Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 4:11 - Sindhi Bible

11 رڳو لوقا مون وٽ آهي. مرقس کي پاڻ سان وٺيو اچج: ڇالاءِ جو خدمت جي ڪم ۾ هو مون کي ڪمائتو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

11 رڳو لوقا مون وٽ آهي. تون مرقس کي پاڻ سان گڏ وٺي اچجانءِ، ڇاڪاڻ تہ سيوا واري ڪم ۾ هو منهنجو سٺو مددگار آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

11 رڳو لوقا مون وٽ آهي. تون مرقس کي پاڻ سان گڏ وٺي اچجانءِ، ڇاڪاڻ تہ خدمت واري ڪم ۾ هو منهنجو سٺو مددگار آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

11 رڳو لوقا مون وٽ آھي. تون مرقس کي پاڻ سان وٺيو اچج، ڇالاءِ⁠جو ھو خدمت واري ڪم ۾ منھنجو سٺو مددگار آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 4:11
15 Iomraidhean Croise  

آءٌ هنن جي ڪوتاهيءَ جو علاج ڪندس، ۽ هنن کي کلي دل سان پيار ڪندس، ڇالاءِ جو منهنجي ڪاوڙ هنن کان ڦري ويئي آهي.


پر گهڻا جي پهريان آهن سي پويان ٿيندا، ۽ جي پويان آهن سي پهريان ٿيندا.


انهي طرح پويان پهريان ٿيندا، ۽ پهريان پويان.


۽ ڏسو، ڪي پويان آهن سي پهريان ٿيندا، ۽ ڪي پهريان آهن سي پويان ٿيندا.


۽ جڏهن انهيءَ ڳالهہ تي ويچار ڪري رهيو تڏهن هو، يوحنا جنهن کي مرقس ڪري چوندا هئا، تنهن جي ماءُ مريم جي گهر آيو؛ اُتي گهڻا ئي اچي گڏ ٿيا هئا ۽ دعا پئي گهُريائون.


۽ برناباس ۽ شائول پنهنجي خدمت پوري ڪري، ۽ يوحنا جنهن کي مرقس سڏيندا هئا، تنهن کي پاڻ سان وٺي يروشلم ۾ آيا.


۽ برناباس کي دل ۾ آيو تہ يوحنا، جنهن کي مرقس ٿا چون، تنهن کي بہ پاڻ سان وٺيو هلن.


تنهن تي اهڙو سخت تڪرار ٿيو، جو هو هڪ ٻئي کان ڌار ٿي پيا. ۽ برناباس مرقس کي وٺي جهاز تي چڙهي ڪپرس ڏانهن روانو ٿيو؛


هن جي انهي رويا ڏسندي شرط اسان هڪدم مڪدونيہ ۾ وڃڻ جو سعيو ڪيو؛ جو سمجهيوسين تہ خدا هنن کي خوشخبري ٻُڌائڻ لاءِ اسان کي ڪوٺيو آهي.


ارسترخس، جو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، ۽ برناباس جي سوٽ مرقس (جنهن جي بابت اوهان کي حڪم مليو، اهو جي اوهان وٽ اچي تہ انهي جو استقبال ڪجو.)


پيارو طبيب لوقا ۽ ديماس اوهان کي سلام ٿا ڏين.


توکي اها خبر آهي تہ آسيہ جا سڀيئي ماڻهو مون کان ڦري ويا آهن؛ جن مان فوگلس ۽ هرموگنيس آهن.


تنهنڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ذليل ڪمن کان پاڪ ٿو رکي تہ عزت جو ٿانءُ ۽ پاڪ ٿيندو، ۽ ڌڻيءَ جي ڪم جو لائق ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم جي لاءِ تيار ٿيندو.


۽ مرقس ۽ ارسترخس ۽ ديماس، ۽ لوقا، جي منهنجا هم خدمت آهن، سي توکي سلام ٿا ڏين.


بابل واري ڪليسيا جا اوهان سان گڏ چونڊيل آهي، سا اوهان کي سلام ٿي موڪلي؛ ۽ اهڙيءَ طرح منهنجو فرزند مرقس بہ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan