Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 3:4 - Sindhi Bible

4 پنهنجي گهر جو پوريءَ طرح بندوبست رکڻ وارو ۽ پنهنجن ٻارن کي تمام سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو هجي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 هو پنهنجي گھر جو چڱيءَ طرح سنڀاليندڙ ۽ پنهنجي ٻارن کي پوري سنجيدگيءَ سان وس هيٺ رکڻ وارو هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 هو پنهنجي گھر جو چڱيءَ طرح سنڀاليندڙ ۽ پنهنجي ٻارن کي پوري سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 ھو پنھنجي گھر جو چڱيءَ طرح سنڀاليندڙ ۽ پنھنجي ٻارن کي پوري سنجيدگيءَ سان تابع رکڻ وارو ھجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 3:4
10 Iomraidhean Croise  

ڇالاءِ جو مون کي هن جي خبر آهي تہ هو ضرور پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجي خاندان کي، جو کانئس پوءِ ٿيندو، تنهن کي حڪم ڪندو تہ هو خداوند جي واٽن تي قائم رهن، انصاف ۽ عدالت ڪن؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جيڪي ابرهام جي بابت چيو آهي سو پورو ڪري.


هو ديندار ماڻهو هو، ۽ پاڻ توڙي سندس گهراڻو سڀ خدا جو ڊپ رکندا هئا؛ ۽ هو اُمت کي گهڻي خيرات ڏيندو هو، ۽ هميشہ خدا کان دعا گهُرندو هو.


پر جيئن ڪليسيا مسيح جي تابع آهي، تيئن زالن کي بہ سڀ ڪنهن ڳالهہ ۾ پنهنجن مڙسن جي تابع رهڻ کپي.


هاڻي، اي ڀائرو، جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون اشرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون انصاف جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون چڱيون آهن؛ مطلب تہ جي ڪابہ نيڪي هجي، ۽ جي ڪابہ تعريف هجي، تہ انهن تي غور ڪندا رهجو.


خادم کي بہ هڪڙيءَ زال جو مڙس هئڻ گهرجي، ۽ هو ٻارن ۽ پنهنجي گهر جو چڱيءَ طرح انتظام ڪن.


جي بي الزام هجن، ۽ هڪڙي ئي زال هجينِ، ۽ سندن ٻار ايمان وارا هجن، ۽ مٿن بدچاليءَ يا سرڪشيءَ جي تهمت نہ آيل هجي.


يعني تہ پير مرد پرهيزگار، سنجيدا ۽ سالم دل هجن، ۽ اهي ايمان ۽ محبت ۽ صبر ۾ قائم هجن.


سڀني ڳالهين ۾ پاڻ کي چڱن ڪمن جو نمونو ڪري ڏيکار؛ پنهنجي تعليم ۽ صفائي ۽ سنجيدگي ڏيکاريندو رهہ.


۽ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي خراب نظر ۾ اچي، تہ اڄوڪي ڏينهن فيصلو ڪريو تہ ڪنهن جي عبادت ڪرڻ گهرو ٿا: اُهي معبود جن جي عبادت اوهان جا ابا ڏاڏا نديءَ جي هن ڀر ڪندا هئا، يا امورين جا معبود جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا: پر آءٌ ۽ منهنجو گهراڻو، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan