Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 3:4 - Sindhi Bible

4 دغاباز، ضدي، وڏائي خور؛ خدا کان وڌيڪ عيش عشرت کي پسند ڪرڻ وارا،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 اهي دغاباز، اُٻهرا، وڏائيءَ ۾ ڦونڊيل ۽ ايشور جي بدران عيش عشرت جا ڳولائو هوندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 اهي دغاباز، اُٻهرا، وڏائيءَ ۾ ڦونڊيل ۽ خدا جي بدران عيش عشرت جا طلبگار هوندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 اھي دغاباز، اُٻھرا، وڏائي⁠خور ۽ خدا جي بدران عيش عشرت کي پسند ڪرڻ وارا ھوندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 3:4
12 Iomraidhean Croise  

پوءِ جڏهن هنن ڳالهين جو انڪار ڪري نہ ٿو سگهجي، تڏهن اوهان کي گهرجي تہ ٿڌا ٿيو، ۽ اُٻهرا ٿي ڪجهہ بہ نہ ڪريو.


اهو ڪهڙو نبي هو، جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ ۽ جن انهي راستباز جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني، تن کي ماري وڌائون؛ جنهن جا اوهين هاڻ جهلائڻ ۽ مارڻ وارا ٿيا آهيو؛


چڱو، هو تہ پنهنجي بي ايمانيءَ ڪري ڀڳيون ويون، ۽ تون پنهنجي ايمان جي ڪري قائم بيٺو آهين. سو مغرور نہ ٿيءُ، پر خوف ڪر،


ڇالاءِ جو جيڪي اهڙا آهن سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ پر پنهنجي پيٽ جي ٿا ڪن؛ ۽ پنهنجي سڻڀيءَ ۽ مٺي ٻوليءَ سان ڀورڙن جون دليون ٿا ٺڳين.


نومريد نہ هجي، متان مغروريءَ جي ڪري شيطان واريءَ سزا ۾ گرفتار ٿئي؛


پر جيڪا عيش عشرت ۾ گذاري ٿي، سا جيئري ئي مُئل آهي.


جيڪي هن موجودہ جهان ۾ دولتمند آهن تن کي حڪم ڏي تہ مغرور نہ ٿين، نڪي بي بقا دولت تي اُميد آسرو رکن، بلڪ خدا تي، جو اسان کي سڀ شيون ڪم آڻڻ لاءِ ڪثرت سان ٿو ڏئي؛


هي اُهي آهن جي جدائيون ٿا وجهن؛ نفساني ماڻهو، جن ۾ روح نہ آهي.


ڇالاءِ جو ڪي ماڻهو آهن جي لڪي ڇپي گهڙي آيا آهن، يعني اُهي جي قديم زماني کان هن سزا جي لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا، ۽ اُهي بي دين ماڻهو آهن، جي اسان جي خدا جو فضل ڦيرائي شهوت پرستي ٿا ڪن، ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند يسوع مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan