Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 2:11 - Sindhi Bible

11 اها ڳالهہ سچي آهي، تہ جيڪڏهن اسين هن سان گڏ مُئاسين تہ وري هن سان گڏ جيئرا بہ ٿينداسين:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

11 اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي آهي تہ ”جيڪڏهن اسين يسوع مسيح سان گڏ مئا آهيون، تہ پوءِ هن سان گڏ جيوت بہ رهنداسين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

11 اها ڳالهہ ڀروسي جوڳي آهي تہ ”جيڪڏهن اسين عيسيٰ مسيح سان گڏ مئا آهيون، تہ پوءِ هن سان گڏ جيئرا بہ رهنداسين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

11 اھا ڳالھہ سچي آھي تہ ”جيڪڏھن اسين ھن سان گڏ مئاسين، تہ پوءِ ھن سان گڏ جيئنداسين بہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 2:11
12 Iomraidhean Croise  

باقي گهڙي ساعت آهي، ۽ دنيا مون کي وڌيڪ نہ ڏسندي؛ پر اوهين مون کي ڏسندا: ڇالاءِ جو آئون جيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ جيئندا.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن سندس موت جي مشابهت ۾ اسين هن سان شامل ٿيا آهيون، تہ هن جي جي اُٿڻ جي مشابهت ۾ بہ اسين هن سان ضرور شامل ٿينداسين.


پر جيڪڏهن اسين مسيح سان گڏ مُئاسين، تہ اها پڪ اٿئون تہ اُنهي سان گڏ جيئنداسين بہ،


جيتوڻيڪ هو ڪمزوريءَ جي ڪري صليب تي چاڙهيو ويو، تہ بہ خدا جي قدرت ڪري جيئرو آهي. ڇالاءِ جو اسين بہ هن ۾ ڪمزور آهيون، مگر خدا جي قدرت سان اوهان لاءِ ساڻس گڏ جيئنداسين.


اسين هميشہ پنهنجي بدن ۾ يسوع جو موت کنيو ٿا گهُمون، انهي لاءِ تہ يسوع جي زندگي بہ اسان جي بدن ۾ ظاهر ٿئي.


انهن کانپوءِ اسين جي جيئرا آهيون ۽ ڇڏيا ويا آهيون، سي اُنهن سان گڏ مٿي ڪڪرن ۾ کڄي وينداسين، انهي لاءِ تہ هوا ۾ خداوند جو استقبال ڪريون: اهڙيءَ طرح اسين هميشہ خداوند سان گڏ رهنداسين.


جنهن اسان لاءِ پنهنجي جان ڏني، انهي لاءِ تہ اسين جاڳون يا سمهون، تہ بہ ساڻس گڏ جيئون.


اها ڳالهہ سچي ۽ هر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ مسيح يسوع گنهگارن کي نجات ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو؛ جن مان آئون سڀني کان وڏو آهيان.


اها ڳالهہ سچي آهي تہ جيڪو ماڻهو نگهبان (بشپ) جو عهدو ٿو چاهي تہ اهو چڱي ڪم جي خواهش ٿو ڪري.


اها ڳالهہ سچي آهي، ۽ منهنجي مرضي آهي تہ تون انهن ڳالهين تي زور ڏي، انهي لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آهي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رهڻ جو خيال رکن. اهي ڳالهيون ماڻهن جي لاءِ چڱيون ۽ فائديمند آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan