Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 1:2 - Sindhi Bible

2 جنهن تي يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن امون جي ڏينهن ۾، سندس حڪومت جي تيرهين سال، خداوند جو ڪلام نازل ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي تيرهين سال خداوند جو فرمان يرمياہ تي نازل ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 1:2
18 Iomraidhean Croise  

۽ خداوند جي حڪم سان هو قربانگاهہ جي برخلاف وڏي سڏ چوڻ لڳو تہ اي قربانگاهہ، قربانگاهہ، خداوند هيئن ٿو فرمائي: ڏس، دائود جي گهراڻي ۾ هڪڙو ٻار يوسياہ نالي ڄمندو؛ ۽ اُهو تو تي انهن مٿانهين جاين جي ڪاهنن کي قرباني ڪندو، جي تو تي لوبان ٿا ساڙين؛ ۽ تو تي ماڻهن جا هڏا ساڙيندا.


۽ هيئن ٿيو تہ جيئن هو اڃا دسترخاني تي ويٺا هئا تيئن خداوند جو ڪلام انهيءَ نبيءَ تي نازل ٿيو، جنهن هن کي موٽائي آندو.


۽ منسي پنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي سُتو ۽ خود پنهنجي گهر جي باغ ۾، عزا جي باغ ۾ دفن ڪيو ويو: ۽ سندس پٽ امون سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.


پر جن ماڻهن بادشاهہ امون جي برخلاف منصوبو ڪيو هو تن سڀني کي انهيءَ ملڪ جي ماڻهن قتل ڪري ڇڏيو؛ ۽ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن هن جي پٽ يوسياہ کي سندس جاءِ تي بادشاهہ ڪيو.


۽ يوسياہ بادشاهہ جي ارڙهين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو تہ هن پنهنجي محرر سافن بن اصلياہ بن مسلام کي خداوند جي گهر ڏانهن موڪليو، ۽ چيائينس تہ


تنهن کان سواءِ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ اي يرمياہ، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ بادام جي هڪڙي وڻ جي ٽاري ٿو ڏسان.


هاڻي خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ


يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن آمون جي تيرهين سال کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي ٽيويهہ ورهيہ گذريا آهن، تن ۾ خداوند جو ڪلام مون وٽ آيو آهي ۽ مون صبح جو سوير اُٿي اوهان کي ٻڌايو آهي؛ پر اوهان نہ ٻڌو.


حننياہ نبيءَ يرمياہ نبيءَ جي ڳچيءَ مان گز کڻي ڀڃي ڇڏيو، تنهن کان پوءِ خداوند جو ڪلام يرمياہ وٽ آيو، جنهن چيو تہ


يوسياہ بادشاهہ جي ڏينهن ۾ خداوند مون کي هيترو وڌيڪ بہ فرمايو تہ، جيڪي بي وفا اسرائيل ڪيو آهي سو ڪي تو ڏٺو آهي؟ هوءَ سڀ ڪنهن مٿانهين جبل تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ ويٺي آهي، ۽ اُتي زناڪاري ڪئي اٿس.


هڪ ڪتاب جي ويڙهي کڻ ۽ اسرائيل جي بابت ۽ يهوداہ جي بابت، ۽ سڀني قومن جي بابت، جنهن ڏينهن مون تو سان ڳالهايو تنهن کان وٺي يعني يوسياہ جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ انهي ۾ لک.


اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس جي ڏينهن ۾، ۽ يهوداہ جي بادشاهن عزياہ، يوتام، آخز، ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾، خداوند جو ڪلام هوسيع بن بيريءَ تي نازل ٿيو.


خداوند جو ڪلام جو يوايل بن فتوايل تي نازل ٿيو.


خداوند جو ڪلام يوناہ بن امتيءَ تي نازل ٿيو، تہ


خداوند جو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهن يوتام، آخز ۽ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتيءَ تي نازل ٿيو، جو هن سامريہ ۽ يروشلم جي نسبت ۾ ڏٺو.


خداوند جو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن امون جي ڏينهن ۾ صفنياہ بن ڪوشي بن جدلياہ بن امرياہ بن حزقياہ تي نازل ٿيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan