Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 1:11 - Sindhi Bible

11 تنهن کان سواءِ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ اي يرمياہ، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ بادام جي هڪڙي وڻ جي ٽاري ٿو ڏسان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ خداوند مون کان پڇيو تہ ”اي يرمياہ! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون کيس وراڻيو تہ ”آءٌ بادام جي وڻ جي هڪڙي ٽاري ٿو ڏسان.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 1:11
11 Iomraidhean Croise  

پوءِ يعقوب سائي چنار ۽ بادام ۽ عرمون جون لٺيون کنيون؛ ۽ ڇلي انهن ۾ اڇا پٽا ڪڍيائين، ۽ انهن ڪاٺين ۾ جيڪا اڇاڻ هئي، سا ظاهر ڪيائين.


تيئن منهنجو ڪلام جو منهنجي وات مان نڪري ٿو سو بہ ڪندو؛ اهو مون ڏانهن خالي نہ موٽندو، پر جيڪي آءٌ چاهيان ٿو، ۽ جنهن ڳالهہ لاءِ مون هن کي موڪليو هوندو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو.


تڏهن خداوند مون کي چيو اي يرمياہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ مون چيو تہ انجير؛ چڱا انجير تمام عمدا آهن؛ ۽ خراب تمام خراب آهن، اهڙا جو کائڻ جي لائق ئي نہ آهن.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان؛ آءٌ ڳالهائيندس ۽ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو پورو ٿيندو؛ انهي ۾ وري دير نہ لڳندي؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي باغي گهراڻا، اوهان جي ڏينهن ۾ آءٌ ڪلام ڪندس ۽ اُهو عمل ۾ آڻيندس.


تنهنڪري هن کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجين ڳالهين مان ڪنهن ۾ بہ هاڻي دير نہ ٿيندي، پر خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو ضرور پورو ٿيندو.


ڏس، اُهو ڏينهن اچي ٿو: تنهنجي سزا نڪتي آهي؛ لٺ ٻور جهليو آهي؛ مغروريءَ مُکڙيون ڪڍيون آهن.


۽ خداوند مون کي چيو تہ اي عاموس، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ هڪڙو شاهل. تڏهن خداوند چيو تہ ڏس، آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي وچ ۾ شاهل رکندس؛ آءٌ اڳتي وري هنن وٽان نہ لنگهندس:


هن فرمايو تہ اي عاموس، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ گرميءَ جي موسم جي ميوي جي هڪڙي ٽوڪري ٿو ڏسان. تڏهن خداوند مون کي فرمايو، تہ منهنجي قوم اسرائيل جي پڇاڙي اچي بيٺي آهي؛ آءٌ اڳتي وري هنن کي معاف نہ ڪندس.


۽ هن مون کي چيو، تہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون ورندي ڏيئي چيو تہ مون ڏٺو آهي ۽ ڏس تہ هڪڙو سونو شمعدان، جنهن جو پيالو سندس مٿان آهي ۽ ست ڏيئا انهيءَ ۾ آهن؛ ۽ انهيءَ جي مٿان هر ڪنهن ڏيئي لاءِ ست نليون آهن.


۽ هن مون کي چيو، تہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون ورندي ڏني، تہ آءٌ هڪڙي اُڏامندڙ ڪاغذ جي ويڙهي ٿو ڏسان؛ جنهن جي ڊيگهہ ويهہ هٿ، ۽ ويڪر ڏهہ هٿ آهي.


۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ شاهديءَ واري تنبوءَ ۾ ويو، تڏهن ڇا ٿو ڏسي تہ هارون واري لٺ، جا لاويءَ جي گهراڻي لاءِ هئي، تنهن ۾ مکڙيون ڦٽيون آهن، ۽ گل نڪتا آهن، ۽ پڪيون باداميون لڳيون آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan