Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 3:9 - Sindhi Bible

9 پر هو اڳتي وڌي ڪين سگهندا: ڇالاءِ جو سندن بي عقلي سڀني ماڻهن تي ظاهر ٿيندي؛ جيئن هنن جي بہ ٿي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

9 پر اهي اڳتي وڌي ڪين سگھندا، ڇاڪاڻ تہ سندن مورکتا سڀني ماڻهن تي ظاهر ٿيندي، جهڙيءَ طرح انهن ٻنهي جادوگرن جي بہ ٿي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 پر اهي اڳتي وڌي ڪين سگھندا، ڇاڪاڻ تہ سندن بي‌وقوفي سڀني ماڻهن تي ظاهر ٿيندي، جهڙيءَ طرح انهن ٻنهي جادوگرن جي بہ ٿي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

9 اھي اڳتي وڌي ڪين سگھندا، ڇالاءِ⁠جو سندن بي⁠عقلي سڀني ماڻھن تي ظاھر ٿيندي، جھڙيءَ طرح انھن ٻنھي جي بہ ٿي ھئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 3:9
14 Iomraidhean Croise  

۽ ميڪاياہ چيو تہ ڏس، انهيءَ ڏينهن تون ڏسندين جنهن ڏينهن تون پاڻ کي لڪائڻ لاءِ اندرئينءَ ڪوٺيءَ ۾ ويندين.


بيشڪ انسان جو غضب تنهنجي تعريف جو سبب ٿيندو؛ ۽ باقي رهيل غضب سان تون پنهنجي ڪمر ٻڌندين.


تڏهن فرعون بہ ڏاها ماڻهو ۽ جادوگر گهرايا، ۽ مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو؛


ڇالاءِ جو انهن مان هرهڪ ماڻهوءَ پنهنجي لٺ اُڇلائي، ۽ اُهي نانگ ٿي پيون: پر هارون جي لٺ انهن جي لٺين کي ڳڙڪائي ويئي.


۽ جادوگر انهن ڦرڙين جي ڪري موسيٰ جي اڳيان بيهي نہ سگهيا؛ ڇالاءِ جو ڦرڙيون انهن جادوگرن تي ۽ سڀني مصرين تي نڪتيون هيون.


هاڻي اوهان جا اُهي نبي ڪٿي آهن جن اوهان کي پيشنگوئي ڪري چيو تہ بابل جو بادشاهہ اوهان تي يا هن ملڪ تي ڪاهي نہ ايندو؟


پر هو ڄڻ ڇتا ٿي پيا، ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ يسوع سان ڇا ڪجي؟


هاڻي ڏس، تو تي خداوند جي مار پوندي، ۽ تون انڌو ٿي پوندين، ۽ ڪجهہ مدت تائين سج بہ ڏسڻ ۾ ڪين ايندءِ.“ ۽ هڪدم هن تي ڌنڌ ۽ اونداهي اچي پيئي؛ ۽ هو هيڏانهن هوڏانهن هٿوراڙيون هڻڻ لڳو تہ ڪو کيس هٿ کان وٺي هلي.


۽ جهڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس موسيٰ جي سامهون ٿيا هئا، تهڙيءَ طرح هي ماڻهو بہ سچ جي مخالفت ٿا ڪن؛ اهي اهڙا ماڻهو آهن جن جو عقل بگڙيل آهي ۽ ڪوڙي ايمان جي ڪري رد ٿيل آهن،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan