو، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ اوهين پنهنجين بڇڙين راهن کان باز اچو، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ هنن نڪي ٻڌو، نہ مون ڏي ڪَن ڏنائون.


تنهنڪري آئون خداوند جي اڳيان شاهدي ڏيندي هيئن ٿو چوان، تہ جهڙيءَ طرح غير قومون پنهنجي اجاين خيالن موافق هلن ٿيون، تهڙيءَ طرح اوهين اڳتي نہ هلو؛


جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو: ۽ تون نڪي انهيءَ ۾ ڪجهہ وڌائج، نڪي انهيءَ مان ڪجهہ گهٽائج.


انهي لاءِ تہ تون خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪرين، سندس فرمانبرداري ڪرين، ۽ منجهس قائم رهين: ڇالاءِ جو اهو ئي تنهنجي حياتي ۽ تنهنجي عمر جي درازي آهي: تہ جنهن ملڪ بابت خداوند تنهنجي خدا تنهنجي ابن ڏاڏن کي، يعني ابرهام، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب کي قسم کڻي چيو هو تہ اوهان کي ڏيندس، تنهن ۾ تون وڃين رهين.


سو اوهين انهن کي مڃيندا رهجو، ۽ مٿن عمل ڪجو؛ ڇالاءِ جو ٻين قومن جي نظر ۾ اها اوهان جي دانائي ۽ سياڻپ ليکبي: اهي هي سڀ قانون ٻڌي چوندا، تہ سچ پچ هن وڏي قوم جا ماڻهو داناءَ ۽ سياڻا آهن.


شل هنن ۾ اهڙي دل هجي، جو هو مون کان ڊڄندا رهن، ۽ هميشہ منهنجن سڀني حڪمن کي مڃيندا رهن، تہ انهن جو ۽ سندن اولاد جو هميشہ ڀلو ٿئي!


۽ تون پنهنجن پٽن، ۽ پوٽن سوڌو خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهين، ۽ هن جي سڀني قانونن ۽ حڪمن تي، جن جو آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان، تن تي پنهنجي ساري عمر عمل ڪرين؛ تہ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


۽ تون خداوند پنهنجي خدا جي واٽن تي هلڻ لاءِ، ۽ سندس ڊپ رکڻ لاءِ، سندس حڪم مڃيندو رهج.


هاڻي جيڪي اهڙا آهن تن کي اسين حڪم ٿا ڏيون، بلڪ خداوند يسوع مسيح ۾ نصيحت ٿا ڪريون تہ اهي صبر سان پورهيو ڪري پنهنجي ماني کائين.


تنهنڪري هاڻي انهن جي ڳالهہ مڃ: پر هنن کي سخت تاڪيد ڪر، ۽ ڏيکارين تہ ڪهڙي قسم جو بادشاهہ هنن تي حڪومت هلائيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan