Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 1:13 - Sindhi Bible

13 ۽ خداوند جو ڪلام ٻيو ڀيرو مون تي نازل ٿيو، ۽ هن فرمايو تہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ هڪڙي ٽهڪندڙ ديڳ ٿو ڏسان؛ ۽ انهي جو منهن اُتر کان آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

13 پوءِ خداوند ٻيو ڀيرو مون کان پڇيو تہ ”تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”آءٌ هڪڙي ٽهڪندڙ ديڳ ٿو ڏسان، جنهن جو منهن اتر طرف کان هيڏانهن جھڪيل آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 1:13
10 Iomraidhean Croise  

۽ اهو خواب جو فرعون کي ٻہ ڀيرا ڏيکاريو ويو آهي، سو انهيءَ لاءِ تہ اها ڳالهہ خدا مقرر ڪري ڇڏي آهي، ۽ خدا جلد ائين ڪندو.


تيئن منهنجو ڪلام جو منهنجي وات مان نڪري ٿو سو بہ ڪندو؛ اهو مون ڏانهن خالي نہ موٽندو، پر جيڪي آءٌ چاهيان ٿو، ۽ جنهن ڳالهہ لاءِ مون هن کي موڪليو هوندو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو.


تڏهن خداوند مون کي چيو اي يرمياہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ مون چيو تہ انجير؛ چڱا انجير تمام عمدا آهن؛ ۽ خراب تمام خراب آهن، اهڙا جو کائڻ جي لائق ئي نہ آهن.


جو چون ٿا تہ وقت ويجهو ڪونهي تہ گهر ٺاهيون: هي شهر ديڳ آهي ۽ اسين گوشت آهيون.


تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جا ڪُٺل ماڻهو جي اوهان شهر جي وچ ۾ رکيا آهن، سي اُهو گوشت آهن ۽ هي شهر اُها ديڳ آهي: پر اوهين انهي منجهان ٻاهر ڪڍيا ويندا.


تنهنڪري هن کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجين ڳالهين مان ڪنهن ۾ بہ هاڻي دير نہ ٿيندي، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو ضرور پورو ٿيندو.


هن فرمايو تہ اي عاموس، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ گرميءَ جي موسم جي ميوي جي هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان. تڏهن خداوند مون کي فرمايو، تہ منهنجي قوم اسرائيل جي پڇاڙي اچي بيٺي آهي؛ آءٌ اڳتي وري هنن کي معاف نہ ڪندس.


۽ هن مون کي چيو، تہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون ورندي ڏيئي چيو تہ مون ڏٺو آهي ۽ ڏس تہ هڪڙو سونو شمعدان، جنهن جو پيالو سندس مٿان آهي ۽ ست ڏيئا انهيءَ ۾ آهن؛ ۽ انهيءَ جي مٿان هر ڪنهن ڏيئي لاءِ ست نليون آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan