Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 1:2 - Sindhi Bible

2 تيمٿيس ڏانهن، جو منهنجو پيارو فرزند آهي، خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند مسيح يسوع جي طرفان فضل ۽ رحم ۽ اطمينان توکي حاصل ٿيندو رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 هي خط تو تيمٿيس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو منهنجو پيارو پٽ آهين. شل تو تي ايشور پتا ۽ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا، ديا ۽ شانتي هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 هي خط تو تيمٿيس ڏانهن لکان ٿو، جيڪو منهنجو پيارو پٽ آهين. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل، رحم ۽ سلامتي هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 ھي منھنجي پياري فرزند تيمٿيس ڏانھن لکجي ٿو. شل تو تي خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان فضل، رحم ۽ سلامتي ھجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 1:2
10 Iomraidhean Croise  

۽ هو دربي ۽ لسترہ ۾ بہ آيو: ۽ ڏسو، هڪڙو شاگرد تيمٿيس نالي اُتي هو. هو هڪڙيءَ يهودڻ جنهن ايمان آندو هو، تنهن جو پٽ هو، پر سندس پيءُ يوناني هو،


تنهن پولس جي طرفان، انهن سڀني ڏانهن، جي روما ۾ خدا جا پيارا آهن، ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهن: اوهان تي اسان جي پيءُ خدا، ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي هجي.


اي عزيزو، پاڻ پنهنجو وير نہ وٺو، پر (خدا جي) غضب کي واٽ ڏيو: ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ خداوند فرمائي ٿو، تہ ”وير وٺڻ منهنجو ڪم آهي، بدلو آئون ئي ڏيندس.“


انهي سبب ڪري مون تيمٿيس کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي، جو خداوند ۾ منهنجو پيارو ۽ ايماندار فرزند آهي، ۽ اُهو منهنجي هلت چلت جا مسيح ۾ آهي سا اوهان کي ياد ڏياريندو، جيئن ڪ آئون جتي ڪٿي سڀ ڪنهن ڪليسيا ۾ تعليم ڏيندو رهيو آهيان.


تنهنڪري، اي منهنجا پيارا ڀائرو، جن جو آئون مشتاق آهيان ۽ جي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، خداوند ۾ انهي طرح قائم رهو.


تيمٿيس ڏانهن جو ايمان جي ڪري منهنجو سچو فرزند آهي: خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند مسيح يسوع جو فضل ۽ رحم ۽ اطمينان تو تي هجي.


تنهنڪري اي منهنجا فرزند، جيڪو فضل مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن ۾ تون زور وارو ٿيءُ.


اسان جي ايمان جي شراڪت موجب منهنجي سچي فرزند طيطس ڏانهن: خدا پيءُ ۽ اسان جي نجات ڏيندڙ مسيح يسوع جو فضل ۽ اطمينان تو تي ٿيندو رهي.


۽ انهيءَ مبارڪ اُميد جي، يعني پنهنجي عظيم خدا ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي جلال جي ظاهر ٿيڻ جي انتظار ۾ رهون؛


منهنجي لاءِ انهي کان وڌيڪ ٻي خوشي ڪانهي تہ آئون پنهنجن ٻارن بابت ٻُڌان تہ اهي سچ جي پيروي پيا ڪن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan