Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 4:3 - Sindhi Bible

3 اُهي شادي ڪرڻ کان منع ڪندا، ۽ انهن کاڌن کائڻ کان پرهيز ڪندا، جي خدا انهي لاءِ پيدا ڪيا آهن تہ ايماندار ۽ حق سڃاڻڻ وارا، اُهي شڪرگذاريءَ سان کائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 اهڙا ماڻهو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ کاڌي وارين ڪن شين کان پرهيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين، جڏهن تہ اهي شيون ايشور انهيءَ لاءِ پيدا ڪيون آهن تہ جيڪي ماڻهو وشواس رکن ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انهن کي شڪرگذاريءَ سان کائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 اهڙا ماڻهو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ کاڌي وارين ڪن شين کان پرهيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين، جڏهن تہ اهي شيون خدا انهيءَ لاءِ پيدا ڪيون آهن تہ جيڪي ماڻهو ايمان رکن ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انهن کي شڪرگذاريءَ سان کائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 اھڙا ماڻھو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ ڪن کاڌن کائڻ کان پرھيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين. پر خدا اھي کاڌا انھيءَ لاءِ پيدا ڪيا آھن تہ جيڪي ماڻھو ايمان آڻين ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انھن کي شڪرگذاريءَ سان کائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 4:3
30 Iomraidhean Croise  

زمين تي هلندڙ سڀ ساهوارا اوهان جي خوراڪ لاءِ ٿيندا، اهي مون نباتات وانگر اوهان کي ڏنا آهن.


ڏسو، جيڪي مون چڱو ۽ ٺاهوڪو ڏٺو آهي سو هي آهي، تہ ماڻهو کائي ۽ پيئي، ۽ پنهنجي محنت جو چڱو ڦل ڀوڳي، جا محنت هو، جيڪي حياتيءَ جا ڏينهن خدا ڏنا اٿس، تن ۾ سج هيٺان ڪري ٿو: ڇا لاءِ جو اهو ئي هن جو حصو آهي.


نڪي هو پنهنجن ابن ڏاڏن جي معبودن ڏانهن ڪو ڌيان ڏيندو، نڪي زالن جي خواهش، يا ڪنهن معبود جو خيال ڪندو: ڇالاءِ جو هو پاڻ کي سڀني کان وڏو سمجهندو.


۽ ميڙاڪن کي حڪم ڏنائين تہ گاهہ تي ويهي وڃو: ۽ اُهي پنج مانيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي، آسمان ڏي نهاري، برڪت گهُري مانيون ڀڃي شاگردن کي ڏنائين، ۽ شاگردن وري ماڻهن کي ڏنيون.


جيڪا شيءِ وات ۾ ٿي گهڙي سا ماڻهوءَ کي پليت نٿي ڪري؛ پر جيڪا وات مان نڪري ٿي، اُها ئي ماڻهوءَ کي پليت ٿي ڪري.


۽ هن اُهي ست مانيون ۽ ننڍيون مڇيون کڻي شڪر ڪري، ٽڪر ٽڪر ڀڃي شاگردن کي ڏنا، ۽ شاگردن وري اُهي ماڻهن کي ڏنا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن سان گڏ کائڻ ويٺو، تڏهن ماني کڻي اُن تي برڪت گهُريائين، ۽ پوءِ اُها ڀڃي هنن کي ڏنائين.


(اگرچہ جتي خداوند جي شڪرانن چوڻ بعد هنن ماني کاڌي هئي، انهيءَ جاءِ جي ويجهو ٻيا مڇئا تبرياس کان آيا هئا).


۽ جڏهن ائين چئي رهيو ۽ ماني ورتائين، تڏهن سڀني جي اڳيان خدا جو شڪر ڪري اُها ڀڃي کائڻ لڳو.


ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت کائڻ پيئڻ تي منحصر نہ آهي، پر راستبازي، ۽ ميل ميلاپ، ۽ انهيءَ خوشيءَ تي ٻَڌل آهي جا پاڪ روح جي طرفان آهي.


جيڪو کائي ٿو سو نہ کائڻ واري کي حقير نہ سمجهي، ۽ جيڪو نٿو کائي سو کائڻ واري تي الزام نہ لڳائي: ڇالاءِ جو خدا هن کي قبول ڪيو آهي.


جيڪو ڪنهن ڏينهن کي سڳورو ٿو سمجهي سو خداوند جي ڪري ائين سمجهي ٿو: ۽ جيڪو کائي ٿو سو خداوند جي خاطر ٿو کائي، ڇالاءِ جو خدا جو شڪر ٿو ڪري؛ ۽ جيڪو نٿو کائي سو بہ خدا جي خاطر نٿو کائي، ۽ خدا جو شڪر ٿو ڪري.


کاڌو پيٽ لاءِ آهي ۽ پيٽ کاڌي لاءِ، پر خدا ٻنهي کي چٽ ڪري ڇڏيندو. بدن زناڪاريءَ جي لاءِ ڪينهي پر خداوند جي لاءِ آهي، ۽ خداوند بدن جي لاءِ آهي.


پر جي شادي ڪندين تہ بہ تو گناهہ ڪونہ ڪيو، ۽ جي ڪا ڪنواري شادي ڪري تہ بہ گناهہ ڪونہ ڪيائين. مگر جيڪي شادي ٿا ڪن سي دنياوي ڏک سهندا، ۽ منهنجي مرضي آهي تہ اوهين انهن کان بچيا رهو.


پر کاڌو خدا وٽ اسان جي سفارش ڪانہ ڪندو، نڪي جي نہ کائينداسين تہ اسان کي ڪو نقصان پهچندو، نڪي جي کائينداسين تہ اسان کي ڪو فائدو ٿيندو.


تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو کاڌي پيتي بابت، يا ڪنهن عيد يا نئين چنڊ يا سبت جي نسبت ۾ اوهان تي الزام نہ آڻي؛


۽ جيڪي بہ ڪريو، قول يا فعل، سو سڀ خداوند يسوع مسيح جي نالي تي ڪريو، ۽ انهي جي وسيلي خدا پيءُ جا شڪرانا بجا آڻيو.


جنهن جي مرضي آهي تہ سڀني ماڻهن کي نجات ملي، ۽ سچ جي خبر پوينِ.


ڇالاءِ تہ سڀڪا شيءِ جا خدا خلقي آهي، سا چڱي آهي، ۽ رد ڪرڻ نہ گهرجي؛ بشرطيڪ اُها شڪرگذاريءَ سان قبول ڪئي وڃي:


تنهنڪري منهنجي مرضي آهي تہ جوان بيوهہ زالون ڀلي تہ شادي ڪن، ۽ ٻار ڄڻين، ۽ گهر گهاٽ هلائين، ۽ دشمن کي گلا ڪرڻ جو وجهہ نہ ڏين:


سڀني کي سمجهڻ گهرجي تہ شادي وڏي عزت جي ڳالهہ آهي، ۽ بسترو بي داغ رهي؛ ڇالاءِ جو زناڪارن ۽ حرامڪارن کي خدا سزا ڏيندو.


جدا جدا قسم جي ۽ ڌارين تعليمن تي لڳي گمراهہ نہ ٿيو: ڇالاءِ جو فضل جي وسيلي دل کي قائم رکڻ چڱو آهي، نہ انهن طعامن جي وسيلي جن جي کائڻ وارن کي فائدو حاصل ڪونہ ٿيو.


شهر ۾ اچڻ شرط، ۽ سندس مٿانهين هنڌ کائڻ لاءِ وڃڻ کان اڳي، اوهين هن کي ڏسندا، ڇالاءِ جو ماڻهو تيسين نہ کائيندا جيسين ڪ هو ايندو، جو هو قربانيءَ تي برڪت ڏيندو آهي؛ ۽ پوءِ جن کي حڪم ملندو آهي سي کائيندا آهن. تنهنڪري هاڻي اوهين مٿي چڙهو؛ ڇالاءِ جو هن وقت اوهان کي هو ملندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan