Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 3:1 - Sindhi Bible

1 اها ڳالهہ سچي آهي تہ جيڪو ماڻهو نگهبان (بشپ) جو عهدو ٿو چاهي تہ اهو چڱي ڪم جي خواهش ٿو ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 اهو سچ آهي تہ جيڪو ماڻهو وشواسي منڊليءَ ۾ سنڀاليندڙ جو عهدو وٺڻ گھري ٿو، سو چڱي ڪم جي خواهش ٿو ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 اهو سچ آهي تہ جيڪو ماڻهو ڪليسيا ۾ نگهبان جو عهدو وٺڻ گھري ٿو، سو چڱي ڪم جي خواهش ٿو ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

1 اھا ڳالھہ سچي آھي تہ جيڪو ماڻھو نگھبان جو عھدو وٺڻ گھري ٿو، سو چڱي ڪم جي خواھش ٿو ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 3:1
19 Iomraidhean Croise  

سچي جو ڦل حياتيءَ جو وڻ آهي؛ ۽ جيڪو ڏاهو آهي سو دلين کي موهي وجهي ٿو.


ساڳيءَ ريت آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هڪڙو گنهگار جو توبهہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ خدا جي ملائڪن ۾ خوشي ٿي ٿئي.


ڇالاءِ جو زبور جي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ”سندس رهڻ جي جاءِ ويران ٿي پوي ۽ اتي ڪوبہ ڪونہ رهي: ۽ سندس عهدو ٻئي ڪنهن کي ملي.“


اوهين پنهنجي ۽ اُنهي ساري ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن جو پاڪ روح اوهان کي نگهبان مقرر ڪيو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جا هن خاص پنهنجي رت سان خريد ڪئي.


پر آئون اوهان غير قومن سان ٿو ڳالهايان. ڇوتہ آئون غير قومن جو رسول آهيان، تنهنڪري پنهنجي خدمت جي وڏائي ٿو ڪريان:


انهي لاءِ تہ پاڪ ٿيل ڪامل ٿي، خدمتگاريءَ جو ڪم ڪندا رهن، تہ مسيح جو بدن ترقي ڪري:


مسيح يسوع جي بندن پولس ۽ تيمٿيس جي طرفان مسيح يسوع جي انهن سڀني پاڪ ٿيلن ڏانهن، جي فلپي ۾ آهن، نگهبانن (بشپن) ۽ خادمن ڊيڪنن سميت:


اي ڀائرو، اسين اوهان کي نصيحت ٿا ڪريون تہ بي قاعدي هلڻ وارن کي سمجهايو، ۽ جيڪي بي همت آهن، تن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو، سڀني سان ڏاڍي صبر سان گذاريو.


اها ڳالهہ سچي ۽ هر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي تہ مسيح يسوع گنهگارن کي نجات ڏيڻ لاءِ دنيا ۾ آيو؛ جن مان آئون سڀني کان وڏو آهيان.


اها ڳالهہ سچي آهي ۽ هر طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي.


اها ڳالهہ سچي آهي، تہ جيڪڏهن اسين هن سان گڏ مُئاسين تہ وري هن سان گڏ جيئرا بہ ٿينداسين:


ڇالاءِ جو نگهبان (بشپ) جو خدا جو خدمتگار آهي، سو بي الزام هئڻ گهرجي، نہ خود راءِ، نہ چيڙاڪ، نہ نشي ۾ جهيڙا ڪندڙ، نہ مارڪٽ ڪندڙ، نہ ناجائز نفعي جو لالچي؛


اها ڳالهہ سچي آهي، ۽ منهنجي مرضي آهي تہ تون انهن ڳالهين تي زور ڏي، انهي لاءِ تہ جن خدا تي ايمان آندو آهي، سي چڱن ڪمن ۾ مشغول رهڻ جو خيال رکن. اهي ڳالهيون ماڻهن جي لاءِ چڱيون ۽ فائديمند آهن.


خبرداريءَ سان نظر ڪندا رهو، تہ ڪوبہ ماڻهو خدا جي فضل کان محروم نہ رهجي وڃي؛ متان ڪا ڪَڙي پاڙ ڦُٽي اوهان کي تڪليف ڏئي، ۽ انهي جي ڪري گهڻا ناپاڪ ٿي پون؛


ڇالاءِ جو پهرين اوهين رڍن وانگر رُلي ويا هئا؛ پر هاڻي پنهنجن روحن جي ڌنار ۽ نگهبان (بشپ) وٽ موٽي آيا آهيو.


پر ڏسو، متان اوهان مان ڪوبہ خوني، يا چور، يا بدڪار، يا ٻين جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪندڙ ٿي ڏک سهي.


خدا جو ڌڻ، جو اوهان جي سپرد آهي، تنهن کي اوهين چاريو ۽ انهي جي نگهباني ڪريو، نہ لاچاريءَ سبب، پر خوشيءَ سان، نہ پيسي جي لالچ تي، پر دل جي شوق سان؛


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan