Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 5:4 - Sindhi Bible

4 پر جي ڪنهن بيوهہ زال کي پٽ يا پوٽا هجن تہ اُهي ڀلي پهرين پنهنجي گهراڻي سان دينداريءَ جي هلت ڪرڻ، ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جو بار لاهڻ سکن؛ ڇالاءِ جو خدا جي نظر ۾ اها ئي ڳالهہ چڱي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 پر جيڪڏهن ڪنهن وڌوا کي ڌيئر، پٽ يا انهن جا ٻار هجن تہ اهي سڀ کان پهريائين پنهنجي گھراڻي سان ڌرمچاريءَ واري هلت ڪرڻ ۽ پنهنجي ماتا پتا ۽ وڏن جو حق ادا ڪرڻ سکن، ڇاڪاڻ تہ ايشور کي اهو پسند آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 پر جيڪڏهن ڪنهن رن‌زال کي ڌيئر، پٽ يا انهن جا ٻار هجن تہ اهي سڀ کان پهريائين پنهنجي گھراڻي سان دينداريءَ واري هلت ڪرڻ ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ وڏن جو حق ادا ڪرڻ سکن، ڇاڪاڻ تہ خدا کي اهو پسند آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 پر جيڪڏھن ڪنھن رن⁠زال کي ڌيئر پٽ، يا انھن جا ٻار ھجن تہ اھي سڀ کان پھريائين پنھنجي گھراڻي سان دينداريءَ واري ھلت ڪرڻ ۽ پنھنجي ماءُ⁠پيءُ ۽ وڏن جو حق ادا ڪرڻ سکن، ڇالاءِ⁠جو خدا کي اھو پسند آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 5:4
18 Iomraidhean Croise  

۽ يوسف پنهنجي پيءُ، ۽ پنهنجي ڀائرن، ۽ پنهنجي سڄي خاندان کي، سندن ٻارن آهر کاڌو ڏيئي، سندن پرورش ڪئي.


يعقوب مصر جي ملڪ ۾ سترهن ورهيہ جيئرو رهيو: سو يعقوب جي سڄي عمر هڪ سؤ ستيتاليهہ ورهيہ ٿي.


هن جا قوم ۾ نہ پٽ نہ پوٽا رهندا، ۽ نہ سندس رهڻ جي جاءِ تي ڪو باقي رهندو.


سندس ٻار اُٿن ٿا ۽ کيس برڪت واري ٿا سڏين: سندس مڙس بہ سندس تعريف ڪري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ:


۽ لشڪرن جو خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ هنن جي برخلاف اُٿندس ۽ بابل مان سندن نالو نشان، ۽ جيڪي باقي بچيو آهي سو، ۽ پٽ ۽ پوٽا وڍي ڇڏيندس؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.


پوءِ هو ساڻن گڏجي ناصرت ۾ آيو؛ ۽ سندن چئي ۾ رهيو: ۽ سندس ماءُ اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي دل ۾ سانڍي رکيون.


اها ڳالهہ اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي نظر ۾ چڱي ۽ پسنديدہ آهي؛


جيڪڏهن ڪنهن ايمان واريءَ زال وٽ ڪي بيواهہ زالون هجن تہ اها ڀلي انهن جي پرگهور لهي، پر ڪليسيا تي انهن جو بار پوڻ نہ کپي؛ تہ جيئن ڪليسيا انهن جي مدد ڪري، جي سچ پچ بيوهہ آهن.


جن جا وات بند ڪرڻ گهرجن؛ اهڙا ماڻهو جي ناجائز نفعي جي خاطر جيڪي ڳالهيون سيکارڻ نہ گهرجن سي سيکاري، گهرن جا گهر ڦٽائي ٿا ڇڏين.


۽ انهيءَ کي چاليهہ پٽ ۽ ٽيهہ پوٽا هئا، جي ستر کودڙن تي چڙهندا هئا. ۽ انهيءَ اسرائيل جو اٺ سال انصاف ڪيو.


۽ اُهو هوءَ کڻي شهر ۾ ويئي: ۽ جيڪي هن گڏ ڪيو هو سو سندس سس ڏٺو: ۽ پيٽ ڀرڻ کان پوءِ جيڪي باقي بچايو هئائين سو بہ ڪڍي آڻي ڏنائينس.


۽ روٿ موآبي نعوميءَ کي چيو تہ هاڻي مون کي ٻنيءَ ۾ وڃڻ ڏي تہ جيڪو مون تي مهرباني جي نظر ڪري تنهن جي پٺيان لڳي ان جا سنگ چونڊي گڏ ڪريان. تڏهن هن چيس تہ اي منهنجي ڌيءَ، ڀلي وڃ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan