Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 1:7 - Sindhi Bible

7 پر خداوند مون کي چيو تہ ائين نہ چئُہ تہ آءٌ ٻار آهيان: ڇالاءِ جو جنهن ڏانهن آءٌ توکي موڪليندس تنهن ڏي تون ويندين، ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيندس سو تون ٻڌائيندين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

7 تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”ائين نہ چئُہ تہ ’آءٌ تہ اڃا ٻار آهيان،‘ بلڪ جنهن ڏانهن بہ آءٌ تو کي موڪليان، تنهن ڏانهن تو کي وڃڻو آهي، ۽ جيڪي حڪم آءٌ تو کي ڏيان سو پهچائڻو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 1:7
20 Iomraidhean Croise  

۽ ميڪاياہ چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو سو آءٌ چوندس.


۽ هاڻي، اي خداوند منهنجا خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي، منهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو آهي: ۽ آءٌ رڳو هڪڙو ننڍڙو ٻار آهيان؛ مون کي اها خبر نہ آهي تہ ڪيئن ٻاهر وڃان يا اندر اچان.


تڏهن ميڪاياہ چيو تہ جيئري خداوند جو قسم آهي تہ جيڪي منهنجي خدا چوندو سو آءٌ ٻڌائيندس.


جو خداوند موسيٰ کي چيو تہ آءٌ خداوند آهيان، جيڪي آءٌ توکي چوان ٿو، سو سڀ تون مصر جي بادشاهہ فرعون کي ٻڌائج.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ خداوند جي گهر جي ايوان ۾ اُٿي بيهہ ۽ جيڪي يهوداہ جا شهر خداوند جي گهر ۾ سجدي ڪرڻ لاءِ ٿا اچن، تن سڀني کي اُهي سڀ ڳالهيون ٻڌاءِ، جن جي ٻڌائڻ لاءِ آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان؛ هڪڙو لفظ بہ پٺتي نہ رک.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يرمياہ سڀني ماڻهن کي خداوند، سندن خدا جون اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائي چڪو، جن سان خداوند سندن خدا هنن کي وٽن موڪليو هو، يعني اُهي سڀ ڳالهيون،


۽ تون اهي سڀ ڳالهيون انهن کي ٻڌاءِ: پر هو تنهنجي نہ ٻڌندا: تون هنن کي سڏيندين بہ، پر هو توکي ڪوبہ جواب نہ ڏيندا.


۽ جيڪي آءٌ چوان سو تون انهن کي ٻڌائج، پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن: ڇالاءِ جو اُهي نهايت باغي آهن.


پر جڏهن آءٌ توسان ڳالهائيندس، تڏهن آءٌ تنهنجو وات پٽيندس ۽ پوءِ تون هنن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن کي ٻڌڻو هجي سو ٻڌي؛ ۽ جيڪو نہ ٻڌي سو ڀلي تہ نہ ٻڌي: ڇالاءِ جو اُهو باغي گهراڻو آهي.


۽ خداوند مون کي ڌڻ جي پٺيان وڃڻ کان کڻي ورتو، ۽ خداوند مون کي چيو تہ وڃي منهنجي قوم اسرائيل وٽ نبوت ڪر.


اُٿي نينوہ ڏي وڃ، جو وڏو شهر آهي، ۽ جيڪي آءٌ توکي چوان، انهي جي منادي ڪري ٻڌاءِ.


پوءِ خدا رات جو بلعام وٽ آيو ۽ چيائينس تہ، جيڪڏهن اهي ماڻهو توکي سڏڻ آيا آهن، تہ تون اُٿي انهن سان وڃ، پر جيڪا ڳالهہ آءٌ توکي چوان، سا ئي تون ڪج.


تڏهن بلعام بلق کي چيو تہ ڏس، آءٌ تو وٽ آيو آهيان: پر مون کي ايتري مجال نہ آهي جو جيڪي وڻيم سو چوان؟ جيڪا ڳالهہ خدا مون کي چوندو، سا ئي آءٌ ٻڌائيندس.


۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


ڇالاءِ جو آئون خدا جي ساري مرضي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan