Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 10:9 - Sindhi Bible

9 ڪٽيل چانديءَ جا تڙڇ جي ترسيس مان آندل آهن، ۽ سون اوفاز مان، اهو ڪاريگر جو، ۽ سوناري جي هٿن جو ڪم آهي؛ انهن جا ڪپڙا نيرا ۽ واڱڻائي آهن، اهو سڀ هنر وارن ماڻهن جو ڪم آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 هنن جي بتن تي نج سون ۽ عمدي چانديءَ جا پترا چڙهيل آهن، جيڪي ڪاريگرن ۽ سونارن جي هٿن جي ڪاريگري آهن. انهن کي نيري ۽ واڱڻائي رنگ جي پوشاڪ پهرائي وڃي ٿي، جيڪا ماهر ڪاريگر جي هٿ جو ڪم آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 10:9
12 Iomraidhean Croise  

ڇالاءِ جو بادشاهہ جي لاءِ سمنڊ تي حيرام جي آرمار سان گڏ ترسيس جو آرمار بہ هوندو هو: ٽن ٽن سالن ۾ هڪڙو ڀيرو ترسيس جا جهاز سون ۽ چاندي، عاج، ۽ باندر، ۽ مور کڻي ايندا هئا.


ڇالاءِ جو بادشاهہ وٽ جهاز هوندا هئا، جي حورام جي نوڪرن سان گڏجي ترسيس ڏانهن ويندا هئا: ٽن سالن ۾ هڪڙو ڀيرو ترسيس جا جهاز ايندا هئا، ۽ سون، ۽ چاندي، عاج، ۽ باندر، ۽ مور آڻيندا هئا.


انهن جا بت چانديءَ ۽ سون جا آهن، ۽ ماڻهن جي هٿ جي ڪاريگري آهن.


ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ سوغاتون آڻيندا؛ ۽ صبا ۽ شيبا جا بادشاهہ نذرانا پيش ڪندا.


اوهين لنگهي ترسيس ڏي وڃو؛ اي ٻيٽ ۾ رهندڙ، اوهين دانهون ڪريو.


اُڪريل مورت تہ ڪاريگر پگهاري، ۽ سونارو انهي تي سون مڙهي ٿو، ۽ انهيءَ جي لاءِ چانديءَ جون زنجيرون پلٽي ٺاهي ٿو،


ترسيس هر قسم جي دولت جي گهڻائيءَ ڪري تنهنجو سوداگر هو؛ ۽ پنهنجن وٿن جي لاءِ هنن چاندي، لوهہ، قلعي ۽ شيهي سان واپار ٿي ڪيو.


تنهنجو سڙهہ سنهڙي سڻيءَ جي چڪندوزي ڪپڙي جو هو، جو مصر مان آندو ويو هو، انهي لاءِ تہ اُهو تنهنجي لاءِ هڪڙو بيرق جهڙو نشان ٿئي؛ تنهنجي ڍڪ جو ٽپڙ آسماني ۽ واڱڻائي رنگ جو هو، جو اليسہ جي ٻيٽن مان آندو ويو هو.


تڏهن مون اکيون مٿي کڻي نهاريو ۽ هڪڙو ماڻهو ڪتاني ڪپڙي جي پوشاڪ ۾ ڏٺم، جنهن جي چيلهہ کي اوفاز جي خالص سون جهڙو ڪمربند ٻڌل هو:


ڇالاءِ جو هي بہ اسرائيل کان آهي؛ ڪاريگر انهي کي جوڙيو آهي، ۽ اُهو خدا ناهي: هائو، سامريہ جو گابو ڀڃي پرزا پرزا ڪيو ويندو.


پر يوناہ اُٿيو، انهي لاءِ تہ خداوند جي حضور مان ڀڄي ترسيس ڏي وڃي؛ ۽ هو يافا ۾ لهي ويو ۽ اُتي هڪڙو جهاز ترسيس ڏي ويندو ڏٺائين: ۽ هو ڀاڙو ڏيئي انهيءَ ۾ وڃي ويٺو، انهي لاءِ تہ هنن سان گڏجي خداوند جي حضور مان نڪري ترسيس ڏي وڃي.


افسوس انهي تي، جو ڪاٺ کي ٿو چوي تہ جاڳ، ۽ گونگي پٿر کي تہ اُٿ! هن مان ڪا تعليم ملندي ڇا؟ ڏس، هن تي سون ۽ چاندي چڙهيل آهي، ۽ انهي منجهہ ساهہ ڪونهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan