Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 11:12 - Sindhi Bible

12 تڏهن يهوداہ جا شهر ۽ يروشلم جا رهاڪو وڃي انهن معبودن وٽ دانهون ڪندا، جنهن کي هو لوبان جو نذرانو ڏين ٿا، پر مصيبت جي وقت ۾ هو انهن کي ڪڏهن بہ ڪين بچائيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن يروشلم جا رهاڪو بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن وارا انهن معبودن وٽ وڃي دانهون ڪندا جن جي آڏو هو پنهنجا نذرانا پيش ڪن ٿا. پر سندن مصيبت جي وقت ۾ اهي سندن بلڪل مدد ڪري نہ سگھندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 11:12
10 Iomraidhean Croise  

۽ پنهنجي تنگيءَ جي وقت ۾ انهيءَ ساڳي بادشاهہ آخز اڃا بہ زيادہ خداوند جي برخلاف گناهہ ڪيا.


اوهين گڏجي اچو؛ اوهين جي قومن مان بچي نڪتا آهيو سي گڏ ٿي ويجها اچو: جيڪي پنهنجيءَ اُڪريل مورت جو ڪاٺ ٿا کڻن، ۽ انهيءَ معبود کان دعا ٿا گهرن جو بچائي نٿو سگهي، سي بي سمجهہ آهن.


اُهي هن کي ڪلهي تي کڻي سندس جاءِ تي رکن ٿا، ۽ هو بيهي ٿو؛ ۽ هو پنهنجي جاءِ تان نٿو چُري: بلڪ جڏهن ڪو هن کي پڪاريندو تہ بہ هو جواب ڪونہ ڏيندو، نڪي کيس مصيبت کان بچائيندو.


پر منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي، هنن باطل شين لاءِ لوبان ساڙيو آهي؛ ۽ هن انهن کي سندن واٽن ۾، يعني قديم رستن تي گمراهہ ڪيو، تہ هو گس وٺي وڃن، ۽ انهي رستي تي هلن جو ٺاهيو نہ ويو آهي،


پر جيڪي معبود تو پنهنجي لاءِ جوڙيا سي ڪٿي آهن؟ جي اُهي توکي تنهنجي مصيبت جي وقت بچائي سگهن تہ ڀلي اُٿن: ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن.


جو اوهين جنهن مصر جي ملڪ ۾ رهڻ لاءِ آيا آهيو، تنهن ۾ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙڻ سان ۽ پنهنجن هٿن جي ڪمن سان مون کي ڪاوڙ ٿا ڏياريو؛ انهي لاءِ تہ اوهين وڍيا وڃو، ۽ زمين جي سڀني قومن ۾ لعنت ۽ ملامت بنجو؟


۽ چوندو تہ هنن جا معبود ڪٿي آهن، اهو ٽڪر جنهن تي هنن جو ڀروسو هو؛


جن هنن جي قربانين جي چرٻي ٿي کاڌي، ۽ هنن جي پيئڻ وارين قربانين جو شراب ٿي پيتو؟ ڀلي اهي اُٿي اچي اوهان جي مدد ڪن، ڀلي تہ اهي اوهان جو بچاءُ ٿين.


وڃي انهن پنهنجن معبودن وٽ دانهون ڪريو جي اوهان پسند ڪيا آهن؛ ڀلي تہ مصيبت جي وقت هو اوهان کي بچائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan