Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 1:10 - Sindhi Bible

10 ڏس، اڄوڪي ڏينهن مون توکي قومن تي ۽ حڪومتن تي مقرر ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ تون پٽين ۽ ڀڃي ڊاهي وجهين، ۽ ناس ڪرين، ۽ اونڌو ڪري ڪيرائين؛ اڏائين ۽ پوکين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 ياد رک، اڄ مون تو کي قومن ۽ حڪومتن تي اختيار ڏنو آهي تہ تون کين پاڙؤن پٽين، ڀڃين ڊاهين، اونڌو يا ناس ڪرين، يا وري کين اڏائين ۽ آباد ڪرين.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 1:10
29 Iomraidhean Croise  

۽ ايلياہ تشبي، جو جلعاد جي رهاڪن مان هو، تنهن اخي آب کي چيو تہ خداوند اسرائيل جي جيئري خدا جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان، تہ منهنجي چئي بنا هنن ورهين ۾ ماڪ يا مينهن نہ پوندو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو حزائيل جي ترار کان بچي نڪرندو تنهن کي ياهو قتل ڪندو: ۽ جيڪو ياهوءَ جي ترار کان بچي نڪرندو تنهن کي اليشع قتل ڪندو.


مارڻ جي لاءِ وقت، ۽ ڇُٽائڻ جي لاءِ وقت؛ ڊاهڻ جي لاءِ وقت، ۽ اڏڻ جي لاءِ وقت؛


پيٽ ۾ مون توکي جوڙيو تنهن کان اڳي مون توکي ڄاتو، ۽ پيٽ مان تون نڪتين تنهن کان اڳي مون توکي مخصوص ڪيو؛ مون توکي قومن جي لاءِ نبي مقرر ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو آءٌ هنن تي چڱائي لاءِ پنهنجي نظر رکندس ۽ انهن کي موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس: ۽ آءٌ انهن کي اڏيندس ۽ ڊاهي ڪين ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي ڄمائيندس ۽ پٽي ڪين ڇڏيندس.


۽ آءٌ انهي زمين تي اُهي سڀ ڳالهيون آڻيندس جي انهن جي برخلاف مون اڳيئي ظاهر ڪيون آهن، يعني اُهي سڀ جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، جي يرمياہ سڀني قومن جي برخلاف نبوت ڪري ٻڌايون آهن.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيئن مون هنن تي نگهباني ڪري هنن کي پٽي ڪڍيو ۽ ڀڃي ڇڏيو، ۽ اونڌو ڪري ناس ڪيو ۽ ڏکويو؛ تيئن آءٌ هنن تي نگهباني ڪري هنن کي اڏيندس ۽ پوکيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.


۽ مڙهن ۽ ڪيريءَ جي سڄي وادي، ۽ سڀ ٻنيون قدرون جي نهر تائين، ۽ اُڀرندي ڏي گهوڙي واري دروازي جي ڪنڊ تائين، خداوند جي لاءِ پاڪ ٿينديون؛ اُهو پٽي ڪڍيو نہ ويندو، ۽ نہ وري ڪڏهن هيٺ اُڇلايو ويندو.


هڪ ڪتاب جي ويڙهي کڻ ۽ اسرائيل جي بابت ۽ يهوداہ جي بابت، ۽ سڀني قومن جي بابت، جنهن ڏينهن مون تو سان ڳالهايو تنهن کان وٺي يعني يوسياہ جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ انهي ۾ لک.


ڏس، آءٌ انهن تي نظرداري ڪريان ٿو، نہ چڱائيءَ لاءِ پر بڇڙائيءَ لاءِ: ۽ يهوداہ جا سڀ ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ آهن، سي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا، جيسين ڪ سندن پڄاڻي ٿيندي.


تون هن کي هيئن چئج، خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي مون اڏيو آهي سو آءٌ ڀڃي ڊاهي ڇڏيندس، ۽ جيڪي مون پوکيو آهي سو آءٌ پٽي ڇڏيندس؛ ۽ سڄي ملڪ ۾ ائين ڪندس.


اي آدمزاد، تون ٻہ رستا مقرر ڪر تہ بابل جي بادشاهہ جي ترار اچي. اُهي ٻئي هڪڙي زمين مان نڪري ايندا: ۽ هڪڙي جاءِ نشان ڪري ڪڍ، انهي جو شهر ڏانهن وڃڻ جي رستي جي چوٽيءَ تي نشان ڪر.


خداوند هيترو بہ وڌيڪ مون کي چيو، تہ اي آدمزاد، تون اهولہ ۽ اهوليبہ جي عدالت ڪندين ڇا؟ تڏهن انهن کي سندن ڪراهت جهڙا ڪم ظاهر ڪري ٻڌاءِ.


اي آدمزاد، مصر جي جماعت لاءِ واويلا مچاءِ ۽ انهن کي، ۽ مشهور قومن جي ڌيئرن کي، زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ انهن سان گڏ اُڇلائي ڇڏ، جي هيٺ کڏ ۾ ٿا وڃن.


تڏهن جيڪي قومون اوهان جي چوڌاري بچيون هونديون سي ڄاڻنديون تہ مون خداوند، ڦٽل جاين کي اڏايو آهي، ۽ جيڪا زمين ويران هئي تنهن کي آباد ڪرايو آهي: مون خداوند ائين فرمايو آهي ۽ ضرور ائين ڪندس.


۽ اُهو مون انهي رويا موافق ٿي ڏٺو، هائو، انهي رويا وانگر ٿي ڏٺم جڏهن آءٌ اهو شهر ناس ڪرڻ آيو هوس؛ ۽ اُهي رويا بہ اُنهي رويا جهڙا هئا، جي مون ڪبار نديءَ جي ڪناري تي ڏٺا هئا: ۽ آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس.


تنهنڪري مون هنن کي نبين جي وسيلي گهائل ڪيو آهي؛ مون هنن کي پنهنجي وات جي لفظن سان ڪُٺو آهي: ۽ منهنجون فتوائون انهي روشنيءَ وانگر آهن جا اڳيان هلي ٿي.


يقين آهي تہ خداوند ڪي بہ ڪين ڪندو، پر هو پنهنجو ڳجهہ پنهنجن ٻانهن نبين کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو:


اُنهيءَ ڏينهن دائود جو تنبو، جو ڪِري پيو آهي، سو آءٌ کڙو ڪندس، ۽ انهيءَ جا ڦاٽ بند ڪندس، ۽ انهيءَ جا ڦٽل هنڌ وري جوڙي ٺاهيندس، ۽ اڳين ڏينهن وانگي اُنهي کي اڏيندس؛


پر منهنجا حڪم ۽ منهنجا قاعدا، جي مون پنهنجن ٻانهن کي فرمايا، اُهي اوهانجن ابن ڏاڏن کي نہ پهتا ڇا؟ ۽ هنن ڦري چيو، تہ جيئن لشڪرن جي خداوند کي وڻيو، تيئن هن اوهان سان ڪيو، يعني اسان کي اسانجين راهن ۽ ڪمن جو بدلو ڏنو اٿس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan