Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 6:2 - Sindhi Bible

2 ۽ جن جا مالڪ ايمان وارا آهن، تن کي هو نہ ڌڪارين، ڇو جو اُهي بہ ڀائر آهن؛ بلڪ انهن کي گهرجي تہ سندن بهتر خدمت ڪن، ڇالاءِ تہ جن کي (خدمت جو) فائدو ٿو ملي، سي ايمان وارا ۽ پيارا آهن. انهن ڳالهين جي تون تعليم ڏي ۽ نصيحت ڪر.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 جن وشواسي غلامن جا مالڪ بہ وشواسي آهن سي ائين نہ سمجھن تہ ”اسان کي پنهنجن مالڪن جو گھڻو مان ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي، ڇوجو اسين انهن جا وشواسي ڀائر ڀينر آهيون.“ ان جي بدران اهي مالڪن جي بهتر سيوا ڪن، ڇاڪاڻ تہ جن کي سندن سيوا جو فائدو ٿو ملي سي انهن جا هم‌وشواسي ۽ پيارا آهن. انهن سڀني ڳالهين جي تون ماڻهن کي سکيا ڏي ۽ نصيحت ڪر.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 جن ايمان وارن غلامن جا مالڪ بہ ايمان وارا آهن سي ائين نہ سمجھن تہ ”اسان کي پنهنجن مالڪن جي گھڻي عزت ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي، ڇوجو اسين انهن جا هم‌ايمان ڀائر ڀينر آهيون.“ ان جي بدران اهي مالڪن جي بهتر خدمت ڪن، ڇاڪاڻ تہ جن کي سندن خدمت جو فائدو ٿو ملي سي انهن جا هم‌ايمان ۽ پيارا آهن. انهن سڀني ڳالهين جي تون ماڻهن کي تعليم ڏي ۽ نصيحت ڪر.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 جن جا مالڪ ايمان وارا آھن سي انھن مالڪن کي حقير نہ سمجھن، ڇوجو اھي سندن ھم⁠ايمان آھن. ان جي بدران اھي مالڪن جي بھتر خدمت ڪن، ڇالاءِ⁠جو جن کي انھن جي خدمت جو فائدو ٿو ملي سي ايمان وارا ۽ سندن پيارا آھن. انھن ڳالھين جي تون تعليم ڏي ۽ نصيحت ڪر.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 6:2
31 Iomraidhean Croise  

اي مالڪو، پنهنجن نوڪرن سان عدل ۽ انصاف جي هلت ڪريو ۽ ياد رکو تہ اوهان جو بہ هڪڙو ڌڻي آهي.


انهن ڳالهين بابت حڪم ڪر ۽ تعليم ڏي.


تڏهن بہ ساڳيءَ طرح اهي ماڻهو بہ پنهنجن اجاين خيالن ۾ پئجي جسم کي ناپاڪ ٿا ڪن، ۽ حڪومت کي ڪين جهڙو ٿا ڄاڻن، ۽ جلال وارن کي بي عزت ٿا ڪن.


۽ خاص ڪري انهن کي جي جسم جي ناپاڪ خواهشن تي ٿا هلن، ۽ حڪومت کي ڪين جهڙو ٿا ڄاڻن، ۽ گستاخ ۽ ضدي آهن، ۽ جلال وارن جي گلا ڪرڻ کان بہ نٿا ڊڄن.


تنهنڪري اوهان ۾ جيڪي بزرگ آهن، تن کي آئون نصيحت ٿو ڪريان، جو آئون بہ اُنهن منجهان هڪڙو ۽ مسيح جي ڏکن جو شاهد آهيان، ۽ جيڪو جلال ظاهر ٿيڻ وارو آهي، تنهن ۾ بہ شريڪ آهيان؛


ڇالاءِ جو اسين مسيح ۾ شريڪ ٿيا آهيون، بشرطيڪ جيڪو يقين اسان کي شروع ۾ هو، تنهن تي توڙ تائين وفاداريءَ سان قائم رهندا اچون؛


تنهنڪري اي پاڪ ڀائرو، جي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آهيو، اوهين انهي رسول ۽ سردار ڪاهن تي، يعني يسوع تي غور ڪريو، جنهن کي اسين مڃون ٿا.


اها ڳالهہ سچي آهي، ۽ منهنجي مرضي آهي تہ تون انهن ڳالهين تي زور ڏي، انهي لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آهي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رهڻ جو خيال رکن. اهي ڳالهيون ماڻهن جي لاءِ چڱيون ۽ فائديمند آهن.


تون پوريءَ اختياريءَ سان انهن ڳالهين جو بيان ڪج ۽ نصيحت ڪج، ۽ ملامت ڪج؛ ۽ ڪوبہ ماڻهو تنهنجي حقارت نہ ڪري.


پر تون انهن ڳالهين جو بيان ڪج، جي صحيح تعليم موجب آهن:


ڪنهن وڏيءَ عمر واري کي ملامت نہ ڪر، پر پيءُ وانگر سمجهي هن کي صلاح ڏي؛ جوانن کي ڀائرن وانگر ڄاڻ؛


اي ڀائرو، اسان تي فرض آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ڪريون، ۽ گهرجي بہ ائين، ڇالاءِ جو اوهان جو ايمان گهڻو وڌندو ٿو وڃي، ۽ اوهان سڀني ۾ هرهڪ جو پيار پاڻ ۾ زيادہ ٿيندو ٿو وڃي،


جو اسان ٻُڌو آهي تہ اوهان بہ مسيح يسوع تي ايمان آندو آهي، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن سان اوهين محبت ٿا رکو،


انهن پاڪ ٿيلن ۽ مسيح ۾ ايماندار ڀائرن ڏانهن، جي ڪلسيءَ ۾ آهن، اسان جي پيءُ خدا جو فضل ۽ اطمينان شل اوهان تي هجي.


يعني هي تہ مسيح يسوع ۾ غير قومون خوشخبريءَ جي وسيلي ميراث ۾ شريڪ، ۽ بدن ۾ شامل، ۽ واعدي جو حصيدار آهن.


انهي لاءِ جيڪو اوهان جو ايمان يسوع مسيح تي آهي، ۽ جيڪا محبت اوهين سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن ظاهر ڪريو ٿا، تنهن بابت ٻُڌي،


پولس، جو خدا جي مرضيءَ موجب مسيح يسوع جو رسول آهي، تنهن جي طرفان انهن پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي افسس ۾ آهن ۽ مسيح يسوع ۾ ايماندار آهن؛


ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


پر جي ڪي ٽاريون ڀڃي ڇڏيون ويون، ۽ تون جهنگلي زيتون ٿي انهن ۾ پيوند ڪيو وئين، ۽ زيتون جي وڻ جي سڻڀيءَ رس واريءَ پاڙ ۾ هنن سان شريڪ ٿي وئين؛


ڇالاءِ جو جن کي هن اڳيئي ٿي ڄاتو، تن کي هن اڳيئي مقرر ڪري ڇڏيو، تہ سندس فرزند جا هم شڪل ٿين، انهي لاءِ تہ هو گهڻن ڀائرن ۾ پهريتو ٿئي.


۽ بادشاهہ ورندي ڏيئي چوندن تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان منهنجن هنن ڀائرن مان سڀ کان ننڍي سان ائين ڪيو، تہ مون سان ائين ڪيو.


پر اوهين پاڻ کي ربي متان سڏايو، ڇالاءِ جو اوهان جو اُستاد هڪڙو آهي، ۽ اوهين سڀيئي ڀائر آهيو.


ڪوبہ ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو يا تہ هو هڪڙي سان عداوت ڪندو ۽ ٻئي کي پيار ڪندو، يا تہ وري هڪڙي سان ميل رکندو ۽ ٻئي کي ليکيندو ئي ڪين. اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري ڪين سگهندا.


۽ انهي کانپوءِ هيئن ٿيندو تہ آءٌ پنهنجو روح سڀني انسانن تي اوتي وجهندس؛ ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئون نبوت ڪنديون، اوهان جا ٻڍا ماڻهو خواب لهندا، ۽ اوهان جا جوان ماڻهو رويا ڏسندا.


اهي موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف اچي گڏ ٿيا، ۽ انهن کي چوڻ لڳا تہ اوهين وڏي اختياري ٿا هلايو. جڏهن جماعت جو هرهڪ ماڻهو پاڪ آهي، ۽ خداوند انهن منجهہ آهي، تہ پوءِ اوهين پاڻ کي خداوند جي جماعت کان وڏا ڇو ٿا سمجهو؟


۽ اُنهن ڏينهن ۾ جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ ڄڻا اُتي اچي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پطرس سڀني ڀائرن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan