Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.تيمٿيس 1:16 - Sindhi Bible

16 خداوند انيسفرس جي گهراڻي تي رحم ڪري: ڇالاءِ جو هن گهڻا ڀيرا مون کي تازو توانو ڪيو، ۽ منهنجي قيد جي ڪري شرمندو نہ ٿيو؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

16 پرڀو يسوع شل اُنيسفرس جي گھراڻي تي ديا ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ڪيترائي ڀيرا قيد ۾ منهنجي سار سنڀال ڪئي ۽ منهنجي قيدي هئڻ سبب ڪا شرمساري محسوس نہ ڪيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

16 خداوند عيسيٰ شل اُنيسفرس جي گھراڻي تي رحم ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ڪيترائي ڀيرا قيد ۾ منهنجي سار سنڀال ڪئي ۽ منهنجي قيدي هئڻ سبب ڪا شرمساري محسوس نہ ڪيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

16 خدا شل اُنيسفرس جي گھراڻي تي رحم ڪري، ڇالاءِ⁠جو ھن ڪيترائي ڀيرا مون کي تازو توانو ڪيو ۽ منھنجي قيدي ھئڻ جي ڪري ڪو عار نہ ڪيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.تيمٿيس 1:16
27 Iomraidhean Croise  

۽ هاڻي شل خداوند اوهان کي مهرباني ۽ سچ ڏيکاري: ۽ آءٌ اوهان کي انهيءَ مهربانيءَ جو عيوض ڏيندس، ڇالاءِ جو اوهان ائين ڪيو آهي.


اي منهنجا خدا، انهيءَ جي ڳالهہ جي نسبت ۾ مون کي ياد ڪج ۽ جيڪي چڱا ڪم مون پنهنجي خدا جي گهر لاءِ ۽ اُن جي رسمن راهن پورين ڪرڻ لاءِ ڪيا، سي ميٽي نہ ڇڏج.


۽ مون لاوين کي حڪم ڏنو تہ پاڻ کي پاڪ ڪري اچي دروازن جي نگهباني ڪن، تہ سبت جو ڏينهن پاڪ رهي. اي منهنجا خدا، اهو بہ منهنجي حق ۾ ياد رکج، ۽ پنهنجيءَ وڏيءَ رحمت موجب مون کي معاف ڪج.


۽ ٺهرايل وقتن تي ڪاٺين جي نذراني، ۽ پهرين ڦر لاءِ بہ انهن کي مقرر ڪيم. اي منهنجا خدا، منهنجي يادگيري چڱائيءَ لاءِ ڪج.


اي منهنجا خدا، جيڪي مون هنن ماڻهن جي لاءِ ڪيو آهي، سو سڀ منهنجي چڱائيءَ لاءِ ياد ڪج.


رحم ڪندڙ سان تون رحيم آهين: ۽ ڪامل انسان سان تون ڪامل آهين.


هو سارو ڏينهن رحم ڪري قرض ٿو ڏئي؛ ۽ هن جي اولاد کي برڪت ٿي ملي.


پر انهي ڏينهن، خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي ڇڏائيندس: ۽ جن ماڻهن کان تون ڊڄين ٿو انهن جي هٿن ۾ نہ ڏنو ويندين.


ساڳيءَ طرح جنهن کي ٻہ قنطار مليا هئا، تنهن بہ ٻيا ٻہ ڪمايا.


مبارڪ آهن اُهي جي رحم دل آهن، ڇالاءِ جو اُنهن تي رحم ٿيندو.


پوءِ پلٽڻ جي سردار ويجهو اچي هن کي گرفتار ڪيو، ۽ حڪم ڏنائين تہ ٻن زنجيرن سان ٻَڌوس؛ ۽ پڇا ڪرڻ لڳو تہ هي ڪير آهي ۽ ڇا ڪيو اٿس؟


هاڻي انهي مطلب لاءِ مون اوهان کي گهُرايو آهي تہ آئون اوهان سان گڏجان، ۽ اوهان سان ڳالهہ ٻولهہ ڪريان: ڇالاءِ تہ جيڪا اسرائيل جي اُميد آهي، تنهن جي ڪري ئي مون کي هن زنجير ۾ ٻَڌو اٿن.


۽ هنن منهنجي ۽ اوهان جي روح کي تازو ڪيو. اهڙن کي قبول ڪريو.


جنهن جي لاءِ آئون زنجيرن ۾ ٻَڌل ايلچي آهيان؛ تہ انهي کي دليريءَ سان اهڙو بيان ڪريان، جهڙو بيان ڪرڻ مون تي فرض آهي.


۽ انهي سبب ڪري آئون هي ڏک بہ ٿو سهان. تڏهن بہ آئون شرمايان نٿو، ڇالاءِ جو جنهن تي منهنجو ايمان آهي، تنهن کي آئون سڃاڻان ٿو، ۽ مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو انهي ڏينهن تائين سنڀال ڪري ٿو سگهي.


۽ جڏهن هو روم ۾ هو، تڏهن ڪوشش سان ڳولا ڪري مون کي لڌائين،


(شل خداوند هن کي اهو بخشي تہ انهي ڏينهن کيس خدا جو رحم حاصل ٿئي؛) ۽ جيڪي خدمتون هن افسس ۾ ڪيون، سي تون چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿو.


تنهنڪري اسان جي خداوند جي شاهدي ڏيڻ کان، توڙي مون کان جو سندس قيدي آهيان، شرم نہ ڪر؛ پر خدا جي قدرت موجب، خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سهہ.


پرسڪا ۽ اڪولہ ۽ انيسفرس جي گهراڻي کي سلام ڏج.


هائو ادا، شل مون کي تنهنجي ڪري خداوند ۾ خوشي حاصل ٿئي: مسيح ۾ منهنجي دل کي تازو ڪر.


ڇالاءِ جو مون کي تنهنجي محبت جي ڪري گهڻي خوشي ۽ تسلي ٿي آهي: اي ادا، تنهنجي ڪري ئي پاڪ ٿيلن جون دليون تازيون ٿيون آهن.


ڇالاءِ جو جيڪي قيد ۾ هئا، تن سان اوهان همدردي بہ ڪئي، ۽ پنهنجي مال ملڪيت جو لُٽجي وڃڻ بہ خوشيءَ سان قبول ڪيو، ۽ يقين ڪيو تہ اوهان وٽ بهتر ۽ جٽاءُ ڪندڙ ملڪيت موجود آهي.


ڇالاءِ جو خدا اهڙو بي انصاف ناهي جو اوهان جو اُهو پورهيو، ۽ اوهان جي اُها محبت وساري ڇڏي، جا اوهان سندس نالي تي اهڙيءَ طرح ڏيکاري، جو پاڪ ٿيلن جي خدمت ڪئي اٿوَ ۽ اڃا تائين پيا ڪريو.


۽ نعوميءَ پنهنجي ننهن کي چيو تہ وڃو، اوهان مان هرڪا پنهنجي پنهنجي ماءُ جي گهر وڃي: شل خداوند اوهان سان مهرباني ڪري، جيئن اوهان هنن فوتين سان، ۽ مون سان مهرباني ڪئي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan