3 ۽ تون انهن کي چئُہ تہ خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ لعنت هجي انهيءَ ماڻهوءَ تي جو هن عهد اقرار جون ڳالهيون نٿو ٻڌي.
خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ لعنتي آهي اُهو ماڻهو جو ماڻهوءَ تي ڀروسو ٿو رکي، ۽ انسان کي پنهنجي ٻانهن ٿو بنائي، ۽ جنهن جي دل خداوند کان ڦري وڃي ٿي.
تڏهن هو ورندي ڏيندا تہ ڇالاءِ جو هنن خداوند پنهنجي خدا جو عهد اقرار ڇڏي ڏنو ۽ ٻين معبودن جي عبادت ڪيائون، ۽ انهن جي خدمت چاڪري ڪيائون.
خداوند ٿو فرمائي، تہ نہ انهي عهد اقرار موجب جو مون هنن جي ابن ڏاڏن سان انهي ڏينهن ڪيو هو جڏهن هنن جو هٿ وٺي هنن کي مصر جي زمين مان ڪڍي آيس؛ جو عهد اقرار هنن ڀڳو، جيتوڻيڪ آءٌ هنن جي لاءِ مڙس جي بجاءِ هوس.
لعنت هجي انهي تي جو خداوند جو ڪم بي پرواهيءَ سان ٿو ڪري، ۽ لعنت هجي انهي تي جو پنهنجي ترار کي خون وهائڻ کان روڪي ٿو.
جيڪو ماڻهو هن شريعت جي ڳالهين تي قائم رهي عمل نہ ڪري، سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.