Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 4:4 - Sindhi Bible

4 ڇالاءِ تہ سڀڪا شيءِ جا خدا خلقي آهي، سا چڱي آهي، ۽ رد ڪرڻ نہ گهرجي؛ بشرطيڪ اُها شڪرگذاريءَ سان قبول ڪئي وڃي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 ايشور جيڪي ڪجھہ جوڙيو آهي، سو چڱو آهي ۽ انهيءَ کي رد ڪرڻ نہ گھرجي. پر ضروري اهو آهي تہ انهيءَ کي ايشور جي شڪرگذاريءَ سان قبول ڪيو وڃي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 خدا جيڪي ڪجھہ جوڙيو آهي، سو چڱو آهي ۽ انهيءَ کي رد ڪرڻ نہ گھرجي. پر ضروري اهو آهي تہ انهيءَ کي خدا جي شڪرگذاريءَ سان قبول ڪيو وڃي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 ڇالاءِ⁠جو خدا جي پيدا ڪيل ھر شيءِ چڱي آھي ۽ ڪابہ رد ڪرڻ جھڙي ناھي، بشرطيڪ اھا شڪرگذاريءَ سان قبول ڪئي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 4:4
15 Iomraidhean Croise  

۽ جيڪي خدا جوڙيو هو تنهن سڀ تي نظر ڪيائين، ۽ ڏٺائين تہ تمام چڱو آهي. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو ۽ ڇهون ڏينهن ٿيو.


وري ٻيو ڀيرو آواز آيس تہ جيڪي خدا پاڪ ڪيو آهي، تنهن کي تون حرام نہ سمجهہ.


تہ جيڪي قربانيون بُتن تي چاڙهيندا آهن، ۽ رت، ۽ جيڪي جانور گهٽي ماريندا آهن، ۽ زنا، تن سڀني کان پاسو ڪريو؛ ۽ جيڪڏهن اوهين پاڻ کي انهن کان پاسي رکندا تہ اوهان جي لاءِ ڀلو ٿيندو. شال سلامت رهو.


پر غير قومن منجهان جن ايمان آندو آهي، تن جي نسبت ۾ اسان فيصلو ڪري لکيو هو، تہ هنن کي گهُرجي تہ جيڪي قربانيون بُتن تي چاڙهيل آهن تن کان، ۽ رت کان، ۽ جن جانورن کي گهُٽي ماريو اٿن تن کان، ۽ زنا کان پاسو ڪن.


آئون ڄاڻان ٿو، ۽ خداوند يسوع ۾ مون کي يقين آهي، تہ ڪابہ شيءِ پاڻوهي ناپاڪ نہ آهي: سواءِ هن جي تہ جيڪو ڪنهن شيءِ کي ناپاڪ سمجهي ٿو، تنهن جي لاءِ اُها ناپاڪ آهي.


کاڌي جي ڪري خدا جي ڪم کي نقصان نہ رسايو. سڀ شيون بيشڪ پاڪ آهن: پر انهي ماڻهوءَ جي لاءِ اها شيءِ خراب آهي جنهن جي کائڻ ڪري هو گمراهہ ٿو ٿئي.


جيڪو ڪنهن ڏينهن کي سڳورو ٿو سمجهي سو خداوند جي ڪري ائين سمجهي ٿو: ۽ جيڪو کائي ٿو سو خداوند جي خاطر ٿو کائي، ڇالاءِ جو خدا جو شڪر ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو نٿو کائي سو بہ خدا جي خاطر نٿو کائي، ۽ خدا جو شڪر ٿو ڪري.


سڀ شيون روا آهن، پر سڀ شيون فائدي واريون نہ آهن. سڀ شيون روا آهن، پر سڀني شين مان سڌارو نٿو ٿئي.


جيڪي ڪاسائين جي دڪانن تي وڪامي ٿو، سو کائو، ۽ پنهنجي ضمير خاطر ڪوبہ سوال نہ پڇو.


ڇالاءِ جو ”زمين ۽ انهي جي ڀرپوري خداوند جي آهي.“


جيڪڏهن آئون شڪر ڪري ٿو کان، تہ جنهن ڳالهہ جي لاءِ شڪر ٿو ڪريان، تنهن جي ڪري ڇو منهنجي بدنامي ٿئي؟


اهو ٽڪر آهي، ۽ سندس ڪم ڪامل آهي؛ ڇالاءِ جو هن جا سڀ رستا انصاف وارا آهن: هو سچو ۽ گناهہ کان پاڪ آهي، هو عادل ۽ راستباز آهي.


اُهي شادي ڪرڻ کان منع ڪندا، ۽ انهن کاڌن کائڻ کان پرهيز ڪندا، جي خدا انهي لاءِ پيدا ڪيا آهن تہ ايماندار ۽ حق سڃاڻڻ وارا، اُهي شڪرگذاريءَ سان کائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan