Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 4:8 - Sindhi Bible

8 هن کان پوءِ منهنجي لاءِ راستبازيءَ جو تاج تيار رکيو آهي، جو عادل منصف يعني خداوند انهي ڏينهن مون کي ڏيندو: ۽ نہ رڳو مون کي پر انهن سڀني کي جي سندس ظهور جا مشتاق آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

8 هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، پرڀو يسوع، جيڪو انصاف ڪندڙ جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

8 هاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آهي. اهو تاج، خداوند عيسيٰ، جيڪو عادل جج آهي سو عدالت واري ڏينهن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انهن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاهر ٿيڻ لاءِ واجھائي رهيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

8 ھاڻي سچائيءَ جو تاج مون لاءِ رکيل آھي. اھو تاج، خداوند، جيڪو عادل جج آھي سو عدالت واري ڏينھن تي مون کي پارائيندو، نہ رڳو مون کي بلڪ انھن سڀني کي بہ، جيڪي سندس ظاھر ٿيڻ لاءِ واجھائي رھيا آھن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 4:8
39 Iomraidhean Croise  

شل توکان ائين نہ ٿئي، جو بدڪارن سان گڏ راستبازن کي بہ برباد ڪرين، ۽ راستباز بدڪارن جهڙا ليکجن. ساريءَ دنيا جو منصف انصاف ڪين ڪندو ڇا؟


جن کي تنهنجو ڊپ آهي، تن لاءِ ڪهڙي نہ وڏي ڀلائي تو گڏ ڪري رکي آهي، جا تو بني آدم جي اڳيان پنهنجي ايماندارن لاءِ ظاهر ڪئي آهي.


خدا سچو منصف آهي؛ بلڪ اهڙو خدا جو هر روز غصي ٿو ٿئي.


هوءَ تنهنجي مٿي کي زينت جو زيور بخشيندي: هوءَ توکي سونهن جو ڇٽ ڏيندي.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هو منهنجي اُمت، بلڪ منهنجي خاص ملڪيت ٿيندا؛ ۽ آءٌ انهن تي اهڙو رحمدل ٿيندس، جهڙو پيءُ پنهنجي خدمتگار پٽ تي ٿيندو آهي.


پر اُنهي ڏينهن يا گهڙيءَ جي ڪنهن کي بہ خبر ڪانهي، نڪا آسمان جي ملائڪن کي، نہ پٽ کي، پر رڳو پيءُ کي آهي.


انهي ڏينهن گهڻا مون کي چوندا تہ اي خداوند، اي خداوند، اسان تنهنجي نالي پيشنگوئيون نہ ڪيون ڇا، ۽ اسان تنهنجي نالي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ ۽ تنهنجي نالي گهڻا ئي معجزا نہ ڪيا ڇا؟


آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ انهي شهر کان سدوم شهر لاءِ اهو ڏينهن وڌيڪ سولو ٿيندو.


پر تون جو سخت دل ٿيو آهين، ۽ توبهہ نٿو ڪرين، سو اُنهي غضب جي ڏينهن لاءِ پنهنجي واسطي غضب ميڙي پيو گڏ ڪرين، جنهن ۾ خدا جي سچي عدالت ظاهر ٿيندي؛


۽ نہ رڳو مخلوقات پر اسين پاڻ بہ، جن کي روح جو پهريون ڦل مليو آهي، سي پنهنجي اندر ۾ پيا ڪنجهون ۽ پنهنجي گود جا پٽ ٿيڻ لاءِ، يعني پنهنجي بدن جي ڇوٽڪاري لاءِ، منتظر ٿيو ويٺا آهيون.


پر جيئن لکيل آهي، تہ ”جيڪي شيون اکين نہ ڏٺيون ۽ ڪنن نہ ٻُڌيون، ۽ جي ماڻهوءَ جي خيال ۾ نہ آيون، سي سڀ خدا اُنهن جي لاءِ تيار ڪيون جي کيس پيار ٿا ڪن.“


تہ هر ڪنهن جو ڪم ظاهر ٿي پوندو، ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن انهن کي پڌرو ڪندو، جڏهن باهہ نازل ٿيندي، ۽ خود باهہ هرهڪ ماڻهوءَ جو ڪم پرکيندي تہ ڪهڙي قسم جو آهي.


هرڪو پهلوان سڀني ڳالهين ۾ پرهيز ٿو ڪري. هاڻي هو جو ائين ٿا ڪن، سو فاني تاج حاصل ڪرڻ لاءِ، پر اسين غير فانيءَ لاءِ.


ڇالاءِ تہ اسان جو گهر جو آسمان ۾ آهي، تنهن کي پوشاڪ وانگر پائڻ لاءِ اسين آهون پيا ڀريون:


تہ من ڪنهن رستي مُئلن منجهان جي اُٿڻ جي درجي تائين پهچان.


انهيءَ اُميد جي ڪري جا اوهان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آهي. ۽ جنهن جو ذڪر اوهان اڳيئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي ڪلام ۾ ٻُڌو آهي،


۽ سندس فرزند جي آسمان مان اچڻ جي انتظار ۾ رهو، جنهن کي هن مُئلن مان جياريو، يعني يسوع کي، جو اسان کي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.


پر اي ڀائرو، اوهين اونداهيءَ ۾ نہ آهيو، جو اهو ڏينهن چور وانگر اوهان تي اچي پوي.


تنهن کانپوءِ اُهو بي دين پڌرو ٿيندو، ۽ خداوند يسوع پنهنجي وات جي ڦوڪ سان هن کي ماري وجهندو، ۽ پنهنجي اچڻ جي ظهور سان چٽ ڪري ڇڏيندو،


۽ آئيندہ لاءِ پنهنجي واسطي چڱو بنياد قائم ڪن تہ اها زندگي حاصل ڪن جا حقيقي آهي.


۽ جو هاڻي اسان جي نجات ڏيندڙ مسيح يسوع جي ظاهر ٿيڻ ڪري پڌرو ڪيو ويو، جنهن موت کي نيست ڪري، ۽ انجيل جي وسيلي حياتيءَ ۽ بقا کي روشن ڪيو آهي.


۽ انهي سبب ڪري آئون هي ڏک بہ ٿو سهان. تڏهن بہ آئون شرمايان نٿو، ڇالاءِ جو جنهن تي منهنجو ايمان آهي، تنهن کي آئون سڃاڻان ٿو، ۽ مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو انهي ڏينهن تائين سنڀال ڪري ٿو سگهي.


(شل خداوند هن کي اهو بخشي تہ انهي ڏينهن کيس خدا جو رحم حاصل ٿئي؛) ۽ جيڪي خدمتون هن افسس ۾ ڪيون، سي تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو شرط ۾ مقابلو ٿو ڪري تہ اهو بہ جيسين قاعدي موجب نٿو هلي، تيسين انعام نٿو مليس.


آئون خدا، ۽ يسوع مسيح جي اڳيان توکي تاڪيد ٿو ڪريان جو جيئرن ۽ مُئلن جي عدالت ڪندو، ۽ سندس ظهور ۽ سندس بادشاهت جي يادگيري ڏياري ٿو چوان؛


۽ انهيءَ مبارڪ اُميد جي، يعني پنهنجي عظيم خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي جلال جي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ رهون؛


في الحال سڀ ڪنهن سيکت مان خوشي حاصل نٿي ٿئي، بلڪ غم جو سبب ٿي ڏسجي، تڏهن بہ جيڪي اها سهي سهي پڪا ٿي ويا آهن، تن کي راستبازيءَ جو ڦل ٿي ڏئي، جنهن مان اطمينان حاصل ٿو ٿئي.


تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گهڻن جي گناهن کڻڻ لاءِ قربان ٿي، ٻيو ڀيرو نہ گناهہ جي فيصلي لاءِ پر نجات جي لاءِ، انهن کي ڏيکاري ڏيندو، جي سندس انتظار ۾ آهن.


مبارڪ آهي اُهو ماڻهو، جنهن تي آزمائش ٿي اچي تہ بہ قائم ٿو رهي؛ ڇالاءِ جو جڏهن هو قبول پوندو، تڏهن زندگيءَ جو اهو تاج حاصل ڪندو، جنهن جو خداوند پنهنجي محبت ڪرڻ وارن کي واعدو ڏنو آهي.


تہ اسين هڪڙو غير فاني، ۽ بي داغ، ۽ لازوال ورثو حاصل ڪريون، جو خاص اوهان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آهي.


۽ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي جلال جو اهڙو ڇَٽ ملندو، جو ڪومائجڻ جو ناهي.


ڏسو، هو بادلن ۾ ٿو اچي؛ ۽ سڀڪا اک اُنهي کي ڏسندي، ۽ اُهي بہ ڏسندا جن هن کي چُڀائي ماريو؛ ۽ زمين جون سڀ قومون اُنهي لاءِ ماتم ڪنديون. بيشڪ. آمين.


۽ مون ڏٺو تہ آسمان کليل هو، ۽ ڏسو، هڪڙو اڇو گهوڙو نڪتو، جنهن تي هڪڙو سوار هو جنهن جو نالو آهي ايماندار ۽ سچار؛ ۽ اهو راستبازيءَ سان انصاف ۽ جنگ ٿو ڪري.


جيڪي ڏک توکي سَهڻا آهن تن کان نہ ڊڄ: ڏس، شيطان اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجهڻ وارو آهي تہ اوهان جي آزمائش ٿئي؛ ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان تي مصيبت رهندي. تون مرڻ تائين ايماندار رهہ ۽ آئون توکي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.


جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڀري، سو چوي ٿو تہ: هائو، آئون جلد ٿو اچان. آمين. اي خداوند يسوع، اچ.


تڏهن جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي اڳيان اهي چوويهہ بزرگ سجدو ٿا ڪن، ۽ جو سدائين جيئرو آهي، تنهن کي سجدو ڪري، ۽ تخت جي اڳيان پنهنجا تاج رکي ٿا چون تہ


۽ انهي تخت جي چوڌاري چوويهہ تخت هئا: ۽ انهن تختن تي مون چوويهہ بزرگ ويٺل ڏٺا، جن کي اڇا ڪپڙا پهريل هئا؛ ۽ انهن جي مٿن تي سونا تاج هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan