Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 2:3 - Sindhi Bible

3 مسيح يسوع جي چڱي سپاهيءَ وانگر مون سان گڏ سختي سهہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 يسوع مسيح جي سٺي سپاهيءَ وانگر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 عيسيٰ مسيح جي سٺي سپاهيءَ وانگر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 عيسيٰ مسيح جي سٺي سپاھيءَ جي حيثيت ۾ اسان سان گڏ سختي سھُہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 2:3
20 Iomraidhean Croise  

پوءِ جيئن سپاهين کي حڪم ڏنو ويو، تيئن هو پولس کي راتوواهہ انتپطرس ۾ وٺي آيا.


محبت سڀ ڪجهہ سهي ٿي، سڀ ڪنهن ڳالهہ تي اعتبار ٿي ڪري، سڀني ڳالهين ۾ اُميد رکي ٿي، سڀني ڳالهين جي برداشت ڪري ٿي.


ڪڏهن ڪو سپاهي پنهنجي خرچ تي جنگ ڪري ٿو ڇا؟ اهو ڪير آهي جو ڊاک جو منهہ پوکي ٿو ۽ انهي جو ڦل نٿو کائي؟ يا ڪير ڌڻ چاري ٿو ۽ ڌڻ جو کير نٿو پيئي؟


پر جي اسين مصيبت ۾ مبتلا آهيون، تہ اُها اوهان جي تسلي ۽ نجات جي لاءِ آهي؛ يا جي اسان کي تسلي ملي تہ اُها اوهان جي تسلي جي لاءِ آهي، جنهن جي اثر ڪري اوهين صبر سان اُهي ساڳيا ڏک سهو ٿا، جي اسين بہ ٿا سهون.


اي منهنجا فرزند تيمٿيس، جيڪي پيشنگوئيون تو بابت اڳي ڪيون ويون هيون، تن موجب آئون توکي اها تاڪيد ٿو ڪريان، تہ انهن جي ڪري تون چڱي جنگ ڪندو رهہ؛


پولس، جو انهيءَ زندگيءَ جي واعدي موجب، جيڪا مسيح يسوع ۾ آهي، ۽ خدا جي مرضيءَ سان مسيح يسوع جو رسول آهي، تنهن جي طرفان،


تنهنڪري اسان جي خداوند جي شاهدي ڏيڻ کان، توڙي مون کان جو سندس قيدي آهيان، شرم نہ ڪر؛ پر خدا جي قدرت موجب، خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سهہ.


تنهنڪري آئون چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجهہ ٿو سهان، انهي لاءِ تہ جيڪا نجات مسيح يسوع ۾ آهي، سا هو بہ ابدي جلال سان حاصل ڪن.


۽ جنهن جي ڪري آئون سختي ٿو سهان، بلڪ ايتري قدر، جو هڪ بدڪار وانگر قيد ۾ پيل آهيان؛ پر خدا جو ڪلام قيد نہ آهي.


مصيبت، عذاب ۽ اُهي ڏک جي انطاڪيہ ۽ اڪونيم ۽ لسترہ ۾ مون تي پيا، ۽ جي مون سَٺا، سي ڏٺا آهن؛ ۽ انهن سڀني مان خدا مون کي ڇڏايو.


پر تون سڀني ڳالهين ۾ هوشيار رهہ، سختي سهہ، بشارت جو ڪم ڪر، ۽ پنهنجي خدمت پوري ڪر.


۽ اسان جي ڀيڻ افيہ، ۽ اسان وانگر مسيح جي سپاهي ارخپس، ۽ انهيءَ ڪليسيا ڏانهن، جا تنهنجي گهر ۾ گڏ ٿيندي آهي؛


پر اڳوڻا ڏينهن ياد ڪريو، جڏهن روشن ٿيڻ کانپوءِ بہ اوهان تي ڏکن جو وسڪارو ٿيو.


ايمان ئي جي ڪري هن بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪئي ۽ مصر ڇڏي ڏنائين: ۽ اهڙي طرح برداشت ڪيائين جو ڄڻ تہ اڻ ڏٺل کي ٿو ڏسي.


۽ اهڙيءَ طرح هن صبر ڪري اهو واعدو حاصل ڪيو.


مبارڪ آهي اُهو ماڻهو، جنهن تي آزمائش ٿي اچي تہ بہ قائم ٿو رهي؛ ڇالاءِ جو جڏهن هو قبول پوندو، تڏهن زندگيءَ جو اهو تاج حاصل ڪندو، جنهن جو خداوند پنهنجي محبت ڪرڻ وارن کي واعدو ڏنو آهي.


تہ بني اسرائيل جي پيڙهين کي خبر پوي، ۽ جن کي اڳي جنگ جي واقفيت نہ هئي، تن کي جنگ ڪرڻ سيکاري؛


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan