Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 5:2 - Sindhi Bible

2 وڏيءَ عمر وارين زالن کي مائون ڪري ڄاڻ، ۽ جوان زالن کي پوريءَ پاڪيزگيءَ سان ڀينرن وانگر سمجهہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 وڏي عمر وارين نارين کي ماتا وانگر ۽ جوان نارين کي ڀينرن وانگر سمجھي کين پوري پوِترتائيءَ سان سمجھاءِ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 وڏي عمر وارين عورتن کي ماءُ وانگر ۽ جوان عورتن کي ڀينرن وانگر سمجھي کين پوري پاڪيزگيءَ سان سمجھاءِ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

2 وڏيءَ عمر وارين عورتن کي ماءُ وانگر سمجھہ ۽ جوان عورتن کي ڀينرن وانگر سمجھي ساڻن پوريءَ پاڪيزگيءَ سان پيش اچ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 5:2
8 Iomraidhean Croise  

ڇالاءِ جو منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن جي مرضيءَ موجب جيڪو هلندو، سو ئي منهنجو ڀاءُ ۽ ڀيڻ ۽ ماءُ آهي.


هاڻي، اي ڀائرو، جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون اشرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون انصاف جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون چڱيون آهن؛ مطلب تہ جي ڪابہ نيڪي هجي، ۽ جي ڪابہ تعريف هجي، تہ انهن تي غور ڪندا رهجو.


هر طرح جي بديءَ کان پاسو ڪريو.


ڪوبہ ماڻهو تنهنجي جوانيءَ سببان تنهنجي حقارت نہ ڪري، پر تون ايمان وارن جي لاءِ، ڪلام ۽ هلت چلت ۾، محبت، ايمان ۽ پاڪيزگيءَ ۾ نمونو ٿيءُ.


ڪنهن وڏيءَ عمر واري کي ملامت نہ ڪر، پر پيءُ وانگر سمجهي هن کي صلاح ڏي؛ جوانن کي ڀائرن وانگر ڄاڻ؛


جيڪي بيوهہ زالون سچ پچ بيوهہ آهن، تن کي عزت ڏي.


پر جوانيءَ جي خواهشن کان پري ڀڄ، ۽ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي ٿا پڪارين، تن سان گڏ راستبازيءَ، ايمان، محبت ۽ صلح جو طالب ٿيءُ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan