Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 11:5 - Sindhi Bible

5 انهي لاءِ تہ جيڪو قسم مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو آهي سو قائم ڪريان، ۽ انهن کي اها زمين ڏيان جنهن ۾ کير ۽ ماکي پئي وهي، جيئن ڪ اڄ آهي، تڏهن مون ورندي ڏئي چيو، تہ اي خداوند، آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ آءٌ ساڻن اهو قسم پورو ڪندس جيڪو مون سندن ابن ڏاڏن سان کنيو هو تہ ’آءٌ اوهان کي هڪ آسودو ۽ خوشحال ملڪ ڏيندس.‘ سو اهو ملڪ هي ئي آهي جنهن ۾ اڄ اوهين رهيا پيا آهيو.“ تڏهن مون يرمياہ ورندي ڏيئي چيو تہ ”برحق، اي خداوند!“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 11:5
16 Iomraidhean Croise  

تنهنڪري هاڻي، اي خداوند، اسرائيل جا خدا، جيڪو ڪلام تو پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو، سو ڀلي تہ سچو ٿئي.


هن پنهنجو عهد هميشہ تائين ياد رکيو آهي، يعني اهو قول جو هزار پيڙهين جي لاءِ فرمايو اٿس؛


۽ جڏهن خداوند اوهان کي ڪنعانين، حتين، امورين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻي، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ اهو اوهان کي ڏيندو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي ٿي وهي، تڏهن تون انهيءَ مهيني ۾ اها عبادت ياد رکج.


خداوند ٿو فرمائي تہ هن هنڌ سان، ۽ انهي جي رهاڪن سان بہ آءٌ ائين ڪندس، يعني هن شهر کي توفت جهڙو ڪندس:


آمين، يعني يرمياہ نبي چيو، تہ شل خداوند ائين ڪري: جي ڳالهيون نبوت ڪري تو ڪيون آهن، سي شل خداوند پوريون ڪري، ۽ خداوند جي گهر جا ٿانوَ ۽ سڀ قيدي بابل مان موٽي هن هنڌ اچن.


۽ انهن کي هيءَ زمين ڏني، جنهن جي ڏيڻ لاءِ تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. جنهن زمين ۾ کير ۽ ماکي پئي وهي؛


پر مون اوهان کي چيو آهي، تہ اوهين انهن جي زمين جا وارث ٿيندا، ۽ آءٌ اها اوهان کي ملڪيت ڪري ڏيندس، جنهن زمين ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي ٻين قومن کان ڌار ڪيو آهي.


۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ پر بڇڙائيءَ کان بچاءِ، (ڇالاءِ جو بادشاهي، ۽ قدرت، ۽ وڏائي هميشہ تائين تنهنجي ئي آهي، آمين.)


نہ تہ جي تون فقط روح سان دعا ڪندين تہ جيڪو ناواقف آهي سو تنهنجي شڪرگذاريءَ ڪرڻ تي ڪيئن آمين چوندو، جڏهن جيڪي تون چوين ٿو سو هو نٿو سمجهي؟


تنهن ڪري اي اسرائيليو، ٻڌو، ۽ خبرداريءَ سان انهن تي عمل ڪريو؛ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ اوهين خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واعدي موجب، انهي ملڪ ۾ وڌندا وڃو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan