Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 4:4 - Sindhi Bible

4 ۽ پنهنجا ڪَن حق کان ڦيرائيندا ۽ آکاڻين ڏانهن نيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 اهي سچ ٻڌڻ کان پنهنجا ڪن بند ڪري هٿرادو ڪهاڻين ڏانهن ڌيان ڏيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 اهي سچ ٻڌڻ کان پنهنجا ڪن بند ڪري هٿرادو ڪهاڻين ڏانهن ڌيان ڏيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 اھي پنھنجا ڪن سچ ٻڌڻ کان بند ڪري ڇڏيندا ۽ ڪوڙين آکاڻين ڏانھن ڌيان ڏيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 4:4
13 Iomraidhean Croise  

ڇالاءِ جو ڀورڙن جي گمراهي هنن کي ڪهندي، ۽ بي عقلن جي اقبال مندي هنن کي ناس ڪندي.


اُهي غيب ڏسڻ واري کي چون ٿا تہ غيب نہ ڏسو، ۽ نبين کي چون ٿا تہ اسان کي نبوت جون سچيون ڳالهيون نہ ٻڌايو؛ اسان کي وڻندڙ ڳالهيون ٻڌايو، ۽ ڪوڙي نبوت ڪريو.


پر هنن ٻُڌڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجو ڪلهو ڪڍيو، ۽ پنهنجا ڪَن بند ڪيا تہ نہ ٻُڌن.


ڇالاءِ جو هنن ماڻهن جي دل ڏاڍي ٿي پيئي آهي، ۽ سندن ڪَن گهٻرا آهن، ۽ هنن پنهنجون اکيون پوري ڇڏيون آهن؛ تہ متان هو پنهنجين اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجن ڪَنن سان ٻُڌن، ۽ پنهنجيءَ دل سان سمجهن، ۽ ڦري پون، ۽ آئون کين شفا ڏيان.“


پر هنن وٺي زور سان واڪا ڪيا ۽ پنهنجا ڪَن کڻي بند ڪيائون، ۽ ايڪو ڪري مٿس ڪاهي آيا؛


۽ انهي ڪري خدا هنن کي گمراهيءَ ۾ ڇڏي ٿو ڏئي تہ ڪوڙ کي مڃين:


نڪي انهن آکاڻين ۽ بي انتها نسب نامن تي خيال ڊوڙائين، جن جي ڪري خدا جي انهي انتظام جي خبر نٿي پوي جو ايمان تي منحصر آهي، پر اُٽلندو تڪرار پيدا ٿا ٿين،


پر اجاين ڳالهين ۽ وهمي زالن جي آکاڻين کان انڪار ڪج. ۽ دينداريءَ جي لاءِ تعليم وٺندو رهج:


اي تيمٿيس، انهيءَ امانت کي سنڀالي رک، ۽ جنهن علم کي علم چوڻ ئي غلط آهي، تنهن جي اجائي بَڪ بَڪ ۽ اعتراض کان پاسو ڪر؛


توکي اها خبر آهي تہ آسيہ جا سڀيئي ماڻهو مون کان ڦري ويا آهن؛ جن مان فوگلس ۽ هرموگنيس آهن.


۽ يهودين جي آکاڻين ۽ گمراهہ ٿيل ماڻهن جي حڪمن تي ڌيان نہ ڏين.


شل اوهان سڀني تي فضل ٿئي. آمين.


ڇالاءِ جو جڏهن اسان اوهان کي پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي قدرت ۽ اچڻ جي خبر ڏني هئي، تڏهن بناوٽي ڪوڙن قصن تي ڪونہ لڳا هئاسين، پر سندس عظمت جا اکين ڏٺا شاهد هئاسين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan