2 اوهين هن عهد اقرار جون ڳالهيون ٻڌو، ۽ يهوداہ جي ماڻهن کي، ۽ يروشلم جي رهاڪن کي ٻڌايو؛
۽ يهويدع خداوند جي، ۽ بادشاهہ ۽ قوم جي وچ ۾، اهو عهد اقرار ڪرايو تہ هو خداوند جي قوم ٿي رهن؛ بادشاهہ ۽ قوم جي وچ ۾ بہ عهد اقرار ڪرايائين.
۽ يهويدع پنهنجي ساريءَ قوم ۽ بادشاهہ جي وچ ۾ هڪڙو عهد اقرار ڪيو تہ هو سڀ خداوند جي قوم ٿي رهندا.
هاڻي منهنجي دل ۾ آهي تہ خداوند اسرائيل جي خدا سان هڪڙو عهد اقرار ڪريان تہ من سندس ڪاوڙ اسان تان ٽري وڃي.
۽ بادشاهہ پنهنجي جاءِ تي اُٿي بيٺو، ۽ خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيائين تہ خداوند جي پيروي ڪندس، ۽ سندس حڪمن ۽ سندس شاهدين ۽ سندس قاعدن جي، پنهنجي سموري دل ۽ سموري جان سان سنڀال ڪندس، ۽ جيڪي عهد اقرار جون ڳالهيون هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن تي عمل ڪندس.
تنهنڪري هاڻي پڪ سمجهو تہ جيڪڏهن اوهين منهنجو چيو مڃيندا، ۽ منهنجي عهد تي قائم رهندا، تہ اوهين ٻين سڀني قومن منجهان منهنجي لاءِ هڪڙو خاص خزانو ٿيندا: ڇالاءِ جو ساري زمين منهنجي آهي:
جيڪو ڪلام خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ
۽ خداوند مون کي فرمايو تہ اهي سڀ ڳالهيون يهوداہ جي شهرن ۾، ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ پڌريون ڪر، ۽ چئُہ تہ اوهين هن عهد اقرار جون ڳالهيون ٻڌو، ۽ انهن جي تعميل ڪريو.