Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 4:1 - Sindhi Bible

1 آئون خدا، ۽ يسوع مسيح جي اڳيان توکي تاڪيد ٿو ڪريان جو جيئرن ۽ مُئلن جي عدالت ڪندو، ۽ سندس ظهور ۽ سندس بادشاهت جي يادگيري ڏياري ٿو چوان؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 هاڻ آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ايشور ۽ يسوع مسيح، جيڪو وري اچي راجا جي حيثيت سان ظاهر ٿيندو ۽ جيوت توڙي مئلن جي عدالت ڪندو، تن ٻنهي کي حاضر ناظر ڄاڻي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 هاڻ آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا ۽ عيسيٰ مسيح، جيڪو وري اچي بادشاهہ جي حيثيت سان ظاهر ٿيندو ۽ جيئرن توڙي مئلن جي عدالت ڪندو، تن ٻنهي کي حاضر ناظر ڄاڻي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 خدا ۽ انھيءَ عيسيٰ مسيح کي، جيڪو جيئرن ۽ مئلن جي عدالت ڪندو، حاضر ناظر ڄاڻي ۽ سندس ظاھر ٿيڻ ۽ بادشاھت ڪرڻ جي ڪري آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 4:1
35 Iomraidhean Croise  

۽ آسمان سندس راستبازي ظاهر ڪندا؛ ڇالاءِ جو خدا پاڻ منصف آهي.


خداوند جي حضور ۾، ڇو جو هو اچي ٿو؛ هو زمين جي رهاڪن جي عدالت ڪرڻ ٿو اچي: هو راستيءَ سان جهان جي، ۽ پنهنجي سچائيءَ سان قومن جي عدالت ڪندو.


خداوند جي حضور، ڇو جو هو زمين جي رهاڪن جي عدالت ڪرڻ ٿو اچي: هو راستيءَ سان جهان جي، ۽ سچائيءَ سان قومن جي عدالت ڪندو.


ڇالاءِ جو جڏهن ابن آدم پنهنجي پيءُ جي جلال ۾ پنهنجن ملائڪن سان گڏ ايندو، تڏهن هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس ڪمن موجب اجر ڏيندو.


تنهن تي هن چيو تہ هڪڙو امير ڪنهن ڏورانهين ملڪ ڏانهن ٿي ويو، تہ اُتان پنهنجي لاءِ بادشاهت وٺي موٽي.


پوءِ هيئن ٿيو، تہ جڏهن هو بادشاهت وٺي موٽيو، تڏهن حڪم ڪيائين تہ جن نوڪرن کي پيسا ڏيئي ويو هوس، تن کي مون وٽ سڏي اچو تہ ڏسان تہ واپار ڪري ڇا کڻي ڪمائي رکيو اٿن.


پوءِ هن چيو، تہ اي يسوع، جڏهن تون پنهنجي بادشاهت ۾ اچين، تڏهن مون کي ياد ڪج.


۽ هن اسان کي حڪم ڏنو، تہ اُمت ۾ وڃي منادي ڪريو، ۽ شاهدي ڏيو تہ هي اهو ئي آهي جو خدا جي طرفان جيئرن ۽ مُئلن جي عدالت ڪندڙ مقرر ٿيو آهي.


ڇالاءِ جو هن هڪڙو ڏينهن ٺهرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هو جهان جي عدالت راستيءَ سان، انهي ماڻهوءَ جي وسيلي ڪندو، جنهن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ۽ کيس مُئلن مان جياري سڀني ماڻهن کي انهي جي ثابتي ڏني اٿس.


انهي ڏينهن لاءِ، جڏهن خدا منهنجي خوشخبريءَ موجب يسوع مسيح جي وسيلي ماڻهن جي پوشيدہ ڳالهين جو انصاف ڪندو.


جڏهن مسيح، جو اسان جي زندگي آهي، سو ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهين بہ ساڻس گڏ جلال ۾ ظاهر ٿيندا.


تنهن کانپوءِ اُهو بي دين پڌرو ٿيندو، ۽ خداوند يسوع پنهنجي وات جي ڦوڪ سان هن کي ماري وجهندو، ۽ پنهنجي اچڻ جي ظهور سان چٽ ڪري ڇڏيندو،


خدا ۽ مسيح يسوع، ۽ چونڊيل ملائڪن جي حضور ۾ آئون توکي تاڪيد ٿو ڪريان، تہ انهن ڳالهين تي بنا تعصب عمل ڪر ۽ ڪنهن بہ ڪم ۾ پاسخاطري نہ ڪر.


۽ جو هاڻي اسان جي نجات ڏيندڙ مسيح يسوع جي ظاهر ٿيڻ ڪري پڌرو ڪيو ويو، جنهن موت کي نيست ڪري، ۽ انجيل جي وسيلي حياتيءَ ۽ بقا کي روشن ڪيو آهي.


اهي ڳالهيون کين ياد ڏيار، ۽ خداوند جي اڳيان کين تاڪيد ڪر تہ هو لفظن بابت بحث نہ ڪن، ڇو جو انهي مان ڪجهہ بہ حاصل نٿو ٿئي، بلڪ جيڪي ٻُڌن ٿا سي بگڙيو پون.


خداوند مون کي سڀ ڪنهن خراب ڪم کان ڇڏائيندو، ۽ مون کي پنهنجي آسماني بادشاهت ۾ صحيح سلامت پهچائيندو؛ انهي جو جلال شل هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين.


هن کان پوءِ منهنجي لاءِ راستبازيءَ جو تاج تيار رکيو آهي، جو عادل منصف يعني خداوند انهي ڏينهن مون کي ڏيندو: ۽ نہ رڳو مون کي پر انهن سڀني کي جي سندس ظهور جا مشتاق آهن.


۽ انهيءَ مبارڪ اُميد جي، يعني پنهنجي عظيم خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي جلال جي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ رهون؛


انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان، جو باهہ سان پرکيل فاني سون کان زيادہ قيمتي آهي، سو مسيح جي ظاهر ٿيڻ وقت، تعريف ۽ جلال ۽ عزت جي لائق ٿئي.


پر جيڪو جيئرن ۽ مُئلن جي عدالت ڪرڻ لاءِ تيار آهي، تنهن کي ئي پنهنجن ڪمن جو حساب ڏيڻو پوندن.


۽ جڏهن وڏو ڌنار ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي جلال جو اهڙو ڇَٽ ملندو، جو ڪومائجڻ جو ناهي.


ڇالاءِ جو ائين ڪرڻ سان اوهين فتحمند ٿي اسان جي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي ابدي بادشاهت ۾ چڱيءَ طرح داخل ٿيندا.


ڇالاءِ جو هن کي خدا پيءُ کان عزت ۽ جلال مليو، جنهن وقت نهايت اعليٰ جلال مان کيس هي آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي، جنهن سان آئون گهڻو خوش آهيان.“


۽ هاڻي اي منهنجا ننڍڙا ٻارو، انهي ۾ قائم رهجو، تہ جڏهن هو ظاهر ٿئي تڏهن اسان کي همت هجي، ۽ اسين هن جي اچڻ مهل سندس اڳيان شرمندا نہ ٿيون.


ڏسو، هو بادلن ۾ ٿو اچي؛ ۽ سڀڪا اک اُنهي کي ڏسندي، ۽ اُهي بہ ڏسندا جن هن کي چُڀائي ماريو؛ ۽ زمين جون سڀ قومون اُنهي لاءِ ماتم ڪنديون. بيشڪ. آمين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan