Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 10:4 - Sindhi Bible

4 انهي کي روپي ۽ سون سان سينگارين ٿا؛ هو انهن کي مترڪن سان ڪليون هڻي قابو ڪن ٿا، تہ چُري نہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 ان کي هو سون ۽ چانديءَ سان سينگارين ٿا. هو انهيءَ کي مترڪن سان ڪوڪا هڻي قابو ڪن ٿا تہ جيئن لچڪي نہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 10:4
9 Iomraidhean Croise  

انهن جا بت چانديءَ ۽ سون جا آهن، ۽ ماڻهن جي هٿ جي ڪاريگري آهن.


ڌارين قومن جا بت چاندي ۽ سون آهن، اهي ماڻهن جي هٿ جا جوڙيل آهن،


لوهار ڪهاڙو ٺاهي ٿو، ۽ اَڱرن تي ڪم ڪري ٿو، ۽ مترڪن سان انهي کي جوڙي، ۽ پنهنجن زور ڀرين ٻانهن سان انهي کي گهڙي ٿو: هائو، هو بکائجي ٿو، ۽ ڪمزور ٿو ٿئي؛ هو پاڻي نٿو پيئي، ۽ ساڻو ٿو ٿئي.


جيڪي ڳوٿريءَ مان سون ڪڍن ٿا ۽ ساهميءَ ۾ چاندي تورين ٿا، اهي سوناري کي ڪم تي رکن ٿا ۽ هو انهي مان هڪڙو معبود جوڙي ٿو؛ پوءِ اُهي هنجي اڳيان جهڪن ٿا ۽ سجدو ڪن ٿا.


اُهي هن کي ڪلهي تي کڻي سندس جاءِ تي رکن ٿا، ۽ هو بيهي ٿو؛ ۽ هو پنهنجي جاءِ تان نٿو چُري: بلڪ جڏهن ڪو هن کي پڪاريندو تہ بہ هو جواب ڪونہ ڏيندو، نڪي کيس مصيبت کان بچائيندو.


۽ هاڻي هو وڃن وڌيڪ گناهہ ڪندا، ۽ پنهنجي لاءِ چانديءَ جون پلٽيل مورتون ٿا جوڙين، يعني پنهنجي سمجهہ موافق بُت ٿا جوڙين، جي سڀ ڪاريگرن جا ڪم آهن: انهن بابت هو چون ٿا تہ جيڪي قربانيون چاڙهين ٿا، سي گابن کي چُمن.


افسوس انهي تي، جو ڪاٺ کي ٿو چوي تہ جاڳ، ۽ گونگي پٿر کي تہ اُٿ! هن مان ڪا تعليم ملندي ڇا؟ ڏس، هن تي سون ۽ چاندي چڙهيل آهي، ۽ انهي منجهہ ساهہ ڪونهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan