Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 1:9 - Sindhi Bible

9 تڏهن خداوند پنهنجو هٿ ڊگهيري منهنجي وات کي ڇهيو؛ ۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ ڏس، مون پنهنجون ڳالهيون تنهنجي وات ۾ وڌيون آهن:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 پوءِ خداوند پنهنجو هٿ ڊگھيري منهنجي وات کي ڇهيو ۽ مون کي چيائين تہ ”مون پنهنجو فرمان تنهنجي وات ۾ وڌو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 1:9
22 Iomraidhean Croise  

هن منهنجي وات کي تکي ترار وانگي ڪيو آهي، هن مون کي پنهنجي هٿ جي پاڇي ۾ لڪايو آهي؛ هن مون کي چمڪندڙ تير وانگي ڪيو آهي، ۽ مون کي پنهنجيءَ بٿيءَ ۾ پنهنجي ويجهو رکيو اٿس.


خداوند خدا مون کي شاگردن جي زبان ڏني آهي، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ٿڪل هجي تنهن کي ڪلام سان مدد ڏيڻ اچيم: هو مون کي هر روز صبح جو جاڳائي ٿو، هو منهنجو ڪن کولي ٿو تہ آءٌ شاگردن وانگي ٻڌان.


مون پنهنجو ڪلام تنهنجي وات ۾ وڌو آهي، ۽ توکي پنهنجي هٿ جي پاڇي سان ڍڪيو اٿم، انهي لاءِ تہ آسمانن کي قائم ڪريان، ۽ زمين جو بنياد وجهان، ۽ صيون کي چوان تہ تون منهنجي اُمت آهين.


۽ خداوند فرمائي ٿو تہ انهن سان منهنجو هي عهد آهي، تہ منهنجو روح جو توتي آهي، ۽ منهنجو ڪلام جو مون تنهنجي وات ۾ وڌو آهي، سو تنهنجي وات مان، ۽ تنهنجي اولاد جي وات مان، ۽ تنهنجي اولاد جي اولاد جي وات مان، اڄ کان وٺي هميشہ تائين ڪين نڪرندو، خداوند ٿو فرمائي.


تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن تون موٽندين تہ آءٌ بہ توکي وري موٽائيندس تہ منهنجي اڳيان اچي بيهين؛ ۽ جيڪڏهن تون پاڪ کي ناپاڪ مان ڪڍي ڌار ڪندين، تہ تون منهنجي وات جهڙو ٿيندين؛ هو تو ڏي موٽي ايندا پر تون هنن ڏي موٽي نہ ويندين؛


جڏهن يرمياہ نبي هي سڀ ڳالهيون يروشلم ۾ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي ٻڌايون،


هڪ ڪتاب جي ويڙهي کڻ ۽ اسرائيل جي بابت ۽ يهوداہ جي بابت، ۽ سڀني قومن جي بابت، جنهن ڏينهن مون تو سان ڳالهايو تنهن کان وٺي يعني يوسياہ جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ انهي ۾ لک.


تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، ڇالاءِ جو اوهين اهڙي ڳالهہ ٿا ڪريو تنهن ڪري آءٌ پنهنجو ڪلام تنهنجي وات ۾ باهہ ڪندس، ۽ هن قوم کي ڪاٺ ڪندس، ۽ اهو هنن کي ساڙي ٻاري ڇڏيندو.


هيترو بہ وڌيڪ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، جيڪي ڳالهيون آءٌ توکي ٻڌايان تن کي پنهنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏي ۽ اُهي ڪَن ڏيئي ٻُڌ.


۽ ڏس، هڪڙي هٿ مون کي ڇهيو، جنهن مون کي منهنجن گوڏن ۽ هٿن جي ترين تي ويهاريو:


۽ ڏس، آدمزادن جهڙي هڪڙي شخص منهنجي چپن کي ڇهيو: تڏهن مون پنهنجو وات پَٽيو ۽ ڳالهائڻ لڳس، ۽ اُهو جو منهنجي اڳيان بيٺو هو تنهن کي چيم، تہ اي منهنجا مالڪ، انهي رويا جي ڪري منهنجا ڏک مون تي ڪاهي اچي پيا آهن، ۽ مون ۾ طاقت ڪانہ رهي آهي.


تڏهن خداوند بلعام کي هڪڙي ڳالهہ ٻڌائي، ۽ چيائينس، تہ بلق وٽ موٽي وڃ ۽ هيئن وڃي چويس.


پر جڏهن هو اوهان کي جهلائين، تڏهن اهو فڪر نہ ڪجو تہ ڪيئن يا ڇا ڳالهايون، ڇالاءِ جو جيڪي اوهان کي ڳالهائڻو هوندو سو اُنهيءَ گهڙيءَ پاڻهي اوهان کي ٻڌايو ويندو.


۽ هو انهي کي گوڙ کان پاسيرو وٺي ويو، ۽ پنهنجون آڱريون هن جي ڪنن ۾ وڌائين، ۽ ڦيڻي ڪڍي هن جي زبان کي لاتائين؛


ڇالاءِ جو جيڪي اوهان کي چوڻ کپي سو پاڪ روح اُنهي ئي گهڙيءَ اوهان کي سيکاريندو.


ڇالاءِ تہ آئون اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي سمجهہ ڏيندس، جو اوهان جي ڪنهن بہ دشمن کي طاقت نہ ٿيندي تہ اوهان جي سامهون ٿئي، يا اوهان کي رد قد ڏيئي سگهي.


هي تنهنجي انهيءَ درخواست موجب ٿيندو، جڏهن تو حورب ۾ جماعت واري ڏينهن خداوند پنهنجي خدا کي چيو هو، تہ شل آءٌ خداوند پنهنجي خدا جو آواز وري نہ ٻڌان، نڪي آءٌ وري ڪڏهن هيءَ باهہ ڏسان، متان مري وڃان.


تڏهن خداوند مون کي چيو، تہ هنن جو چوڻ برابر آهي.


آءٌ هنن جي لاءِ سندن ڀائرن منجهان تو جهڙو هڪڙو نبي اُٿاريندس؛ ۽ آءٌ پنهنجو ڪلام انهي جي وات ۾ وجهندس، جيڪي آءٌ هن کي فرمائيندس، سو هو هنن کي ٻڌائيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan