Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 10:5 - Sindhi Bible

5 اُهي کجيءَ وانگي اُڀا ۽ سينگاريل آهن، پر ڳالهائين نہ ٿا: هو هلي نٿا سگهن، تنهن ڪري ضرور هنن کي کڻڻو ٿو پوي؛ انهن کان بہ نہ ڊڄو؛ اُهي برائي ڪري نہ سگهندا، ۽ نہ اُنهن کي ڀلائي ڪرڻ جي ڪا طاقت آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 واڙيءَ ۾ فصل جي حفاظت لاءِ کوڙيل بوتي جيان هنن جا بت ڳالهائي نہ ٿا سگھن. اهي گھمي ڦري نہ ٿا سگھن، تنهنڪري ضروري آهي تہ کين کڻي هلجي. سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو، هو ڪوبہ نفعو يا نقصان پهچائي نہ ٿا سگھن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 10:5
16 Iomraidhean Croise  

۽ جيڪو ڍڳو هنن کي ڏنو ويو سو هنن ورتو ۽ اُنهيءَ کي تيار ڪيائون، ۽ صبح کان وٺي ٻن پهرن تائين بعل جو نالو وٺي پئي سڏيائون، ۽ پئي چيائون تہ اي بعل اسان جي ٻڌ. پر ڪوبہ آواز ڪونہ آيو ۽ نہ ڪنهن جواب ڏنو. ۽ جيڪا قربانگاهہ جوڙي هئائون تنهن جي چوڌاري ٽپڻ لڳا.


انهيءَ ڪري خداوند جي ڪاوڙ امصياہ تي ڀڙڪي ۽ هن ڏانهس هڪڙو نبي موڪليو جنهن چيس تہ تون ڇالاءِ انهن ماڻهن جي معبودن جو طالب ٿيو آهين، جن خود پنهنجي قوم کي تنهنجن هٿن مان نہ ڇڏايو آهي؟


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن موآب پاڻ کي حاضر ڪندو ۽ جڏهن هو مٿانهين جاءِ تي پاڻ کي ٿڪائيندو، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان ۾ دعا گهرڻ لاءِ ايندو تہ هو فتحياب نہ ٿيندو.


اوهين گڏجي اچو؛ اوهين جي قومن مان بچي نڪتا آهيو سي گڏ ٿي ويجها اچو: جيڪي پنهنجيءَ اُڪريل مورت جو ڪاٺ ٿا کڻن، ۽ انهيءَ معبود کان دعا ٿا گهرن جو بچائي نٿو سگهي، سي بي سمجهہ آهن.


بيل هيٺ جهڪي ٿو، نبو سجدو ٿو ڪري؛ انهن جون مورتون جانورن ۽ ڍورن تي لڏيل آهن: جيڪي شيون اوهين کڻي پئي گهميا، سي ٿڪل جانورن تي لڏيل بوجهو آهن.


اُهي هن کي ڪلهي تي کڻي سندس جاءِ تي رکن ٿا، ۽ هو بيهي ٿو؛ ۽ هو پنهنجي جاءِ تان نٿو چُري: بلڪ جڏهن ڪو هن کي پڪاريندو تہ بہ هو جواب ڪونہ ڏيندو، نڪي کيس مصيبت کان بچائيندو.


سڀڪو ماڻهو جهنگلي ۽ نادان ٿي پيو آهي؛ سڀڪو سونارو پنهنجي اُڪريل مورت جي ڪري شرمندو ٿيو آهي: ڇالاءِ جو سندس پلٽيل مورت ڪوڙ آهي، ۽ منجهن ساهہ ڪونهي.


افسوس انهي تي، جو ڪاٺ کي ٿو چوي تہ جاڳ، ۽ گونگي پٿر کي تہ اُٿ! هن مان ڪا تعليم ملندي ڇا؟ ڏس، هن تي سون ۽ چاندي چڙهيل آهي، ۽ انهي منجهہ ساهہ ڪونهي.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ جڏهن اوهين غير قوم جا هئا، تڏهن گونگن بُتن جي پٺيان، جيئن ڪو اوهان کي وٺي ويندو هو، تيئن ويندا هئا.


هاڻي جيڪي شيون بُتن تي قربانيءَ طور ٿا چاڙهين تن بابت، اسان کي خبر آهي تہ بُت دنيا ۾ ڪي بہ ڪين آهن، ۽ هڪڙي کانسواءِ ٻيو ڪو خدا ڪونهي.


۽ اتي اوهين ماڻهن جي هٿ جي جوڙيل معبودن جي عبادت ڪندا، جي ڪاٺ ۽ پهڻ جا هوندا، جي نڪي ڏسندا، نڪي ٻڌندا، نڪي کائيندا، نڪي سنگهندا هوندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan