Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 3:3 - Sindhi Bible

3 طبعي محبت کان خالي، سنگدل، ڪوڙي تهمت آڻيندڙ، بدپرهيز، وحشي، نيڪيءَ جا دشمن،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 اهي پريم کان خالي، سنگدل، بدنامي ڪندڙ، پاڻ تي ضابطو نہ رکندڙ، وحشي ۽ نيڪيءَ جا دشمن هوندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 اهي محبت کان خالي، بي‌رحم، بدنامي ڪندڙ، پاڻ تي ضابطو نہ رکندڙ، وحشي ۽ نيڪيءَ جا دشمن هوندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 اھي محبت کان خالي، بي⁠رحم، بدنامي ڪندڙ، پاڻ تي ضابطو نہ رکندڙ، وحشي ۽ نيڪيءَ جا دشمن ھوندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 3:3
31 Iomraidhean Croise  

لعنت سندن ڪاوڙ تي، جا ڏاڍي تکي هئي، ۽ سندن غصي تي، جو تمام سخت هو. آءٌ هنن کي يعقوب ۾ ڌار ڪندس، ۽ اسرائيل ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس.


جنهن جي نظر ۾ ڪميڻو ماڻهو نفرتي آهي؛ پر جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا، تن جي عزت ٿو ڪري، ۽ جڏهن قسم ٿو کڻي، تڏهن پنهنجي نقصان هوندي بہ ڦري نٿو وڃي.


پر آءٌ ڪينئون آهيان، ۽ ماڻهو نہ آهيان: ماڻهن ۾ ۽ قومن ۾ حقير آهيان.


هو ماڻهن ۾ حقير، ۽ رد ٿيل هو؛ هو ڏکن ڀريو ماڻهو، ۽ غم جو واقف، اهڙو ڌڪاريل ماڻهو هو جنهن کان هو پنهنجو منهن ڦيرائين، اسان هن جو قدر نہ ڪيو.


۽ جن توکي ستايو آهي تن جا پٽ مٿو جهڪائي تو وٽ ايندا؛ ۽ جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي سي سڀ تنهنجن پيرن جي ترين وٽ سجدو ڪندا؛ ۽ توکي خداوند جو شهر ۽ اسرائيل جي قدوس جو صيون سڏيندا.


۽ اُنهن جي بادشاهت جي پوئين وقت ۾، جڏهن گنهگار پوريءَ حد تائين پهچندا، تڏهن هڪڙو بادشاهہ برپا ٿيندو جو هيبتناڪ شڪل جو هوندو، ۽ مشڪل مسئلا سمجهندو.


۽ ڀاءُ ڀاءُ کي موت لاءِ جهلائيندو، ۽ پيءُ پنهنجي ٻار کي، ۽ اولاد مائٽن جي برخلاف کڙو ٿيندو، ۽ هنن کي مارائي وجهندو.


تنهن کانپوءِ روح يسوع کي رڻ پٽ ڏانهن وٺي ويو، انهي لاءِ تہ شيطان کيس آزمائي.


۽ جيڪو اوهان جي ٿو ٻُڌي، سو منهنجي ٿو ٻُڌي؛ ۽ جيڪو اوهان کي نٿو مڃي، سو مون کي نٿو مڃي؛ ۽ جيڪو مون کي نٿو مڃي، سو اُنهي کي نٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.


۽ فريسي جن کي پيسي جي ڏاڍي لالچ هئي، سي اُهي سڀ ڳالهيون ٻُڌي مٿس ٺٺولي ڪرڻ لڳا.


يسوع کين جواب ڏنو، تہ مون اوهان ٻارهن ئي کي ڪين چونڊيو آهي، ۽ اوهان مان هڪڙو شيطان آهي؟


۽ هو هر طرح جي ناراستيءَ، بدي، لالچ، بدخواهيءَ، ريس، خون، جهيڙي، ٺڳي، ۽ بغض سان ڀرجي ويا، ۽ چغلخور،


بي سمجهہ، واعدي شڪن، طبعي محبت کان خالي، ۽ بيرحم ٿي پيا:


اوهين هڪ ٻئي کان ڌار نہ رهو، پر فقط ٿوري وقت لاءِ ٻنهي جي رضامنديءَ سان ائين ڪريو، تہ اوهين دعا ۾ لڳي سگهو. ۽ پوءِ وري پاڻ ۾ گڏ ٿيو، متان نفس جي غالب پوڻ ڪري شيطان اوهان کي آزمائي.


پر جي هو پاڻ کي جهلي نٿيون سگهن تہ ڀلي پرڻجن. ڇالاءِ جو سڙڻ کان پرڻجڻ بهتر آهي.


تنهنڪري جيڪو هيءَ ڳالهہ رد ٿو ڪري، سو ماڻهوءَ کي رد نٿو ڪري پر خدا کي رد ٿو ڪري، جو پنهنجو پاڪ روح اوهان کي ڏئي ٿو.


انهيءَ طرح زالن کي بہ گهرجي تہ سنجيدگيءَ سان رهن، نہ گلا ڪندڙ، پر پرهيزگار ۽ سڀني ڳالهين ۾ ايماندار هجن.


پر مهمان نواز، نيڪيءَ جو طالب، سالم دل وارو، منصف مزاج، پاڪ، پرهيزگار؛


ساڳيءَ طرح پيرسن زالون بہ هلت چلت ۾ پاڪ ٿيلن وانگر هجن، نہ گلا غيبت ڪندڙ، نہ شراب جي عادت واريون، پر چڱيون ڳالهيون سيکارڻ واريون هجن؛


پر اوهان انهي غريب ماڻهوءَ کي بي آبرو ڪيو آهي. دولتمند اوهان تي ظلم نٿا ڪن ڇا، ۽ اهي اوهان کي گهلي ڪچهريءَ ۾ نٿا وٺي وڃن ڇا؟


انهن جي اکين مان زنا پيو بَکي، ۽ گناهہ ڪرڻ کان بس نٿا ڪن؛ ۽ جيڪي غير مستقل مزاج آهن، تن کي ڦاسايو وٺن؛ انهن جي دل لالچ ۾ ڏاڍي چالاڪ آهي؛ ۽ اُهي لعنت جا ٻار آهن.


هو کين آزادگيءَ جو واعدو ڏين ٿا، ۽ پاڻ خرابيءَ جا غلام ٿيا وتن: ڇالاءِ جو جيڪو ماڻهو ڪنهن کان مغلوب ٿو ٿئي، سو انهيءَ جي غلاميءَ ۾ ٿو اچي.


۽ پهرين اها ڳالهہ ڄاڻو تہ آخرين زماني ۾ کل ٺٺولي ڪندڙ ايندا، ۽ پنهنجين نفساني خواهشن تي هلندا،


اهي ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، ۽ پنهنجين بڇڙين خواهشن تي هلندڙ آهن، ۽ سندن وات مان وڏيون ٻٽاڪون پيون نڪرن؛ ۽ هو فائدي جي لاءِ ماڻهن جي پاسخاطري ٿا ڪن.


جو اهي اوهان کي چوندا هئا تہ آخر زماني ۾ اهڙا ٺٺوليون ڪرڻ وارا ايندا، جي پنهنجين برين خواهشن تي هلندا.


۽ کيس اهو اختيار ڏنو ويو تہ انهي ۾، يعني انهي حيوان جي بُت ۾ ڦوڪي ساهہ وجهي، تان تہ اُهو حيوان جو بُت ڳالهائي، ۽ جيترا ماڻهو انهي حيوان جي بُت جي پرستش نہ ڪن، تن کي مارائي ڇڏي.


انهي لاءِ تہ جنهن تي اهو نشان هجي، يعني انهي حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد هجي؛ تنهن کانسواءِ ڪوبہ ماڻهو خريد ۽ فروخت نہ ڪري سگهي.


ڇالاءِ جو هنن پاڪ ٿيلن ۽ نبين جو رت وهايو، ۽ تو کين رت پيئڻ لاءِ ڏنو: اُهي انهي جا لائق آهن.


۽ مون انهي زال کي پاڪ ٿيلن جي رت، ۽ يسوع جي شهيدن جي رت سان مست ڏٺو. ۽ کيس ڏسي آئون ڏاڍو حيران ٿي ويس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan