Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 1:18 - Sindhi Bible

18 (شل خداوند هن کي اهو بخشي تہ انهي ڏينهن کيس خدا جو رحم حاصل ٿئي؛) ۽ جيڪي خدمتون هن افسس ۾ ڪيون، سي تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

18 شل پرڀو يسوع ائين ڪري جو سندس اچڻ واري ڏينهن هن تي پرڀو پرميشور جي ديا ٿئي. تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو تہ هن اِفسس شهر ۾ بہ منهنجي ڪيتري نہ مدد ڪئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

18 شل خداوند عيسيٰ ائين ڪري جو سندس اچڻ واري ڏينهن هن تي خداوند خدا جو رحم ٿئي. تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو تہ هن اِفسس شهر ۾ بہ منهنجي ڪيتري نہ مدد ڪئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

18 شل خداوند ھن کي انھيءَ ڏينھن تي پنھنجو رحم عطا ڪري. تو کي چڱيءَ طرح خبر آھي تہ ھن اِفسس شھر ۾ منھنجي ڪيتري نہ مدد ڪئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 1:18
26 Iomraidhean Croise  

۽ هن خداوند کي سڏي چيو تہ اي خداوند منهنجا خدا، تو هن زال جو پٽ ماري انهي تي بہ مصيبت آندي آهي ڇا؟


انهي لاءِ تہ اسان جن ابن ڏاڏن تي رحم آڻي، پنهنجو پاڪ عهد ياد فرمائي.


هي اسان جي خدا جي رحمدليءَ ڪري ٿيندو، جنهنڪري پرهہ ڦٽيءَ جو سوجهرو آسمان مان اسان کي ڏيکاري ڏيندو،


۽ هيروديس جي ديوان، خوزيءَ جي زال يونانہ، ۽ سوسنا، ۽ ٻيون بہ ڪيتريون هيون، جن پنهنجي مال سان سندس خدمت پئي ڪئي.


پوءِ هو افسس ۾ اچي پهتا؛ ۽ کين اتي ڇڏي، عبادتخاني ۾ وڃي يهودين سان بحث ڪرڻ لڳو.


پر کانئن هيئن چئي موڪلايائين تہ جي خدا گهُريو تہ آئون وري اوهان وٽ موٽي ايندس. پوءِ افسس مان جهاز تي چڙهي روانو ٿيو.


۽ هيئن ٿيو جو اڃا اپلوس ڪرنٿيس ۾ ئي هو، تہ پولس مٿين پرڳڻي مان ٿي افسس ۾ آيو، ۽ اُتي ڪن شاگردن کي گڏيو.


جو اوهان کي پڇاڙيءَ تائين قائم بہ رکندو، انهي لاءِ تہ اوهين اسان جي خداوند يسوع مسيح جي ڏينهن بي عيب هجو.


پر پنتيڪست جي عيد تائين افسس ۾ ترسندس،


تہ هر ڪنهن جو ڪم ظاهر ٿي پوندو، ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن انهن کي پڌرو ڪندو، جڏهن باهہ نازل ٿيندي، ۽ خود باهہ هرهڪ ماڻهوءَ جو ڪم پرکيندي تہ ڪهڙي قسم جو آهي.


پاڪ ٿيلن جي خدمت جي بابت منهنجو اوهان کي لکڻ اجايو آهي:


پر خدا، جو رحم سان ڀرپور آهي، تنهن پنهنجيءَ وڏيءَ محبت سببان، جا هن اسان سان ڪئي،


ڀلا اسان جي خداوند يسوع جي اڳيان سندس اچڻ وقت اُميد ۽ خوشي ۽ فخر جو تاج اوهين نہ ٿيندا تہ ٻيو ڪير ٿيندو؟


جيئن مون مڪدونيہ ڏانهن وڃڻ وقت توکي تاڪيد ڪئي هئي، تيئن افسس ۾ رهي ڪن ماڻهن کي اطلاع ڏي تہ ٻئي قسم جي تعليم نہ ڏين،


۽ انهي سبب ڪري آئون هي ڏک بہ ٿو سهان. تڏهن بہ آئون شرمايان نٿو، ڇالاءِ جو جنهن تي منهنجو ايمان آهي، تنهن کي آئون سڃاڻان ٿو، ۽ مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو انهي ڏينهن تائين سنڀال ڪري ٿو سگهي.


خداوند انيسفرس جي گهراڻي تي رحم ڪري: ڇالاءِ جو هن گهڻا ڀيرا مون کي تازو توانو ڪيو، ۽ منهنجي قيد جي ڪري شرمندو نہ ٿيو؛


۽ جڏهن هو روم ۾ هو، تڏهن ڪوشش سان ڳولا ڪري مون کي لڌائين،


پر تخڪس کي مون افسس ڏانهن موڪليو آهي.


هن کان پوءِ منهنجي لاءِ راستبازيءَ جو تاج تيار رکيو آهي، جو عادل منصف يعني خداوند انهي ڏينهن مون کي ڏيندو: ۽ نہ رڳو مون کي پر انهن سڀني کي جي سندس ظهور جا مشتاق آهن.


ڇالاءِ جو خدا اهڙو بي انصاف ناهي جو اوهان جو اُهو پورهيو، ۽ اوهان جي اُها محبت وساري ڇڏي، جا اوهان سندس نالي تي اهڙيءَ طرح ڏيکاري، جو پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين پيا ڪريو.


انهن نبين، جن انهيءَ فضل جي نبوت ڪئي جو اوهان تي ٿيڻ وارو هو، انهيءَ نجات جي تلاش ۽ تحقيقات ڪئي.


افسس واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک، تہ جنهن کي پنهنجي ساڄي هٿ ۾ ست تارا آهن ۽ جيڪو ستن شمعدانن جي وچ ۾ ٿو هلي، سو چوي ٿو تہ


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan