Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 2:10 - Sindhi Bible

10 تنهنڪري آئون چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجهہ ٿو سهان، انهي لاءِ تہ جيڪا نجات مسيح يسوع ۾ آهي، سا هو بہ ابدي جلال سان حاصل ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

10 تنهنڪري آءٌ ايشور جي چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجھہ سهان ٿو، تہ جيئن جيڪا مڪتي يسوع مسيح ۾ ٿي ملي، تنهن کي اهي بہ هميشہ واري مهانتا سميت حاصل ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 تنهنڪري آءٌ خدا جي چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجھہ سهان ٿو، تہ جيئن جيڪو ڇوٽڪارو عيسيٰ مسيح ۾ ٿو ملي، تنهن کي اهي بہ ابدي عظمت سميت حاصل ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

10 تنھنڪري آءٌ چونڊيل ماڻھن جي خاطر سڀ ڪجھہ سھان ٿو، تہ جيئن جيڪو ڇوٽڪارو عيسيٰ مسيح جي وسيلي ٿو ملي، تنھن کي اھي بہ ابدي عظمت سميت حاصل ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 2:10
29 Iomraidhean Croise  

ڇالاءِ جو جيڪو مون کي لهي ٿو سو حياتي لهي ٿو، ۽ اهو خداوند جو فضل حاصل ڪندو.


۽ جيڪڏهن اُهي ڏينهن گهٽايا نہ وڃن ها تہ جيڪر ڪوبہ انسان نہ بچي ها، پر چونڊيلن جي خاطر اُهي ڏينهن گهٽايا ويندا.


ڇالاءِ جو ڪوڙا مسيح، ۽ ڪوڙا نبي اُٿندا، ۽ وڏيون نشانيون ۽ عجب ڪم ڏيکاريندا؛ انهي لاءِ تہ جي ٿي سگهي تہ اُنهن چونڊيلن کي گمراهہ ڪن.


۽ هو تُريءَ جي وڏي آواز سان پنهنجا ملائڪ موڪليندو، ۽ اُهي آسمان جي هڪڙيءَ حد کان ٻيءَ حد تائين چئني ڪنڊن مان هن جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪندا.


پوءِ خدا جا چونڊيل، جي رات ڏينهن کيس پيا پڪارين، تن لاءِ هو دير ڪندو ڇا؟ بلڪ انهن جو انصاف ڪين ڪندو ڇا؟


پر هن الي چيو، تہ اي مائي، آئون تہ سڃاڻانس بہ ڪين.


۽ نہ فقط هن قوم لاءِ، پر انهي لاءِ، تہ خدا جا ٻار جي ڇڙوڇڙ ٿيل آهن، تن کي گڏي آڻي هڪ ڪري.


اي بابا، منهنجي مرضي آهي تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، سي پڻ جتي آئون آهيان، اُتي مون سان هجن؛ انهي لاءِ تہ جو جلال تو مون کي پنهنجي پيار سان دنيا جي شروع کان اڳي ڏنو آهي سو هو ڏسن.


آئون هنن لاءِ ٿو سوال ڪريان: دنيا لاءِ نٿو ڪريان، پر اُنهن لاءِ، جي تو مون کي ڏنا آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي تنهنجا آهن.


جيڪي نيڪي ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهي، جلال ۽ عزت ۽ بقا جا طالب آهن، تن کي هو هميشہ جي زندگي ڏيندو:


۽ اهو هن لاءِ ٿيو تہ جيڪي رحم جا ٿانوَ هن جلال جي واسطي اڳيئي تيار ڪيا هئا، تن تي پنهنجي جلال جي نعمت ظاهر ڪري،


ڇالاءِ جو جڏهن خدا جي ڏاهپ موجب جهان پنهنجي ڏاهپ سان خدا کي نہ سڃاتو، تڏهن خدا جي اها مرضي ٿي تہ مناديءَ جي بيوَقوفيءَ جي وسيلي، ايمان آڻڻ وارن کي نجات ڏئي.


ڪمزورن جي لاءِ آئون ڪمزور ٿيس تہ ڪمزورن کي بچايان، آئون سڀني ماڻهن جي لاءِ سڀ ڪجهہ ٿيو آهيان، تہ هر طرح سان ڪن کي بچايان.


پر جي اسين مصيبت ۾ مبتلا آهيون، تہ اُها اوهان جي تسلي ۽ نجات جي لاءِ آهي؛ يا جي اسان کي تسلي ملي تہ اُها اوهان جي تسلي جي لاءِ آهي، جنهن جي اثر ڪري اوهين صبر سان اُهي ساڳيا ڏک سهو ٿا، جي اسين بہ ٿا سهون.


۽ آئون گهڻيءَ خوشيءَ سان اوهانجن روحن لاءِ خرچ ڪندس، ۽ پاڻ بہ خرچ ٿي ويندس. جيڪڏهن آئون اوهان کي گهڻو پيار ڪريان، تہ اوهين ڪو مون کي گهٽ پيار ڪندا ڇا؟


ڇالاءِ جو سڀ شيون اوهان جي واسطي آهن، انهي لاءِ تہ فضل، جو گهڻن جي ڪري زيادہ ٿو ٿئي، سو خدا جي جلال جي لاءِ شڪرگذاري بہ وڌائي.


ڇالاءِ جو اسان جي هيءَ هلڪي مصيبت جا ٿوري وقت لاءِ آهي، سا اسان جي واسطي بيحد وڏو ۽ ابدي جلال ٿي پيدا ڪري؛


تنهنڪري آئون عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي مصيبتون اوهان جي خاطر سهان ٿو، تن جي ڪري همت نہ هاريو، جو اهي اوهان جي لاءِ عزت جو سبب آهن.


هاڻي آئون اوهان جي خاطر پنهنجن ڏکن ۾ خوش ٿو رهان، ۽ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنهنجي بدن ۾ پوري ٿو ڪريان.


جن تي خدا اهو ظاهر ڪرڻ گهُريو تہ غير قومن ۾ انهي راز جي جلال جي دولت ڪهڙي آهي، تہ مسيح جو جلال جي اُميد آهي سو اوهان ۾ رهي ٿو.


ڇالاءِ جو خدا اسان کي انهي لاءِ ڪونہ مقرر ڪيو آهي تہ پنهنجو غضب اسان تي وجهي، پر انهي لاءِ تہ اسين پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي وسيلي نجات حاصل ڪريون،


انهي لاءِ ئي هن اوهان کي اسان جي خوشخبريءَ جي وسيلي سڏيو، تہ اوهين اسان جي خداوند يسوع مسيح جو جلال حاصل ڪريو.


پولس، جو انهيءَ زندگيءَ جي واعدي موجب، جيڪا مسيح يسوع ۾ آهي، ۽ خدا جي مرضيءَ سان مسيح يسوع جو رسول آهي، تنهن جي طرفان،


تنهنڪري اي منهنجا فرزند، جيڪو فضل مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ تون زور وارو ٿيءُ.


مسيح يسوع جي چڱي سپاهيءَ وانگر مون سان گڏ سختي سهہ.


پولس، جو خدا جو بندو ۽ يسوع مسيح جو رسول آهي، تنهن جي طرفان خدا جي چونڊيلن جي ايمان ۽ اُنهي حق جي سياڻپ موجب، جا دينداريءَ موافق آهي،


جو اڳي اوهين ڪابہ اُمت نہ هئا، پر هاڻي اوهين خدا جي اُمت آهيو: اڳي اوهان تي رحم ڪونہ ٿيو هو، پر هاڻي اوهان تي رحم ٿيو آهي.


خدا، جو ساري فضل جو چشمو آهي، جنهن اوهان کي مسيح ۾ پنهنجي ابدي جلال جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سهڻ کانپوءِ اوهان کي ڪامل، ۽ قائم، ۽ مضبوط ڪندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan